|
| 1 |
|
| ۽ وري هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي تعليم ڏيڻ لڳو، ۽ وٽس ايترا ماڻهو اچي مڙيا جو پاڻ سمنڊ تي هڪڙيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهي ويٺو، ۽ ٻي ساري خلق ڪناري تي بيٺي رهي. |
|
| 2 |
|
| ۽ هو اُنهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن ۾ سيکارڻ لڳو، ۽ پنهنجي تعليم ڏيندي چيائين، |
|
| 3 |
|
| تہ ٻڌو، ڏسو هڪڙو هاري ٻج ڇَٽڻ نڪتو، |
|
| 4 |
|
| ۽ هيئن ٿيو جو ٻج ڇَٽڻ مهل ڪي داڻا اچي گَس تي ڪِريا، ۽ پکي اچي اُهي چُڳي ويا. |
|
| 5 |
|
| ۽ ڪي ٽڪرائتي زمين تي ڪِريا، جتي گهڻي مٽي ڪانہ هئي، ۽ اُهي يڪدم ڦُٽي نڪتا، ڇالاءِ جو اُتي مٽي پوري ڪانہ هئي: |
|
| 6 |
|
| ۽ جڏهن سج اُڀريو تڏهن اُهي سڙي ويا؛ ۽ پاڙ نہ هئڻ جي ڪري سُڪي ويا. |
|
| 7 |
|
| ۽ ڪي ڪنڊين ۾ ڪِريا، ۽ ڪنڊين وڌي اُنهن کي گهُٽي وڌو، ۽ هنن ڦر ڪونہ جهليو. |
|
| 8 |
|
| ۽ ڪي ڀليءَ زمين تي ڪِريا، ۽ اُهي اُڀريا، ۽ وڌيا، ۽ ڦر جهليائون، ڪن ٽيهوڻو، ڪن سٺوڻو، ۽ ڪن سؤڻو. |
|
| 9 |
|
| پوءِ هنن کي چوڻ لڳو تہ جنهن کي ٻُڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻُڌي. |
|
| 10 |
|
| ۽ جڏهن هو نويڪلو ٿيو، تڏهن اُنهن ٻارهن ۽ جيڪي سندس آس پاس هئا، تن اُنهن مثالن بابت پڇيس. |
|
| 11 |
|
| انهن کي چيائين تہ اوهان کي خدا جي بادشاهي جي ڳجهہ جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، مگر جيڪي ٻاهر آهن تن کي سڀ ڳالهيون مثالن طور ٿيون ٻڌائجن، |
|
| 12 |
|
| تہ ڏسندي ڏسن ۽ نہ پروڙين، ۽ ٻڌندي ٻڌن ۽ نہ سمجهن؛ تہ متان ڦري اچن ۽ معافي ملين. |
|
| 13 |
|
| ۽ چيائين تہ هي مثال سمجهہ ۾ نٿو اچيوَ ڇا؟ تڏهن سڀيئي مثال ڪيئن سمجهندا؟ |
|
| 14 |
|
| پوکڻ وارو ڪلام ٿو پوکي. |
|
| 15 |
|
| ۽ جيڪي گس تي ڪِريا، جتي ڪلام پوکيو ويو، سي اُهي آهن جي جڏهن ٻڌن ٿا تڏهن يڪدم شيطان اچي ٿو، ۽ جيڪو ڪلام انهن ۾ پوکيو ويو آهي سو ڪڍي ٿو وڃي. |
|
| 16 |
|
| ۽ انهيءَ طرح جيڪي ٽڪرائتيءَ زمين تي پوکيل آهن، سي اُهي آهن جي جڏهن ڪلام ٻڌن، تڏهن يڪدم اُهي خوشيءَ سان قبول ٿا ڪن؛ |
|
| 17 |
|
| پر پاڙ نہ هئڻ ڪري ٿوري وقت تائين جٽاءُ ٿا ڪن، ۽ جڏهن ڪلام جي ڪري سختي يا ستائڻ شروع ٿو ٿئي، تڏهن يڪدم ڀلجيو وڃن. |
|
| 18 |
|
| ۽ ٻيا جيڪي ڪنڊين ۾ پوکيا ويا آهن، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا، |
|
| 19 |
|
| مگر دنيا جا فڪر، ۽ دولت جو فريب، ۽ ٻين شين جون خواهشون منجهن گهڙي ڪري ڪلام کي گهٽيو ٿيون ڇڏين، جنهنڪري اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي. |
|
| 20 |
|
| ۽ جي ڀلي زمين ۾ پوکيا ويا، سي اُهي آهن جي ڪلام ٻڌن ٿا، ۽ قبول ٿا ڪن، ۽ ٽيهوڻو ۽ سٺوڻو ۽ سؤڻو ڦل ٿا ڏين. |
|
| 21 |
|
| ۽ هنن کي چيائين تہ ڏيئو انهي لاءِ ٿو آڻجي ڇا تہ ماڻ هيٺ يا کٽولي هيٺ رکجي، ۽ نہ ڏياٽيءَ تي؟ |
