Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| تڏهن يوناہ مڇيءَ جي پيٽ ۾ پئي ئي، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهري، ۽ چيائين تہ: |
| 2 |
| مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو. |
| 3 |
| ڇالاءِ جو تو مون کي اونهاڙ ۾، يعني سمنڊ جي وچ ۾ اُڇلائي وڌو، ۽ پاڻي مون کي وڪوڙي ويا؛ تنهنجون سڀ لهرون ۽ موجون مون تان لنگهي ويون. |
| 4 |
| ۽ مون چيو تہ آءٌ تنهنجين اکين کان پري اُڇلايو ويو آهيان؛ انهيءَ هوندي بہ آءٌ وري تنهنجي پاڪ هيڪل ڏي نهاريندس. |
| 5 |
| پاڻي مون کي ساهہ تائين وڪوڙي ويا، سمنڊ منهنجي چوڌاري هو؛ رءُ منهنجي مٿي جي چوڌاري ويڙهيل هئا. |
| 6 |
| آءٌ جبلن جي ترن تائين هيٺ لهي ويس؛ ڌرتي پنهنجن گزن سان هميشہ لاءِ مون تي بند ٿي ويئي: انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تو منهنجي جان کي پاتال مان ڪڍيو آهي. |
| 7 |
| جڏهن منهنجو ساهہ مون ۾ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون خداوند کي ياد ڪيو: ۽ منهنجي دعا تو تائين، يعني تنهنجي پاڪ هيڪل ۾ پهتي. |
| 8 |
| جيڪي ڪوڙين باطل شين تي ڌيان ڏين ٿا، سي پنهنجي رحمت وڃائي ٿا ڇڏين. |
| 9 |
| پر آءٌ شڪرگذاريءَ جي آواز سان تنهنجي اڳيان قرباني چاڙهيندس؛ جيڪا مڃتا مون مڃي آهي، سا آءٌ پوري ڪندس. نجات خداوند وٽان آهي. |
| 10 |
| ۽ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو ۽ انهيءَ اُلٽي ڪري يوناہ کي سڪيءَ زمين تي اُڇلائي وڌو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/jonah/002.mp3
4
2