|
| 1 |
|
| ۽ سردار ڪاهنن صبح ٿيڻ شرط بزرگن ۽ فقيهن ۽ سڄي صدر مجلس سان صلاح مشورت ڪئي، ۽ يسوع کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ پلاطس جي حوالي ڪيائونس. |
|
| 2 |
|
| پلاطس هن کان پڇيو، تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ هن ورندي ڏيئي چيو تہ تون پاڻ ٿو چوين. |
|
| 3 |
|
| ۽ سردار ڪاهنن هن تي گهڻيئي تهمتون آنديون. |
|
| 4 |
|
| پوءِ پلاطس وري پڇيس تہ تون ڪوبہ جواب نٿو ڏين؟ ڏس تو تي ڪيتريون نہ تهمتون ٿا آڻين. |
|
| 5 |
|
| پر يسوع وري ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو؛ ايتري قدر جو پلاطس کي عجب لڳو. |
|
| 6 |
|
| هاڻي عيد تي جنهن بہ هڪڙي قيديءَ لاءِ هو عرض ڪندا هئس، تنهن کي سندن خاطر ڇڏي ڏيندو هو. |
|
| 7 |
|
| ۽ هڪڙو ماڻهو برابا نالي هو، جو انهن فسادين سان گڏ قيد ۾ هو، جن فساد ڪندي خون ڪيو هو. |
|
| 8 |
|
| ۽ ماڻهو ميڙ ڪري وٽس ويا، ۽ عرض ڪرڻ لڳس تہ جيئن تون هميشہ اسان لاءِ ڪندو آهين، تيئن هاڻ بہ ڪر. |
|
| 9 |
|
| پلاطس ورندي ڏيئي چين، تہ اوهان جي مرضي ڇا آهي تہ آئون يهودين جي بادشاهہ کي ڇڏي ڏيان؟ |
|
| 10 |
|
| ڇالاءِ جو هن سهي ڪيو هو تہ سردار ڪاهنن هن کي حسد جي ڪري آڻي رجوع ڪيو آهي. |
|
| 11 |
|
| پر سردار ڪاهنن خلق کي چوري بيهاريو تہ هو سندن خاطر انهي جي بدران برابا کي ڇڏي ڏئي. |
|
| 12 |
|
| پلاطس وري ورندي ڏيئي چين تہ تڏهن جنهن کي اوهين يهودين جو بادشاهہ ٿا سڏيو، تنهن کي آئون ڇا ڪريان؟ |
|
| 13 |
|
| هنن وري واڪا ڪري چيو تہ هن کي صليب تي چاڙهہ. |
|
| 14 |
|
| پلاطس چين تہ ڇو، هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ پر هنن ڏاڍيون رڙيون ڪري چيس، تہ هن کي صليب تي چاڙهہ. |
|
| 15 |
|
| ۽ پلاطس جي مرضي هئي تہ ماڻهن کي راضي ڪريان، تنهنڪري هنن جي خاطر برابا کي ڇڏي ڏنائين، ۽ يسوع کي چهبڪن هڻڻ کانپوءِ حوالي ڪيائين تہ وڃي صليب تي چاڙهيوس. |
|
| 16 |
|
| پوءِ سپاهي هن کي ايوان منجهہ وٺي ويا، جنهن کي پرئتورين ٿا چون؛ ۽ اُتي سڄي پلٽڻ آڻي گڏ ڪيائون. |
|
| 17 |
|
| ۽ انهن کيس واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا، ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ڳتي مٿس رکيائون، |
|
| 18 |
|
| ۽ سلام ڪري چوڻ لڳس، تہ سلام اي يهودين جا بادشاهہ! |
|
| 19 |
|
| ۽ هن جي مٿي تي ڇڙين سان ڌڪ هنيائون، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلايائون، ۽ گوڏا کوڙي سجدو ڪيائونس. |
|
| 20 |
|
| ۽ جڏهن ساڻس مسخري ڪري رهيا، تڏهن اُهي واڱڻائي ڪپڙا لاهي ورتائونس، ۽ سندس ڪپڙا ڍڪيائونس. ۽ صليب تي چاڙهڻ لاءِ کيس ٻاهر وٺي نڪتا. |
|
| 21 |
|
| ۽ شمعون نالي هڪڙو ڪريني ماڻهو، سڪندر ۽ روفس جو پيءُ، جو ٻهراڙيءَ کان ٿي آيو، ۽ رستو وٺي اچي اُتان لنگهيو، تنهن کي بيگر ۾ جهليائون، تہ هن جو صليب کڻي هلي. |
|
| 22 |
|
| پوءِ هن کي گلگتا واري هنڌ وٺي آيا، جنهن جي معنيٰ آهي کوپراٽيءَ جي جاءِ. |
|
| 23 |
|
| ۽ هن کي مئي پيئڻ لاءِ ڏنائون، جنهن ۾ مر گڏيل هئي، پر هن نہ پيتي. |
|
| 24 |
|
| ۽ هن کي صليب تي چاڙهيائون، ۽ هن جي ڪپڙن تي پُکا وڌائون تہ ڪير ڪهڙو کڻي، انهي طرح پاڻ ۾ ورهائي کنيائون. |
|
| 25 |
|
| ۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهيائون، تڏهن ڏينهن جو هڪڙو پهر گذريو هو. |
|
| 26 |
|
