”تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ جيڪي مخصوص قربانيون بني اسرائيل جا ماڻهو منهنجي لاءِ وقف ڪن ٿا تن کي هو احتياط سان هٿ لائين، تانتہ منهنجي پاڪ نالي جي بيحرمتي نہ ٿئي. آءٌ خداوند آهيان.
تون انهن کي چئُہ تہ ’اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ناپاڪيءَ واري حالت ۾ انهن مخصوص قربانين جي ويجھو ويندو، جيڪي بني اسرائيل جي ماڻهن مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيون هونديون، تہ انهيءَ کي منهنجي خدمت واري ڪم مان خارج ڪيو ويندو. آءٌ خداوند آهيان.‘
هارون جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض يا جريان جي مرض وارو هجي، تہ اهو جيستائين پاڪ نہ ٿئي تيستائين انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪاهن آهي جو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهي جيڪا ڪنهن مُڙدي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا ڪاهن انزال ٿيو هجي،
بني اسرائيل جيڪي مخصوص قربانيون مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، ڪاهن ٻين ماڻهن کي تن جي کائڻ جي اجازت ڏيئي انهن مخصوص قربانين جي بيحرمتي نہ ڪن. انهيءَ سان گناهہ انهن ماڻهن جي سر تي پوندو. آءٌ خداوند آهيان جيڪو انهن قربانين کي مخصوص ٿو ڪريان.“
”تون هارون ، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چئُہ تہ بني اسرائيل قوم مان يا وٽن رهندڙ ڌارين مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي باس واري توڙي خوشيءَ جي قرباني، مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري،
انڌو، منڊوٽنڊو، زخمي، وهندڙ ڦٽ وارو يا چمڙيءَ جي بيماريءَ وارو جانور مون خداوند جي لاءِ پيش نہ ڪيو وڃي، نڪي انهن مان ڪنهن کي قربانگاهہ تي آڻي، مون خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور ساڙيو وڃي.
نڪي هو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان انهن مان ڪو وٺي مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ طور پيش ڪن. اهڙن عيبدار جانورن ۾ خرابي آهي ۽ اهي هنن جي طرفان قبول نہ پوندا.“