1
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ هو تو کي پنهنجن اباڻن قبيلن مان هر هڪ سردار جي لٺ ڏين. ڪل ٻارهن لٺيون هجن. پوءِ تون هر هڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.
3
تون لاوي قبيلي جي لٺ تي هارون جو نالو لک. اهڙيءَ طرح هر هڪ قبيلي جي سردار جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گھرجي.
4
تون اهي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي اڳيان آڻي رک، جتي آءٌ تو سان ملاقات ڪندو آهيان.
5
پوءِ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چونڊيندس تنهن جي لٺ ڦٽي نڪرندي. اهڙيءَ طرح تنهنجي خلاف بني اسرائيل جي گھڙيءَ گھڙيءَ واري شڪايت کي آءٌ ٻنجو ڏيئي ڇڏيندس.“
6
سو موسيٰ بني اسرائيل کي اها ڳالهہ ٻڌائي. انهن جي سردارن کيس ٻارهن لٺيون يعني هر هڪ قبيلي جي سردار جي هڪ هڪ لٺ ڏني. هارون جي لٺ بہ انهن ٻارهن لٺين سان گڏ رکي ويئي.
7
موسيٰ پوءِ اهي لٺيون مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن اندر خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون.
8
ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمي ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڇا ڏسي تہ هارون واري لٺ جا لاويءَ قبيلي مان ڏنل هئي، سا تہ ڦٽي نڪتي آهي. منجھس مُکڙيون ۽ گل نڪتا آهن ۽ پڪل باداميون جھليون اٿس.
9
موسيٰ سڀ لٺيون خداوند جي حضور کان ٻاهر کڻي آيو. هن اهي بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي ڏيکاريون. هنن اهي ڏٺيون ۽ هر هڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ کنئي.
10
خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ” هارون جي لٺ عهد واري صندوق جي سامهون موٽائي رک. اها باغين لاءِ هڪ نشانيءَ طور رکي هجي. اهڙيءَ طرح هو منهنجيون شڪايتون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا ۽ مرڻ کان بچي ويندا.“
11
سو موسيٰ ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس فرمايو.
12
تڏهن بني اسرائيل موسيٰ کي چيو تہ ”تنهن جي معنيٰ هاڻ اسان جو بلڪل خاتمو آهي.
13
جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي مقدس خيمي جي رڳو ويجھو ئي ٿو اچي سو مري ٿو وڃي، تہ پوءِ ڇا اسين سڀيئي ختم ٿي وينداسين؟“
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.