|
| 1 |
|
| اُنهي وقت ملڪ جي چوٿين حصي جي حاڪم هيروديس، يسوع جي هاڪ ٻڌي، |
|
| 2 |
|
| ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي؛ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي؛ تنهنڪري هن جي هٿان هي معجزا ٿا ٿين. |
|
| 3 |
|
| ڇالاءِ جو هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر يوحنا کي پڪڙي ٻَڌي قيد ۾ وڌو هو. |
|
| 4 |
|
| ڇو جو يوحنا چيو هوس، تہ توکي اهو روا نہ آهي تہ هن کي پاڻ وٽ رکين. |
|
| 5 |
|
| سو هيروديس جي مرضي هئي تہ مارائي وجهانس، پر ماڻهن جو ڊپ ٿيس، ڇالاءِ جو هو انهي کي نبي ڪري ڄاڻندا هئا. |
|
| 6 |
|
| پر جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ وچ ۾ بيهي ناچ ڪري هيروديس کي خوش ڪيو. |
|
| 7 |
|
| جنهن تي هن قسم کڻي ساڻس انجام ڪيو تہ جيڪي تون گهُرندينءَ سو ڏيندوسانءِ. |
|
| 8 |
|
| تنهن تي هن جيئن ماڻس سيکاريو هوس تيئن چيو، تہ يوحنا بپتسما واري جي سسي مون کي هتي ٿالهيءَ ۾ گهُرائي ڏي. |
|
| 9 |
|
| تنهن تي بادشاهہ کي ڏک ٿيو، پر پنهنجن قسمن جي ڪري ۽ مهمانن جي سانگي، حڪم ڪيائين تہ اُها آڻي ڏيوس؛ |
|
| 10 |
|
| ۽ ماڻهو موڪلي قيدخاني ۾ يوحنا جي سسي لهرايائين. |
|
| 11 |
|
| پوءِ اُها سسي ٿالهيءَ ۾ رکي آڻي اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنائون: ۽ هوءَ ماءُ وٽ کڻي آئي. |
|
| 12 |
|
| ۽ هن جا شاگرد آيا، ۽ سندس لاش کڻي وڃي دفن ڪيائون؛ ۽ وڃي يسوع کي خبر ڏنائون. |
|
| 13 |
|
| جڏهن يسوع اُها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُتان نڪري ٻيڙيءَ ۾ اڪيلو هڪڙي ويران هنڌ ويو: ۽ جڏهن ماڻهن کي انهي جي خبر پيئي، تڏهن اُهي شهرن مان پيرين پنڌ سندس پٺيان آيا. |
|
| 14 |
|
| ۽ هن نڪري اچي وڏو ميڙاڪو ڏٺو، ۽ مٿن رحم آيس، ۽ منجهن جيڪي بيمار هئا، تن کي شفا ڏنائين. |
|
| 15 |
|
| ۽ جڏهن سانجهي ٿي تڏهن شاگرد وٽس آيا ۽ چيائونس، تہ هيءُ هنڌ ويران آهي، ۽ ويل بہ ٽري ويئي آهي؛ سو ماڻهن کي موڪل ڏي تہ ڳوٺن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ کاڌو خريد ڪن. |
|
| 16 |
|
| پر يسوع چين تہ هنن کي وڃڻ جي ضرورت ڪانهي؛ اوهين کائڻ لاءِ ڏيونِ. |
|
| 17 |
|
| ۽ هنن چيس تہ اسان وٽ هتي فقط پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون آهن. |
|
| 18 |
|
| هن چيو تہ اُهي هت مون وٽ کڻي اچو. |
|
| 19 |
|
| ۽ ميڙاڪن کي حڪم ڏنائين تہ گاهہ تي ويهي وڃو: ۽ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي، آسمان ڏي نهاري، برڪت گهُري مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، ۽ شاگردن وري ماڻهن کي ڏنيون. |
|
| 20 |
|
| ۽ انهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو: ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا، تن جون ٻارهن کاريون ڀري کنيائون. |
|
| 21 |
|
| ۽ جن کاڌو، سي اٽڪل پنج هزار مرد هئا، تنهن کانسواءِ زالون ۽ ٻار. |
|
| 22 |
|
| ۽ هڪدم هن پنهنجن شاگردن تي زور رکيو تہ اوهين ٻيڙيءَ ۾ چڙهي مون کان اڳي پرينءَ ڀر هلو، جيسين ڪ آئون خلق کي روانو ڪريان. |
|
| 23 |
|
| ۽ ماڻهن کي رواني ڪرڻ کانپوءِ، هو دعا گهرڻ لاءِ جبل تي اڪيلو چڙهي ويو ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن هو اُتي اڪيلو هو. |
|
| 24 |
|
| پر انهيءَ مهل ٻيڙي سمنڊ جي وچ ۾ لهرن جي ڪري لوڏن ۾ هئي، ڇالاءِ جو واءُ اڻائو هو. |
|
| 25 |
|
| ۽ رات جو چوٿين پهر ۾ هو سمنڊ تي پنڌ ڪري وٽن آيو. |
|
| 26 |
|
| ۽ جڏهن شاگردن هن کي سمنڊ تي هلندو ڏٺو، تڏهن دهلجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي ڪو شر آهي؛ ۽ ڊپ کان رڙيون ڪرڻ لڳا. |
|
| 27 |
|
| پر يسوع انهي دم کين چيو، تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان؛ ڊڄو نہ. |
|
| 28 |
|
| پوءِ پطرس ورندي ڏيئي چيو، تہ اي خداوند، جي تون آهين، تہ مون کي حڪم ڏي تہ آئون پاڻيءَ تي هلي تو وٽ اچان. |
|
| 29 |
|
| ۽ هن چيس تہ اچ. سو پطرس ٻيڙيءَ مان لهي يسوع وٽ اچڻ جي لاءِ پاڻيءَ تي هلڻ لڳو. |
|
| 30 |
|
| پر جڏهن هن واءُ ڏٺو، تڏهن ڊڄي ويو؛ ۽ جڏهن ٻُڏڻ لڳو، تڏهن رڙ ڪري چيائين تہ اي خداوند، مون کي بچاءِ. |
|
| 31 |
|
| ۽ يڪدم يسوع هٿ ڊگهيري جهلي ورتس، ۽ چيائينس تہ اي ڪم اعتقاد، تو شڪ ڇو ڪيو؟ |
|
| 32 |
|
| ۽ جڏهن هو ٻيڙيءَ تي چڙهيا، تڏهن واءُ بيهي ويو. |
|
| 33 |
|
| ۽ جيڪي ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن اچي پيرين پئي چيس تہ سچ پچ تون خدا جو فرزند آهين. |
|
| 34 |
|
| ۽ جڏهن هو پار لنگهيا، تڏهن لهي گنيسرت جي علائقي ۾ آيا. |
|
| 35 |
|
| ۽ جڏهن انهي هنڌ جي ماڻهن کيس سڃاتو، تڏهن انهي ساري ملڪ ۾ ماڻهو موڪلي، جيڪي بيمار هئا، تن سڀني کي وٽس وٺي آيا؛ |
|
| 36 |
|
| ۽ منٿ ڪري چيائونس، تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتو، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا. |
|
|
|
|