پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ مون اهو حڪم اوهان کي انهيءَ لاءِ ڏنو هو تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان ڏيو تہ جيئن منهنجو عهد اوهان لاويءَ جي گھراڻي وارن سان قائم رهي.
سچائيءَ جي تعليم سندن زبان تي هئي ۽ سندن واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. هو منهنجي واٽن تي صلح ۽ سچائيءَ سان هليا ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرائي آندائون.
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر اي ڪاهنؤ! اوهين هاڻ صحيح راهہ کان هٽي ويا آهيو. اوهان جي تعليم سان ماڻهو گمراهہ ٿي ويا آهن. اوهان انهيءَ عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو مون اوهان جي لاوي گھراڻي سان ڪيو هو.
تنهنڪري آءٌ بہ اوهان کي سڀني ماڻهن جي نظر ۾ ذليل ۽ حقير ٿو ڪريان، انهيءَ لاءِ جو اوهين منهنجي راهہ تي قائم نہ رهيا آهيو ۽ شرعي معاملن جي پاسخاطري نہ ڪئي اٿوَ.“
ڇا مون ملاڪيءَ جو ۽ اوهان جو هڪڙو ئي پيءُ ناهي؟ ڇا هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي پيدا نہ ڪيو آهي؟ پوءِ ڇو اسين هڪٻئي سان دغا ڪري پنهنجي ابن ڏاڏن جي عهد جي بيحرمتي ٿا ڪريون؟
اوهان يهوداہ وارن خداوند سان بيوفائي ڪندي يروشلم ۾ ڪڌو ڪم ڪيو آهي. هائو، اوهان غير معبودن سان تعلق جوڙي خداوند جي پاڪ ۽ پياري گھر جي بيحرمتي ڪئي آهي.
خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”آءٌ طلاق کان نفرت ٿو ڪريان، جنهن جي ذريعي اوهين پنهنجي زال سان ظلم ٿا ڪريو. سو اوهان لاءِ اهو ضروري آهي تہ اوهين پنهنجي زال سان ڪيل وفاداريءَ واري واعدي تي قائم رهو.“