مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| تڏهن يونس مڇيءَ جي پيٽ ۾ ئي خداوند پنهنجي خدا کان هيءَ دعا گھري تہ |
| 2 |
| ”اي خداوند! مون مصيبت ۾ تو کان دُعا گھري آهي، تو منهنجي دعا ٻڌي مون کي ورندي بہ ڏني آهي. مون دوزخ جي پيٽ منجھان فرياد ڪيو آهي، تڏهن بہ تو منهنجي اها دانهن ٻڌي آهي. |
| 3 |
| تو مون کي اونهي سمنڊ منجھہ اڇلائي ڇڏيو هو، سمنڊ جا سيلاب مون کي ڪُنَ ۾ گهِلي ويا. اي خدا! تنهنجيون سڀ ڇوليون ۽ موجون مون مٿان گذريون. |
| 4 |
| اهو سڀ ڏسي مون پنهنجيءَ دل ۾ هي خيال ڪيو تہ ’شايد آءٌ تنهنجي اکين کان پري لوڌيو ويو آهيان،‘ پر تڏهن بہ اي خدا! آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل کي هاڻي ڏسي سگھندس. |
| 5 |
| پاڻيءَ مون کي دڙڪا ڏيئي غرق ڪيو، چوڌاري اونهي سمنڊ مون کي گھيري رکيو، سمنڊ جا ڪک ڪانا منهنجي مٿي کي ويڙهجي ويا. |
| 6 |
| آءٌ سمنڊ ۾ جبلن جي ترن تائين غرق ٿي ويس، ڌرتيءَ جا تالا مون مٿان هميشہ لاءِ بند ٿي ويا. تڏهن بہ اي خداوند منهنجا خدا! تو منهنجي ٻڌي، ۽ منهنجيءَ جان کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو. |
| 7 |
| جڏهن منهنجو ساهُہ ماندو ٿيڻ لڳو، تڏهن مون تو خداوند کي ياد ڪيو، منهنجي دُعا تنهنجي مقدس هيڪل ۾ تو تائين پهتي. |
| 8 |
| جيڪي ماڻهو ڪُوڙن ديوتائن کي ٿا مڃن، سي تنهنجي فضل کان محروم ٿي وڃن ٿا. |
| 9 |
| پر آءٌ تنهنجي اڳيان شڪراني سان قرباني ڪندس، جيڪا باس مون باسي آهي سا ضرور پوري ڪندس. اي خداوند! آءٌ مڃان ٿو تہ تون ئي ڇڏائڻ وارو آهين.“ |
| 10 |
| پوءِ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو، جنهن اُلٽي ڪري يونس کي سُڪيءَ زمين تي اڇلائي ڪڍيو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/jonah/002.mp3
4
2