بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چئُہ، تہ منهنجو نذرانو، يعني منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا اوهين ياد ڪري ٺهرايل وقت تي منهنجي لاءِ ادا ڪندا رهجو.
تون هنن کي چئُہ، تہ جيڪا باهہ سان ساڙڻ واري قرباني اوهين خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا سا هيءَ آهي؛ هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا سوختني قربانيءَ جي لاءِ تون هميشہ چاڙهيندو رهج.
ٻيو گهيٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج: انهي سان گڏ بہ تون کاڌي جي قرباني، ۽ پيئڻ واري قرباني پيش ڪج، تہ خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.
۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هجي؛ اها وڻندڙ خوشبوءِ جي سوختني قرباني آهي، ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.
۽ انهن سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ جي واسطي هڪ وهڙي جي پٺيان مئي جو اڌ هين، ۽ هڪڙي گهٽي جي پٺيان هين جو ٽيون حصو، ۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: اها سال جي سڀني مهينن لاءِ، هر مهيني جي سوختني قرباني آهي.
انهيءَ طرح اوهين ست ڏينهن برابر هر روز خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ جي قربانيءَ واري خوراڪ، جا باهہ سان ساڙبي آهي، سا پيش ڪندا رهجو: ۽ هميشہ واريءَ سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ هيءَ قرباني بہ پيش ڪرڻ ۾ اچي.