|
| 1 |
|
| دارا بادشاهہ جي شهنشاهيءَ جي چوٿين سال، ڪِسليوِ نالي نائين مهيني جي چوٿين تاريخ تي خداوند جو فرمان مون زڪرياہ تي نازل ٿيو. |
|
| 2 |
|
| ان کان اڳ بيتايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجمملخ کي سندن ماڻهن سميت موڪليو هو تہ هو اچي خداوند جي هيڪل ۾ دعا گھرن |
|
| 3 |
|
| ۽ ڪاهنن ۽ نبين کان پڇن تہ ”ڇا اسين پنجين مهيني ۾ روزو رکي اڃا بہ هيڪل جي تباهيءَ جو سوڳ ڪريون، جيئن هر سال ڪندا آيا آهيون؟“ |
|
| 4 |
|
| تڏهن قادرمطلق خداوند مون کي انهيءَ لاءِ موڪليو تہ جيئن آءٌ ملڪ جي سڀني ماڻهن ۽ ڪاهنن کي سندس اهو فرمان وڃي ٻڌايان تہ ”جڏهن اوهان پنجين توڙي ستين مهيني ۾ ستر سالن تائين روزا رکيا ۽ رنا رڙيا تہ ڇا اهو سڀ ڪجھہ اوهان خاص منهنجي خاطر ڪيو؟ |
|
| 5 |
|
|
|
| 6 |
|
| وري جڏهن اوهان کاڌو پيتو پئي تہ ڇا اهو سڀ پنهنجن مزن ماڻڻ لاءِ نہ پئي ڪيوَ؟ |
|
| 7 |
|
| سو اوهان لاءِ منهنجو اهو ساڳيو ئي پيغام آهي جيڪو مون پنهنجي نبين جي ذريعي موڪليو هو، جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ خوشحال هو ۽ سندس چوڌاري شهر توڙي ڏکڻ ۽ اولهہ وارا هيٺاهان هنڌ آباد هئا. |
|
| 8 |
|
| اهو ئي پيغام آءٌ قادرمطلق خداوند وري اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ ’سچائيءَ سان انصاف ڪندا رهو ۽ هڪٻئي تي رحم ۽ قياس ڪريو. |
|
| 9 |
|
|
|
| 10 |
|
| اوهين رنزال، يتيم ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارئي، يعني جيڪو بہ مسڪين هجي، تنهن تي ظلم نہ ڪريو، نڪي دل ۾ هڪٻئي خلاف برائي سوچو.‘ |
|
| 11 |
|
| اهو ئي پيغام هو جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. هنن هٺ ڪري مون کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهہ وجھي ڇڏيائون. |
|
| 12 |
|
| هنن پنهنجيون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪري ڇڏيون ۽ شريعت ڏانهن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنائون ۽ نہ وري انهيءَ فرمان کي مڃيائون، جيڪو مون قادرمطلق خداوند اڳين نبين جي معرفت پنهنجي روح وسيلي نازل ڪيو هو. انهيءَ ڪري مون وٽان مٿن سخت قهر اچي نازل ٿيو. |
|
| 13 |
|
| تڏهن مون قادرمطلق خداوند کين چيو تہ ’جڏهن مون اوهان کي سڏيو تہ اوهان نہ ٻڌو، سو جڏهن اوهان مون کي سڏيندا تہ آءٌ بہ اوهان جو سڏ نہ ورنائيندس.‘ |
|
| 14 |
|
| انهيءَ ڪري مون کين واچوڙي وانگر اڏائي سڀني قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. جتي هو ڌارين وانگر ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ سندن وڻندڙ ملڪ اهڙو تہ ويران ٿي ويو جو اتي ڪنهن جي بہ اچ وڃ نہ هئي.“ |
|
|
|
|