Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو يوناہ تي نازل ٿيو، تہ |
| 2 |
| اُٿي نينوہ ڏي وڃ، جو وڏو شهر آهي، ۽ جيڪي آءٌ توکي چوان، انهي جي منادي ڪري ٻڌاءِ. |
| 3 |
| تڏهن يوناہ اُٿيو ۽ جيئن خداوند حڪم ڏنو هوس تيئن نينوہ ڏي ويو. هاڻي نينوہ هڪڙو تمام وڏو شهر، ٽن ڏينهن جو پنڌ هو. |
| 4 |
| ۽ يوناہ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي شهر ۾ گهڙيو ۽ پڪاري چوڻ لڳو تہ چاليهن ڏينهن کانپوءِ نينوہ تباهہ ٿي ويندو. |
| 5 |
| ۽ نينوہ جي ماڻهن خدا تي ويساهہ آندو؛ ۽ هنن هڪڙي روزي جو اشتهار ڪيو، ۽ تمام وڏي کان وٺي تمام ننڍي تائين کٿو ڍڪيائون. |
| 6 |
| ۽ اُها خبر نينوہ جي بادشاهہ کي پهتي، ۽ هو پنهنجي تخت تان اُٿيو، ۽ پنهنجي شاهي پوشاڪ لاٿائين، ۽ کٿو ڍڪي خاڪ تي ويهي رهيو. |
| 7 |
| ۽ هن اشتهار ڪڍيو، ۽ سڄي نينوہ ۾ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جو حڪم پڌرو ڪيو ويو، تہ ڪوبہ ماڻهو يا جانور، ڌڻ يا گلو، ڪابہ شيءِ نہ چکي: اُهي نڪي کائن، نڪي پيئن. |
| 8 |
| ۽ ماڻهو توڙي جانور ٻئي کٿا ڍڪين، ۽ زور سان خدا جي اڳيان پڪارين: هرڪو پنهنجي خراب رستي کان، ۽ پنهنجي هٿن جي ظلم کان باز اچي. |
| 9 |
| ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون. |
| 10 |
| ۽ خدا هنن جا ڪم ڏٺا، جو هو پنهنجي خراب رستي کان باز آيا؛ ۽ خدا انهي خرابيءَ کان ڦريو، جا هن چيو هو تہ هنن سان ڪندس، ۽ ائين ڪين ڪيائين. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/jonah/003.mp3
4
3