۽ جيڪڏهن انهي جي عمر هڪڙي مهيني کان وٺي پنجن سالن تائين هجي، تہ پوءِ تون مرد جي لاءِ چانديءَ جا پنج مشقال، ۽ زال جي لاءِ چانديءَ جا ٽي مشقال انداز مقرر ڪج.
جيڪڏهن انهي جي عمر سٺ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، تہ پوءِ جي مرد هجي، تہ اُنهي جي لاءِ پندرهن مشقال، ۽ جي زال هجي تہ انهيءَ جي لاءِ ڏهہ مشقال انداز مقرر ڪج.
پر جيڪڏهن انهي جي وسعت تنهنجي ٺهرايل انداز کان گهٽ هجي تہ انهي کي ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪيو وڃي، ۽ ڪاهن انهي مڃت مڃڻ واري جي وسعت آهر انهي جي قيمت مقرر ڪري.
هو انهي کي بدلائي نہ، نڪي خراب جي بدران چڱو، يا چڱي جي بدران خراب ڏئي: پر جيڪڏهن هو هڪڙي جانور جي بدران ٻيو جانور ڏيڻ ضروري سمجهي، تہ اُهو جانور ۽ ٻيو جيڪو انهي جي بدران ڏيڻ ٿو چاهي، سي ٻئي پاڪ ٿيندا.
پر جيڪڏهن هو جشن واري سال کان پوءِ پنهنجي ٻني پاڪ ٺهرائي، تہ پوءِ ڪاهن اوترن ورهين جو حساب ڪري، جيترا جشن جي سال تائين باقي رهندا هجن، ۽ ٺهرايل قيمت گهٽائي وڃي.
تہ ڪاهن کي گهرجي تہ جيترا ورهيہ جشن جي سال تائين باقي هجن، تن جو تنهنجي ٺهرايل انداز موجب حساب ڪري: ۽ هو انهي ڏينهن تنهنجي ٺهرايل قيمت ڏئي، تہ خداوند جي لاءِ پاڪ ٿئي.
هو اهو خيال نہ ڪري، تہ اهو چڱو آهي يا خراب، نڪي هو اُنهيءَ کي بدلائي: پر جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري هو انهي کي بدلائڻ ضروري سمجهي تہ اهو جانور، ۽ ٻيو جيڪو انهي جي بدران ڏيڻ ٿو چاهي، سي ٻئي پاڪ ٿيندا؛ اهو عيوضو ڏيئي ڇڏائي نہ سگهبو.