| ۽ سندس تهمت نامو لکي مٿس هڻي ڇڏيو هئائونس، تہ ”يهودين جو بادشاهہ“. |
|
| 27 |
|
| ۽ ساڻس گڏ ٻن ڌاڙيلن کي صليب تي چاڙهيائون، هڪڙو سندس ساڄي پاسي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي. |
|
| 28 |
|
| ۽ انهيءَ طرح اُها لکيت اچي پوري ٿي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“. |
|
| 29 |
|
| ۽ جيڪي اُتان لنگهيا ٿي، تن هن تي ٺٺوليون ٿي ڪيون، ۽ پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي چيائون ٿي تہ واهہ: هيڪل کي ڊاهڻ وارا ۽ ٽن ڏينهن ۾ اڏڻ وارا! |
|
| 30 |
|
| صليب تان لهي اچ ۽ پاڻ کي بچاءِ. |
|
| 31 |
|
| ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنن بہ فقيهن سان گڏ پاڻ ۾ چرچا گهٻا ڪري چيو، تہ هن ٻين کي بچايو، پاڻ کي تہ بچائي نٿو سگهي. |
|
| 32 |
|
| هاڻ ڀلي مسيح، اسرائيل جو بادشاهہ، صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ اسين ڏسون ۽ ايمان آڻيون. ۽ جي ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيا ويا هئا، تن بہ هن کي طعنا هنيا. |
|
| 33 |
|
| ۽ جڏهن ٻپهري ٿي، تڏهن سڄي زمين تي اونداهي ٿي ويئي، جا ٽئين پهر تائين هلي. |
|
| 34 |
|
| ۽ ٽئين پهر يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ الوئي، الوئي، لما سبقتني؟ جنهن جو ترجمو آهي، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ |
|
| 35 |
|
| ۽ جيڪي اُتي بيٺل هئا، تن مان ڪن جڏهن اهو ٻُڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ ڏسو، هو ايلياهہ کي ٿو سڏي. |
|
| 36 |
|
| ۽ هڪڙو ڄڻو ڊوڙيو ۽ اسفنج سرڪي سان ڀري ڪاني تي رکي هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين، ۽ چيائين تہ ڇڏي ڏيو؛ ڏسون تہ ايلياهہ هن کي هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ. |
|
| 37 |
|
| پوءِ يسوع وڏو واڪو ڪري دم ڏنو. |
|
| 38 |
|
| ۽ هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو. |
|
| 39 |
|
| ۽ صوبيدار جو سندس سامهون اتي بيٺو هو، تنهن جڏهن ڏٺو تہ هن انهيءَ طرح ساهہ ڏنو، تڏهن چوڻ لڳو تہ سچ پچ هي ماڻهو خدا جو فرزند هو. |
|
| 40 |
|
| ۽ اُتي زالون بہ هيون جن پري کان بيٺي ڏٺو، انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ سلومي هيون؛ |
|
| 41 |
|
| جي جڏهن هو گليل ۾ هو، تڏهن سندس خدمت ڪنديون سندس پٺيان آيون هيون؛ ۽ ٻيون بہ گهڻيون ئي زالون هيون، جي ساڻس گڏجي يروشلم ۾ آيون هيون. |
|
| 42 |
|
| ۽ اهو تياريءَ جو ڏينهن هو، جو سبت جي ڏينهن کان اڳي ٿيندو آهي، ۽ جڏهن سانجهي ٿي، |
|
| 43 |
|
| تڏهن ارمتيہ وارو يوسف آيو، جو هڪڙو معزز مشير هو، ۽ پاڻ خدا جي بادشاهت جو منتظر هو؛ اُهو همت ڪري اندر گهڙي پلاطس وٽ ويو، ۽ يسوع جو لاش گهُريائين. |
|
| 44 |
|
| ۽ پلاطس کي عجب لڳو تہ هو ايترو جلد ڪيئن مئو، ۽ صوبيدار کي پاڻ وٽ سڏي هن کان پڇيائين تہ هن کي مُئي ڪيتري دير ٿي آهي؟ |
|
| 45 |
|
| ۽ جڏهن صوبيدار کان انهيءَ جي خاطري ٿيس، تڏهن يوسف کي لاش ڏنائين. |
|
| 46 |
|
| ۽ هن هڪڙي سنهي سڻيءَ جي چادر خريد ڪئي، ۽ هن کي لاهي انهيءَ سڻيءَ جي چادر ۾ ويڙهيائين، ۽ هڪڙيءَ قبر ۾ رکيائينس، جا هڪڙي ٽڪر ۾ کوٽيل هئي؛ ۽ هن هڪڙو پهڻ ليٽائي آڻي قبر جي منهن تي رکيو. |
|
| 47 |
|
| ۽ جتي رکيائونس، اُهو هنڌ مريم مگدليني ۽ يوسف جي ماءُ مريم ڏٺو. |
|
|
|
|