مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| جڏهن موسيٰ مقدس خيمو کوڙي بس ڪئي تڏهن خيمي کي، انهيءَ جي سموري سامان کي، قربانگاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي مسح ڪري مخصوص ڪيائين. |
| 2 |
| ان ڏينهن تي بني اسرائيل جا اڳواڻ، جيڪي پنهنجن ڪٽنبن جا وڏا، قبيلن جا سردار ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان مقرر ڪيل هئا، تن نذرانا آندا. |
| 3 |
| انهن پنهنجي نذراني طور ڇهہ ڍَڪيل گاڏيون ۽ ٻارهن ڏاند خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪيا. انهن مان هڪ هڪ ڏاند هر سردار طرفان هو ۽ هڪ هڪ گاڏي ٻن ٻن سردارن طرفان هئي. جڏهن هنن اِهي مقدس خيمي جي اڳيان آڻي حاضر ڪيا، |
| 4 |
| تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ |
| 5 |
| ”تون اهي هنن کان وٺ تہ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي خدمت جي ڪم اچن، تون اهي لاوين جي هر هڪ ٽولي کي سندس خدمت مطابق ورهائي ڏي.“ |
| 6 |
| سو موسيٰ اهي گاڏيون ۽ ڏاند وٺي لاوين کي ڏنا. |
| 7 |
| هن ٻہ گاڏيون ۽ چار ڏاند بني جيرشون کي |
| 8 |
| ۽ چار گاڏيون ۽ اٺ ڏاند بني مراريءَ کي سندن خدمت مطابق ڏنا. اهي سڀيئي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ ڏنا ويا. |
| 9 |
| پر موسيٰ بني قهات کي ڪابہ گاڏي يا ڪوبہ ڏاند ڪونہ ڏنو، ڇو تہ جيڪي مخصوص شيون سندن ذميواريءَ ۾ هيون سي کين ڪلهن تي کڻڻيون هيون. |
| 10 |
| قربانگاهہ جي مسح ٿيڻ واري ڏينهن تي سردارن انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ پڻ نذرانا آندا ۽ اهي قربانگاهہ جي اڳيان پيش ڪيائون. |
| 11 |
| خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سردارن کي چئُہ تہ انهن مان هر هڪ سردار هڪ هڪ ڏينهن قربانگاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجو نذرانو پيش ڪري.“ |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/numbers/007.mp3
36
7