|
| 1 |
|
| ۽ اٺين ڏينهن هيئن ٿيو، جو موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي، ۽ بني اسرائيل جي بزرگن کي پاڻ وٽ سڏيو؛ |
|
| 2 |
|
| ۽ هارون کي چيائين، تہ هڪڙو وهڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو بي عيب گهٽو سوختني قربانيءَ لاءِ وٺ، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر. |
|
| 3 |
|
| ۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو نر ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ هڪڙو گهٽو، جي ٻئي بي عيب ۽ يڪسالا هجن؛ |
|
| 4 |
|
| ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گهٽو، خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهڻ لاءِ آڻي پيش ڪريو؛ ۽ تيل ۾ ڳوهيل کاڌي جي قرباني بہ آڻيو: ڇالاءِ جو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو. |
|
| 5 |
|
| تڏهن هو موسيٰ جي حڪم موجب، سڀ ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ جي اڳيان کڻي آيا: ۽ ساري جماعت ويجهو اچي خداوند جي حضور ۾ بيٺي. |
|
| 6 |
|
| ۽ موسيٰ چيو، تہ جنهن ڪم ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سو هي آهي: ۽ خداوند جو جلال اوهان تي ظاهر ٿيندو. |
|
| 7 |
|
| پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون قربانگاهہ جي ويجهو وڃ، ۽ پنهنجي گناهہ جي قرباني، ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪر: ۽ اُمت جي قرباني چاڙهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي. |
|
| 8 |
|
| سو هارون قربانگاهہ وٽ ويو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو جو سندس لاءِ هو، سو ذبح ڪيائين. |
|
| 9 |
|
| ۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي وٽس حاضر ڪيو، ۽ هن پنهنجي آڱر رت ۾ ٻوڙي قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ باقي رت قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏيائين؛ |
|
| 10 |
|
| ۽ انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ مان چرٻي، ۽ بڪيون، ۽ جيري جو پردو ڪڍي قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. |
|
| 11 |
|
| ۽ گوشت ۽ کل منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ ۾ ساڙي ڇڏيائين. |
|
| 12 |
|
| پوءِ هن سوختني قرباني ذبح ڪئي؛ ۽ هارون جي پٽن انهي جو رت آڻي کيس ڏنو، ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو. |
|
| 13 |
|
| پوءِ هنن سوختني قرباني ٽڪر ٽڪر ڪري، سري سميت کيس ڏني: ۽ هن اُهي قربانگاهہ تي رکي ساڙيا. |
|
| 14 |
|
| پوءِ هن آنڊا ۽ پاوا ڌوتا، ۽ انهن کي قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙيائين. |
|
| 15 |
|
| پوءِ هن اُمت جي قرباني آڻي حاضر ڪئي، ۽ جيڪو ٻڪر اُمت جي لاءِ گناهہ جي قرباني هو، سو آڻي ذبح ڪيائين، ۽ پهرئين وانگر انهي کي گناهہ جي لاءِ پيش ڪيائين. |
|
| 16 |
|
| پوءِ هن سوختني قرباني آڻي حاضر ڪئي، ۽ حڪم موجب اها چاڙهيائين. |
|
| 17 |
|
| پوءِ هن کاڌي جي قرباني پيش ڪئي، ۽ انهيءَ مان پنهنجي مٺ ڀري، صبح واري سوختني قربانيءَ جي ڀرسان، اها قربانگاهہ تي رکي ساڙيائين. |
|
| 18 |
|
| ۽ اُمت جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني طور، جيڪو ڏاند ۽ گهٽو هو، تن کي بہ هن ذبح ڪيو: ۽ هارون جي پٽن انهن جو رت آڻي کيس ڏنو ۽ هن اهو قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاريو، |
|
| 19 |
|
| ۽ ڏاند جي چرٻي، ۽ گهٽي جي چرٻي، دنب ۽ آنڊن جي مٿان جيڪا چرٻي هئي، ۽ بڪيون ۽ جيري جو پردو، اهي سڀ ڪڍي ڇڏيائين، |
|
| 20 |
|
| ۽ هنن اها چرٻي سينن تي رکي، پوءِ هن چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: |
|
| 21 |
|
| ۽ هارون سينا ۽ ساڄي ران کڻي، لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ خداوند جي حضور ۾ لوڏيا؛ جيئن ڪ موسيٰ فرمايو هو. |
|
| 22 |
|
| ۽ هارون پنهنجا هٿ ماڻهن ڏانهن کڻي، کين برڪت ڏني: ۽ هو گناهہ جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قرباني چاڙهي هيٺ لٿو. |
|
| 23 |
|
| پوءِ موسيٰ ۽ هارون جماعت واري تنبوءَ ۾ ويا، ۽ اتان ٻاهر اچي ماڻهن کي برڪت ڏنائون: ۽ خداوند جو جلال سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيو. |
|
| 24 |
|
| ۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون. |
|
|
|
|