۽ بني يوسف جي گهراڻن مان بني جلعاد، جي منسيءَ جي پٽ مڪير جو اولاد آهن، تن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، موسيٰ وٽ ۽ بني اسرائيل جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن، يعني سردارن وٽ اچي چوڻ لڳا، تہ
خداوند اسان جي مالڪ کي حڪم ڏنو هو تہ پُکا وجهي، ملڪ بني اسرائيل کي ورثي طور ورهائي ڏئي: ۽ خداوند اسان جي مالڪ کي هي بہ حڪم ڏنو هو تہ اسان جي ڀاءُ صلافحاد جو ورثو سندس ڌيئرن کي ڏنو وڃي.
پر جيڪڏهن اهي بني اسرائيل جي ٻين قبيلن جي پٽن مان ڪنهن سان پرڻبيون، تہ انهن جو ورثو اسان جي ابن ڏاڏن جي ورثي مان نڪري ويندو، ۽ جنهن ٻئي قبيلي ۾ اهي داخل ٿينديون، تن جي ورثي ۾ شامل ڪيو ويندو. انهيءَ طرح اِهو اسان جي ورثي جي حصي مان نڪري ويندو.
۽ جڏهن جشن جو سال ايندو، تڏهن هنن جو ورثو انهي قبيلي جي ورثي سان گڏيو ويندو، جنهن ۾ اهي داخل ٿينديون؛ انهيءَ طرح هنن جو ورثو اسان جي ابن ڏاڏن جي قبيلي جي ورثي مان نڪري ويندو.
۽ جيڪڏهن بني اسرائيل جي ڪنهن قبيلي ۾ ڪا ڇوڪري ورثي جي مالڪ هوندي، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ جي قبيلي مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان شادي ڪندي، جنهنڪري بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي ابن ڏاڏن جي ورثي جو مالڪ ٿئي.