تڏهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي گهراڻن مان صلافحاد، بن حفر، بن جلعاد، بن مڪير، بن منسيءَ جون ڌيئون، جن جا نالا محلاہ، نوعاہ، حجلاہ، ملڪاہ ۽ ترضاہ هئا، سي ويجهو آيون.
اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو، پر هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو، جي قورح جي ٽوليءَ ۾ خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا هئا: پر هو پنهنجي گناهہ ۾ مري ويو؛ ۽ کيس پٽ ڪونہ هو.
پر جيڪڏهن هن جي پيءُ کي بہ ڪو ڀاءُ نہ هجي، تہ پوءِ هن جي خاندان ۾ جيڪو سندس سڀني کان ويجهو مائٽ هجي، تنهن کي انهي جو ورثو ڏجو: اهو بني اسرائيل جي لاءِ انصاف جو قانون ٿيندو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
ڇالاءِ جو صين جي بيابان ۾، جڏهن جماعت مون سان جهيڙو ڪيو، تڏهن اوهان هنن جي روبرو منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، پر پاڻيءَ جي چشمي وٽ اوهان منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو. (هي اهو قادس وارو مريبہ جو چشمو آهي، جو صين جي بيابان ۾ آهي.)
هو اليعزر ڪاهن وٽ بيهي، جو هن جي طرفان خداوند جي حضور مان اوريم جا فيصلا پڇندو رهي: انهي جي چوڻ تي هو، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت جا ماڻهو، ٻاهر نڪرن ۽ انهي جي چوڻ تي موٽي اچن.