1
يهوديہ جي راجا هيروديس جي ڏينهن ۾ يسوع يهوديہ جي بيتلحم ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. تڏهن ڪي جوتشي اوڀر کان يروشلم ۾ آيا
2
۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو راجا جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ آيا آهيون.“
3
هيروديس راجا جڏهن هي ٻڌو تہ هو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا.
4
هن سڀني سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“
5
انهن وراڻيو تہ ”يهوديہ جي بيتلحم ۾، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هيئن لکيو آهي تہ
6
’اي بيتلحم! يهوديہ جي ملڪ ۾، تون ڪنهن بہ طرح يهوديہ جي راجڪمارن مان ڪنهن کان بہ ننڍو نہ آهين، ڇاڪاڻ تہ تو منجھان هڪ حاڪم نڪرندو، جيڪو منهنجي قوم بني اسرائيل جي رهبري ڪندو.‘“
7
تنهن تي هيروديس انهن جوتشين کي اڪيلائيءَ ۾ گھرائي پڇيو تہ ”تارو ٺيڪ ڪهڙي وقت نظر آيو هو؟“
8
پوءِ هن انهن کي هي حڪم ڏيئي بيتلحم ڏانهن موڪليو تہ ”وڃي چڱيءَ طرح سان ٻار جي ڳولا ڪريو ۽ جڏهن اوهين انهيءَ کي لهو تہ اچي مون کي ٻڌائجو تہ جيئن آءٌ بہ وڃي سندس اڳيان سيس نوايان.“
9
راجا جي حڪم موجب اهي روانا ٿيا ۽ رستي ۾ جڏهن اهو تارو ڏٺائون جيڪو اوڀر ۾ ڏٺو هئائون، تڏهن اهي خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نہ پيا ماپن. اهو تارو سندن اڳيان هلندو رهيو، تان جو اچي ان جاءِ جي مٿان بيٺو جتي اهو ٻار هو.
10
11
هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.
12
ايشور انهن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري هيروديس وٽ ويا آهيو.“ تنهنڪري اُهي ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.
13
جڏهن اُهي هليا ويا تہ پرميشور جو هڪڙو دوت يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“
14
تنهن تي هو اٿيو، ٻار ۽ سندس ماتا کي ساڻ ڪري راتو رات مصر ڏانهن هليو ويو.
15
هيروديس جي مرڻ تائين هو اُتي ئي رهيا، انهيءَ لاءِ تہ پرميشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنهنجي پٽ کي مصر مان گھرايو آهي.“
16
جڏهن هيروديس ڏٺو تہ جوتشين ساڻس ٺڳي ڪئي آهي، تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هن حڪم ڏنو تہ ”بيتلحم ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ انهن سڀني ڇوڪرن کي ماري ڇڏيو، جن جي عمر ٻن سالن تائين هجي،“ ڇو تہ عمر بابت هن کي اهو وقت ياد هو جڏهن جوتشين کيس تاري جي ظاهر ٿيڻ بابت ٻڌايو هو.
17
اهڙيءَ طرح اها ڳالهہ پوري ٿي جيڪا سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ جي معرفت چئي ويئي هئي تہ
18
”رامہ شهر ۾ هڪڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڏاڍي روئڻ ۽ پٽڻ جو آواز. راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي، اها روئي ٿي ۽ کيس آرام نہ ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ اُهي سڀ مري ويا آهن.“
19
هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو،
20
جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا مريم کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ وڃ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ٻار کي مارائڻ جي ڪوشش ڪن پيا سي مري ويا آهن.“
21
تنهن تي يوسف اٿيو، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي موٽي اسرائيل جي ملڪ ۾ آيو.
22
جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پتا هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ صوبي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو
23
۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“
:
١
١ ٢ ٣ ٤ ٥ ٦ ٧ ٨ ٩ ١٠ ١١ ١٢ ١٣ ١٤ ١٥ ١٦ ١٧ ١٨ ١٩ ٢٠ ٢١ ٢٢ ٢٣ 1
1
1
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhihindu/matthew/002.mp3
28
2