|
| 1 |
|
| ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي. |
|
| 2 |
|
| سو ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو دروازي تي بہ بيهڻ جي جاءِ ڪانہ هئي. جڏهن عيسيٰ انهن کي پيغام پئي ڏنو |
|
| 3 |
|
| تہ ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگيءَ شخص کي چئن ماڻهن هٿان کٽولي تي کڻائي ڏانهس آيا. |
|
| 4 |
|
| جيئن تہ سخت ڀيڙ جي ڪري هو اندر اچي نہ سگھيا، سو جنهن جاءِ ۾ عيسيٰ ويٺل هو، تنهن جي ڇت کي ڦاڙ ڪيائون. جڏهن ڦاڙ ويڪرو ٿيو تہ هنن کٽولو، جنهن تي اڌرنگي پيل هو سو هيٺ لاٿو. |
|
| 5 |
|
| عيسيٰ انهن جو ايڏو ايمان ڏسي انهيءَ اڌرنگي شخص کي چيو تہ ”پٽ! تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا.“ |
|
| 6 |
|
| اتي ئي شريعت جا ڪي عالم بہ ويٺا هئا، جيڪي اهو ٻڌي پنهنجين دلين ۾ دليل ڊوڙائڻ لڳا تہ |
|
| 7 |
|
| ”هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇاڪاڻ تہ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“ |
|
| 8 |
|
| عيسيٰ هڪدم انهن جي دلين جي خيالن کي ڄاڻي ورتو، سو کين چيائين تہ ”ڇو اوهين پنهنجين دلين ۾ اهڙا دليل ڊوڙايو ٿا؟ |
|
| 9 |
|
| ڇا اهو سولو آهي تہ هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا گناهہ معاف ڪيا ويا‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟ |
|
| 10 |
|
| پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي ماڻهن جا گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو عيسيٰ اڌرنگي شخص کي چيو تہ |
|
| 11 |
|
| ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ |
|
| 12 |
|
| تڏهن هو اُٿي بيٺو، هڪدم پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ سڀني ماڻهن جي ڏسندي اتان هليو ويو. تنهن تي سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خدا جي واکاڻ ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان اهڙي ڳالهہ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي آهي!“ |
|
| 13 |
|
| عيسيٰ وري ڍنڍ جي ڪناري سان پئي ويو تہ هن وٽ ماڻهن جو هڪ ميڙ اچي گڏ ٿيو، جن کي هو تعليم ڏيڻ لڳو. |
|
| 14 |
|
| پوءِ هن واٽ ويندي حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ کيس سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي لاوي اٿيو ۽ هن جي پٺيان هلڻ لڳو. |
|
| 15 |
|
| هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ لاويءَ جي گھر ماني ويٺي کاڌي، تڏهن سندس شاگردن کان علاوہ ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار بہ ساڻس گڏ کائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهڙا گھڻا ئي هئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا هئا. |
|
| 16 |
|
| شريعت جي ڪن فريسي عالمن جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“ |
|
| 17 |
|
| عيسيٰ هي ٻڌي کين وراڻيو تہ ”چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي حڪيم جي گھرج هوندي آهي. سو آءٌ نيڪن کي نہ، بلڪ گنهگارن کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“ |
|
| 18 |
|
| هڪڙي دفعي جڏهن يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي روزي سان هئا تہ ڪي ماڻهو عيسيٰ وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ” يحيٰ جا شاگرد ۽ فريسي تہ روزا رکن ٿا پر اوهان جا شاگرد ڇو نہ ٿا رکن؟“ |
|
| 19 |
|
| عيسيٰ انهن کي جواب ڏنو تہ ”ڇا گھوٽ جي موجودگيءَ ۾ ڄاڃي روزا رکي سگھن ٿا؟ هرگز نہ! جيستائين گھوٽ انهن سان گڏ آهي، تيستائين کين روزا رکڻ جي ضرورت ناهي. |
|
| 20 |
|
| پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تڏهن هو بہ روزا رکندا. |
|
| 21 |
|
| ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها چتي پراڻي ڪپڙي کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. |
|
| 22 |
|
| ساڳيءَ طرح ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ نہ ٿو ڀري. جيڪڏهن هو ائين ڪندو تہ اها مئي ساندارن کي ڦاڙي وجھندي. سو مئي ۽ ساندارا ٻئي زيان ٿي ويندا. تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀربي آهي.“ |
|
| 23 |
|
| سبت جي هڪڙي ڏينهن تي عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن سميت اناج وارين ٻنين مان لنگھي رهيو هو، تہ ڪي شاگرد رستي تي هلندي اناج جا سنگ پٽڻ لڳا. |
|
| 24 |
|
| تنهن تي فريسين عيسيٰ کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا شاگرد اهو ڪم ڇو ٿا ڪن جيڪو سبت جي ڏينهن تي جائز نہ آهي؟“ |
|
| 25 |
|
| عيسيٰ چين تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ سردار ڪاهن ابياتر جي ڏينهن ۾ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي ۽ کين کائڻ لاءِ ڪجھہ گھربو هو، تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذراني وارا روٽ کڻي پاڻ بہ کاڌائين ۽ پنهنجي ساٿين کي بہ ڏنائين، جيتوڻيڪ اُهي روٽ ڪاهنن کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ کائڻ جائز نہ هئا.“ |
|
| 26 |
|
|
|
| 27 |
|
| عيسيٰ انهن کي وڌيڪ چيو تہ ” سبت انسانن لاءِ ٺهيو آهي، انسان سبت جي لاءِ نہ. |
|
| 28 |
|
| ياد رکو، ابنِ آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“ |
|
|
|
|