|
| 22 |
|
| ڇالاءِ جو ڪابہ شئي لڪل نہ آهي جا ظاهر نہ ٿيندي؛ ۽ ڪابہ شئي ڳجهي نہ آهي، جا پڌري نہ ٿيندي. |
|
| 23 |
|
| جي ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻڌڻ لاءِ ڪَن آهن سو ڀلي ٻڌي. |
|
| 24 |
|
| ۽ چيائين، تہ جيڪي ٻڌو ٿا سو سنڀالي ٻڌو: جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا تنهن سان اوهان کي مئجي ملندو: ۽ اوهان کي پاڻ وڌيڪ ڏنو ويندو. |
|
| 25 |
|
| ڇالاءِ تہ جنهن وٽ ڪي آهي، تنهن کي ڏنو ويندو: ۽ جنهن وٽ ڪي ڪينهي، تنهن کان پاڻ جيڪي اٿس سو بہ کسي وٺبو. |
|
| 26 |
|
| ۽ هن چيو، تہ خدا جي بادشاهت ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو زمين ۾ ٻج پوکي، |
|
| 27 |
|
| ۽ رات جو سمهي ۽ ڏينهن جو جاڳي، ۽ ٻج اهڙيءَ طرح پيو اُڀري ۽ وڌي جو هن کي انهيءَ جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ ٿو پوي. |
|
| 28 |
|
| ۽ زمين پاڻهي ڦل پيدا ٿي ڪري؛ پهريائين سلو ٿو نڪري، پوءِ سنگ، تنهن کانپوءِ سنگن ۾ پڪل داڻا. |
|
| 29 |
|
| پر جڏهن اَن پچي ٿو رهي، تڏهن يڪدم هو انهي ۾ ڏاٽو ٿو وجهي، ڇالاءِ جو لاباري جو وقت اچي پهتو آهي. |
|
| 30 |
|
| ۽ چيائين تہ خدا جي بادشاهت کي ڇا سان ڀيٽ ڪريون؟ |
|
| 31 |
|
| يا ڪهڙي مثال ۾ اُن جو ذڪر ڪريون؟ اُها آهر جي داڻي وانگر آهي، جو جڏهن زمين ۾ پوکجي ٿو، تڏهن جيتوڻيڪ هو دنيا جي سڀني ٻجن کان ننڍو آهي: |
|
| 32 |
|
| تہ بہ پوکڻ کانپوءِ اُڀري سڀني ٻوٽن کان وڌي ٿو وڃي، ۽ وڏيون ٽاريون ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ آسمان جا پکي اُنهي جي ڇانوَ هيٺ رهن. |
|
| 33 |
|
| ۽ اهڙن ڪيترن ئي مثالن سان هو اُنهن کي سندن سمجهہ آهر ڪلام ٻڌائيندو هو؛ |
|
| 34 |
|
| ۽ مثالن کانسواءِ هو ساڻن ڳالهائيندو ئي ڪين هو: پر علحدگيءَ ۾ هو پنهنجن شاگردن کي سڀني ڳالهين جو مطلب سمجهائيندو هو. |
|
| 35 |
|
| ۽ اُنهي ساڳي ڏينهن سانجهيءَ جو هنن کي چيائين، تہ هلو تہ پار هلون. |
|
| 36 |
|
| ۽ خلق کي ڇڏي، جيئن هو تيئن ئي کيس ٻيڙيءَ ۾ پاڻ سان وٺي ويا، ۽ ٻيون ٻيڙيون بہ ساڻس هيون. |
|
| 37 |
|
| پوءِ اچي هڪڙو وڏو طوفان لڳو، ۽ لهرن ٻيڙيءَ تي اهڙو سٽڪو لائي ڏنو، جو ٻيڙي ڀرجڻ لڳي. |
|
| 38 |
|
| ۽ پاڻ پاڇيل تي وهاڻو ڏيو سمهيو پيو هو، ۽ هنن اچي جاڳائي چيس، تہ اي اُستاد، توکي پرواهہ ئي ڪانهي ڇا تہ اسين برباد ٿا ٿيون؟ |
|
| 39 |
|
| تنهن تي هو جاڳيو، ۽ واءُ کي جهڻڪيائين، ۽ سمنڊ کي چيائين، تہ بس، ماٺو ٿيءُ. پوءِ واءُ بيهي ويو ۽ ڏاڍي نوائي ٿي ويئي. |
|
| 40 |
|
| پوءِ هنن کي چيائين، تہ ڇو ٿا ڊڄو؟ اڃا بہ ايمان ڪونہ اٿوَ ڇا؟ |
|
| 41 |
|
| ۽ هو ڏاڍا ڊنا، ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ هي تڏهن ڪير آهي، جو واءُ ۽ سمنڊ بہ سندس حڪم ٿا مڃين؟ |
|
|
|
|