|
| 1 |
|
| هي القوش ڳوٺ جي رهاڪو ناحوم جي ڏٺل رويا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نينواہ شهر بابت پيغام ڏنل آهي. |
|
| 2 |
|
| خداوند غيرت وارو ۽ انتقام وٺندڙ خدا آهي، هائو، خداوند بدلو وٺندڙ ۽ قهار آهي. خداوند پنهنجي مخالفن کان انتقام وٺي ٿو، ۽ پنهنجي دشمنن لاءِ قهر سانڍي رکي ٿو. |
|
| 3 |
|
| خداوند ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو پر طاقت ۾ عظيم آهي، ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪڏهن بہ ڪين ڇڏيندو. خداوند جي گھمڻ سان واچوڙا ۽ طوفان پيدا ٿين ٿا، ۽ ڪڪر سندس پيرن جي دَز مان ٺهن ٿا. |
|
| 4 |
|
| هن جي حڪم سان سڀ درياءَ سڪي ٿا وڃن، بلڪ سمنڊ بہ خشڪ ٿي وڃن ٿا. بسن علائقو ۽ ڪرمل جبل مرجھائجي وڃن ٿا، ۽ لبنان جا گل ڪومائجي ٿا وڃن. |
|
| 5 |
|
| هن جي اڳيان جبل بہ ڏڪڻ لڳن ٿا، ۽ پهاڙ بہ پگھرجي وڃن ٿا. زمين هن جي اڳيان ڪنبڻ لڳي ٿي، هائو، سڄي دنيا پنهنجي رهاڪن سميت ٿڙڪڻ لڳي ٿي. |
|
| 6 |
|
| ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن. |
|
| 7 |
|
| بيشڪ، خداوند ڀلو آهي. هو مصيبت جي وقت جاءِپناهہ آهي. جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي هو سنڀال ڪري ٿو. |
|
| 8 |
|
| پر هو اٿلندڙ ٻوڏ جيان پنهنجي مخالفن ۽ دشمنن کي موت جي اونداهيءَ ڏانهن ڌڪي ناس ڪري ڇڏي ٿو. |
|
| 9 |
|
| اي نينواہ وارؤ! توهين خداوند خلاف ڪهڙا بہ کڻي منصوبا رٿيو، پر هو توهان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏيندو، جو وري اوهان ڪر کڻي نہ سگھندا. |
|
| 10 |
|
| جيتوڻيڪ اوهين ڪنڊن وانگر ڳتيل ۽ ڳنڍيل آهيو، ۽ مئي پيئندڙن وانگر مدهوش آهيو، تڏهن بہ اوهين سڪل بُهہ وانگر سڙي ناس ٿي ويندا. |
|
| 11 |
|
| اي نينواہ! تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص نڪري نروار ٿيو آهي، جيڪو خداوند جي خلاف منصوبا ٿو رٿي، ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ لاءِ اُڪسائي ٿو. |
|
| 12 |
|
| خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! توڙي جو نينواہ وارا ڪيترا بہ زورآور ۽ تعداد ۾ گھڻا ڇو نہ هجن، تہ بہ هو تباهہ ۽ ناس ٿي ويندا. جيتوڻيڪ مون اوهان کي ڏک ڏنو آهي، تڏهن بہ هاڻي اوهان کي وڌيڪ ڏکي نہ ڪندس. |
|
| 13 |
|
| هاڻ آءٌ هنن جي پاڃاري اوهان جي ڳچيءَ مان لاهي ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اوهان جا بند ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس.“ |
|
| 14 |
|
| خداوند نينواہ جي باري ۾ فرمان جاري ڪري ٿو تہ ”اي نينواہ! تون بلڪل نيچ آهين، تنهنجي رهاڪن مان ڪوبہ باقي نہ بچندو. آءٌ تنهنجي معبودن جي گھرن ۾ رکيل اُڪريل مورتين ۽ پلٽيل بتن کي تباهہ ڪري ڇڏيندس. آءٌ تنهنجي قبر تيار ڪريان ٿو.“ |
|
| 15 |
|
| ڏسو، هنن جبلن ڏانهن نهاريو ۽ انهيءَ ڏانهن ڏسو، جيڪو خوشخبري آڻي ٿو، هائو، جيڪو امن جي خوشخبري آڻي ٿو. اي يهوداہ وارؤ! توهين ڀلي پنهنجيون عيدون ملهايو ۽ باسون پوريون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ اهي بڇڙا توهان تي حملو ڪري نہ سگھندا، ڇو تہ کين هميشہ جي لاءِ ناس ڪيو ويو آهي. |
|
|
|
|