|
| 1 |
|
| ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن يسوع پنهنجن ٻارهن شاگردن کي حڪم ڏيئي چڪو، تڏهن اُتان روانو ٿيو، تہ وڃي سندن شهرن ۾ تعليم ڏيئي ۽ منادي ڪري. |
|
| 2 |
|
| هاڻي جڏهن يوحنا قيدخاني ۾ ٻڌو تہ مسيح ڪهڙا ڪم پيو ڪري، تڏهن پنهنجن شاگردن جي معرفت کيس چوائي موڪليائين، |
|
| 3 |
|
| تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون آهين يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟ |
|
| 4 |
|
| ۽ يسوع کين ورندي ڏيئي چيو، تہ جيڪي ٻُڌو ۽ ڏسو ٿا، سو وڃي يوحنا کي ٻڌايو: |
|
| 5 |
|
| تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي. |
|
| 6 |
|
| ۽ مبارڪ آهي اُهو جيڪو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي. |
|
| 7 |
|
| ۽ جڏهن اُهي هليا ويا، تڏهن يسوع خلق کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ اوهين رڻ پٽ ۾ ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا هڪڙو ڪانو جو هوا ۾ پئي لُڏيو؟ |
|
| 8 |
|
| پر اوهين ڇا ڏسڻ لاءِ ويا هئا؟ ڇا اُنهيءَ ماڻهوءَ کي جنهن کي اُچا ڪپڙا پيل آهن؟ ڏسو، جيڪي اُچا ڪپڙا ٿا پهرين، سي بادشاهن جي گهرن ۾ ٿا رهن. |
|
| 9 |
|
| پر اوهين ڇو ويا هئا؟ ڪنهن نبيءَ کي ڏسڻ لاءِ ڇا؟ هائو، آئون اوهان کي چوان ٿو تہ نبيءَ کان بہ وڏي کي. |
|
| 10 |
|
| هي اُهو آهي جنهن جي بابت لکيل آهي تہ ”ڏس، آئون پنهنجي پيغمبر کي توکان اڳ ۾ ٿو موڪليان، جو تنهنجو رستو تنهنجي اڳيان تيار ڪندو.“ |
|
| 11 |
|
| آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي زال ذات مان ڄاوا آهن، تن منجهان ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو پيدا نہ ٿيو آهي: انهي هوندي بہ آسمان جي بادشاهت ۾ جيڪو ننڍو آهي سو اُنهي کان وڏو آهي. |
|
| 12 |
|
| ۽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي ڏينهن کان وٺي هن وقت تائين آسمان جي بادشاهت تي زبردستي پيئي ٿئي، ۽ زبردست ماڻهو اُنهيءَ کي زور سان ٿا وٺن. |
|
| 13 |
|
| ڇالاءِ جو سڀني نبين ۽ توريت يوحنا تائين نبوت ڪئي. |
|
| 14 |
|
| ۽ جيڪڏهن اوهين مڃيو ٿا، تہ اهو ايلياہ اٿوَ، جو اچڻ وارو هو. |
|
| 15 |
|
| جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ٻڌي. |
|
| 16 |
|
| پر هن زماني جي ماڻهن جي آئون ڪنهن سان ڀيٽ ڪريان؟ هو اُنهن ٻارن جهڙا آهن جي بازارن ۾ ويهي پنهنجن سنگتين کي سڏي ٿا چون، |
|
| 17 |
|
| تہ اسان اوهان لاءِ شرنائي وڄائي، پر اوهين نچيا ئي ڪين؛ اسان ماتم ڪيو پر اوهان رُنو پِٽيو ئي ڪين. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو يوحنا نڪي کائيندو آيو نڪي پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي. |
|
| 19 |
|
| ابن آدم کائيندو پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست! پر ڏاهپ پنهنجن ڪمن جي ڪري سچي ثابت ٿي ٿئي. |
|
| 20 |
|
| تنهن کانپوءِ جن شهرن ۾ هن گهڻا معجزا ڪيا هئا، تن کي ڏوراپو ڏيڻ لڳو، ڇالاءِ جو هنن توبهہ نہ ڪئي هئي. |
|
| 21 |
|
| افسوس توتي اي خورازين! افسوس توتي اي بيت صيدا! ڇالاءِ جو جيڪي معجزا اوهان ۾ ڪيا ويا، سي جيڪڏهن صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ جيڪر هن کان گهڻو اڳي هو کٿو ڍڪي ۽ رک لائي توبهہ ڪن ها. |
|
| 22 |
|
| تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن صور ۽ صيدا لاءِ اُها گهڙي اوهان کان وڌيڪ سولي ٿيندي. |
|
| 23 |
|
| اي ڪفرناحوم، تون آسمان تائين چاڙهيو ويندين ڇا؟ تون هيٺ مئلن جي عالم ۾ لهي اچي پوندين، ڇالاءِ جو جيڪي معجزا تو ۾ ڪيا ويا آهن، سي جيڪڏهن سدوم ۾ ڪيا وڃن ها تہ جيڪر اڄ تائين اُهو قائم رهي ها. |
|
| 24 |
|
| تڏهن بہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن سدوم جي ملڪ لاءِ اُها گهڙي توکان وڌيڪ سولي ٿيندي. |
|
| 25 |
|
| انهي مهل يسوع ورندي ڏيئي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آئون تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو هي ڳالهيون ڏاهن ۽ سمجهہ وارن کان ڳجهيون رکيون آهن، ۽ ٻارڙن کي ظاهر ڪري ڏنيون اٿيئي، |
|
| 26 |
|
| هائو، بابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو. |
|
| 27 |
|
| منهنجي پيءُ سڀ ڪجهہ مون کي سونپي ڇڏيو آهي، ۽ پٽ کي پيءُ کانسواءِ ڪوبہ ڪونہ ٿو سڃاڻي؛ نڪي ڪو پيءُ کي پٽ کانسواءِ ٿو سڃاڻي، ۽ اُنهي کانسواءِ جنهن کي پٽ اهو ظاهر ڪرڻ گهري. |
|
| 28 |
|
| اوهين مڙيئي جي پورهيو ٿا ڪريو ۽ وڏي بار هيٺ دٻيا پيا آهيو، سي مون وٽ اچو، تہ آئون اوهان کي آرام ڏيندس. |
|
| 29 |
|
| منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو. |
|
| 30 |
|
| ڇالاءِ جو منهنجي پاڃاري سولي آهي، ۽ منهنجو بار هلڪو آهي. |
|
|
|
|