بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو آءٌ اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين کي بہ مون خداوند جي لاءِ سبت جو آرام ملي.
پر ستون سال انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو يعني سبت جو سال مون خداوند جي لاءِ وقف ٿيندو. انهيءَ سال اوهين نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جي ول کي ڇانگجو.
اوهان جي ٻنيءَ ۾ جيڪو فصل پاڻيهي پيدا ٿئي سو اوهين نہ لڻجو، نڪي اڻڇانگيل انگورن جي ول مان انگور ميڙي گڏ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ زمين جي لاءِ اهو سال پوري آرام جو سال آهي.
زمين جي انهيءَ سبت واري سال جي پيداوار اوهان سڀني جي لاءِ يعني اوهان لاءِ، اوهان جي ٻانهن، ٻانهين، اوهان جي پورهيتن ۽ انهن ڌارين جيڪي اوهان وٽ رهن ٿا تن سڀني جي کاڌي لاءِ هوندي.
اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ پنجاهين سال کي مخصوص ڪري ليکجو ۽ ملڪ جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪرائجو. اهو اوهان جي لاءِ بحاليءَ جو سال ٿيندو. انهيءَ سال هر ڪو پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو اچي مالڪ ٿيندو ۽ هر وڪاميل شخص موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.
بحاليءَ جي سال کان پوءِ جيترا پيداواري سال گذريا هجن، تن جي شمار موجب اوهين پنهنجي قوم واري کان خريداري ڪجو ۽ هو بہ ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين پيداواري سال شمار ڪري وڪرو ڪري.
جيڪڏهن وڌيڪ سال باقي هجن، تہ انهن موجب انهيءَ جي قيمت وڌائجو ۽ جيڪڏهن ٿورا سال باقي هجن، تہ انهن موجب اوهين انهيءَ جي قيمت گھٽائجو، ڇو تہ هو فصلن جي شمار موجب انهيءَ جي پيداوار اوهان کي وڪڻي ٿو ڏئي.
تہ هو انهيءَ جي وڪري جا سال شمار ڪري ۽ ايندڙ بحاليءَ جي سال مان باقي رهيل سالن جي لاءِ واجب رقم انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽائي ڏئي جنهن کي زمين وڪي هئائين. پوءِ هو وري پنهنجي ملڪيت جو وڃي مالڪ ٿئي.
پر جيڪڏهن هن وٽ پنهنجي ملڪيت موٽائي وٺڻ جيتري رقم نہ هجي، تہ پوءِ وڪاميل ملڪيت ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين خريدار جي قبضي ۾ رهندي. بحاليءَ جي سال ۾ اها ڇڏائجي ويندي، پوءِ اصلي مالڪ پنهنجي ملڪيت جو وري وڃي مالڪ ٿيندو.
پر جيڪڏهن هڪڙي سال جي پوري ٿيڻ تائين هو اهو نہ ٿو ڇڏائي، تہ پوءِ اهو گھر هميشہ جي لاءِ خريدار جي پيڙهين تائين سندن قبضي ۾ رهندو. اهو بحاليءَ جي سال ۾ بہ ڇڏائجي ڪين سگھندو.
تنهنڪري هر لاوي ڇڏائڻ واري پنهنجي انهيءَ حق کي استعمال ڪري يا لاوين جي ملڪيت واري شهر ۾ اهو وڪاميل گھر بحاليءَ جي سال ۾ ڇڏائي، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل منجھہ لاوين جي شهرن جا گھر لاوين جي ئي ملڪيت آهن.
اوهين ڀلي انهن کي پنهنجي لاءِ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي ٻارن لاءِ ميراث ڪري ڇڏجو، جيئن اهي انهن جي ملڪيت ٿين. اوهين انهن کي هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگھندا، پر پنهنجي قوم بني اسرائيل مان اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو.
تڏهن سندس خريدار ۽ هو پاڻ وڪري جي وقت کان وٺي ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين سالن جو حساب ڪن ۽ باقي رهيل سالن لاءِ هڪ مزدور جي مزدوريءَ جي حساب سان ٺهندڙ رقم خريدار کي ڏيئي پاڻ کي ڇڏائي سگھي ٿو.
بحاليءَ جي سال تائين جيترا بہ سال باقي رهيل هجن، گھڻا توڙي ٿورا، مطلب تہ انهن سالن جي حساب موجب هو پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت موٽائي ڏئي جنهن ۾ هو وڪاڻو هجي.
تيستائين هو انهيءَ نوڪر وانگر پنهنجي مالڪ وٽ رهندو اچي، جنهن جي اجرت سال بسال مقرر ڪبي آهي. اوهان کي اهو خيال رکڻ گھرجي تہ هن جو مالڪ مٿس سختيءَ سان حڪم نہ هلائي.
جيئن تہ اوهين بني اسرائيل ، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، سي منهنجا ئي ٻانها آهيو، تنهنڪري اوهين هميشہ غلام نہ ٿا رهي سگھو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“