|
| 1 |
|
| ۽ هو سمنڊ جي پرئين ڀر گراسينين جي ملڪ ۾ لنگهي آيا. |
|
| 2 |
|
| ۽ اڃا ٻيڙيءَ تان مس لٿو، تہ يڪدم هڪڙو ماڻهو جنهن ۾ ڀوت هو سو قبرستان مان نڪري اچي گڏيس. |
|
| 3 |
|
| هو رهندو ئي قبرستان ۾ هو، ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻَڌي نٿي سگهيو؛ |
|
| 4 |
|
| ڇالاءِ جو هن کي گهڻائي ڀيرا نيئرن ۽ زنجيرن سان ٻَڌو هئائون، تہ بہ هن زنجير ڇني، ۽ نيئر پرزا پرزا ڪري ڇڏيا هئا: ۽ ڪوبہ ماڻهو کيس قابو ڪري نٿي سگهيو. |
|
| 5 |
|
| ۽ هو هميشہ رات ڏينهن قبرن ۽ ٽڪرن ۾ پيو رڙيون ڪندو هو، ۽ پاڻ کي پهڻن سان ڦٽيندو هو. |
|
| 6 |
|
| جڏهن هن يسوع کي پري کان ڏٺو، تڏهن ڊوڙي وڃي سجدو ڪيائينس؛ |
|
| 7 |
|
| ۽ وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي. |
|
| 8 |
|
| ڇالاءِ جو هن چيو هوس، تہ اي ڀوت، هن ماڻهوءَ مان نڪري اچ. |
|
| 9 |
|
| پوءِ پڇيائينس تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن چيس تہ منهنجو نالو لشڪر آهي؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻا آهيون. |
|
| 10 |
|
| ۽ هن منٿ ڪري چيس، تہ اسان کي هن ملڪ مان تڙي نہ ڪڍ. |
|
| 11 |
|
| ۽ اُتي جبل جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪڙو وڏو ڌڻ پئي چريو، |
|
| 12 |
|
| ۽ هو کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا تہ اسان کي سوئرن ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي. |
|
| 13 |
|
| تنهن تي هن کين موڪل ڏني، ۽ اُهي ڀوت نڪري سوئرن ۾ وڃي پيا، ۽ اُهو ڌڻ، جو شمار ۾ اٽڪل ٻہ هزار هو، سو اُڀ ڪپريءَ تان ڌوڪيندو وڃي سمنڊ ۾ پيو، ۽ پاڻيءَ ۾ غوطا کائي مئو. |
|
| 14 |
|
| ۽ جن انهن کي ويٺي چاريو، سي اُٿي ڀڳا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اُها خبر ٻڌايائون. تنهن تي ماڻهو اُهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا. |
|
| 15 |
|
| ۽ اچي ڏسن تہ اُهو ڀوتاريل ماڻهو، يعني جنهن ۾ ڀوتن جو لشڪر هو، سو يسوع وٽ ڪپڙا پهري، پوري هوش ۾ ويٺو آهي، تڏهن ڊپ وٺي وين. |
|
| 16 |
|
| ۽ جن اُهو رنگ ڏٺو هو، تن انهي ڀوتاريل ماڻهوءَ جي حقيقت ۽ سوئرن جي ڳالهہ هنن کي ڪري ٻڌائي. |
|
| 17 |
|
| تنهن تي هو عرض ڪرڻ لڳس تہ اسان جي حدن مان نڪري هليو وڃ. |
|
| 18 |
|
| پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ تي ٿي چڙهيو، تڏهن جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هئا، تنهن عرض ڪيس تہ مون کي پاڻ وٽ رهڻ ڏي. |
|
| 19 |
|
| پر هن موڪل نہ ڏنس، ۽ چيائينس تہ پنهنجي گهر وڃي پنهنجن عزيزن کي ٻڌاءِ تہ خداوند توسان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي آهي، ۽ توتي ڪيترو نہ رحم ڪيو اٿس. |
|
| 20 |
|
| پوءِ هو هليو ويو، ۽ دڪاپلس ۾ وڃي پڌرو ڪرڻ لڳو تہ يسوع مون سان ڪهڙي نہ ڀلائي ڪئي: ۽ سڀ ماڻهو عجب ۾ پئجي ويا. |
|
| 21 |
|
| ۽ جڏهن يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري پار آيو، تڏهن ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو وٽس اچي گڏ ٿيو، ۽ هو سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي هو. |
|
| 22 |
|
| ۽ عبادتخاني جي سردارن مان هڪڙو يائرس نالي آيو؛ ۽ کيس ڏسي پيرين پيس، |
|
| 23 |
|
| ۽ ڏاڍي نيزاري ڪري چوڻ لڳس تہ منهنجي ننڍي نياڻي مرڻ تي آهي: ڀلائي ڪري هلي هٿ گهمائينس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي. |
|
| 24 |
|
| تنهن تي هو ساڻس گڏجي ويو، ۽ هڪڙو وڏو ميڙاڪو سندس پٺيان اُٿي هليو، ۽ ماڻهو مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا. |
|
| 25 |
|
| ۽ هڪڙي زال جنهن کي ٻارهن ورهين کان رت وهندو هو، |
|
| 26 |
|
| ۽ ڪيترن ئي طبيبن جي هٿان گهڻيون تڪليفون سَٺيون هئائين، ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ خرچي کپائي رهي هئي، ۽ فائدو تہ ڪونہ رسيو هوس پر اُٽلندو وڌيڪ بيمار ٿيندي ويئي، |
|
| 27 |
|
| سا يسوع بابت ڳالهيون ٻڌي گوڙ ۾ پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي کي هٿ لاتائين. |
|
| 28 |
|
| ڇالاءِ جو هن چيو ٿي تہ جي آئون رڳو سندس ڪپڙن کي کڻي هٿ لائينديس، تہ چڱي ڀلي ٿي پونديس. |
|
| 29 |
|
| ۽ يڪدم رت وهڻ بند ٿي ويس، ۽ پاڻ ۾ سمجهيائين تہ هاڻ آئون انهي آزار کان ڇُٽي آهيان. |
|
| 30 |
|
| ۽ يڪدم يسوع اندر ۾ ڄاتو تہ مون مان قدرت نڪتي آهي. تڏهن گوڙ ۾ ڦري چيائين تہ ڪنهن منهنجن ڪپڙن کي هٿ لاتو؟ |
|
| 31 |
|
| ۽ سندس شاگردن چيس تہ تون ڏسين ٿو تہ ماڻهو توتي ڳاهٽ پيا ٿين، پوءِ بہ چوين ٿو تہ ڪنهن مون کي هٿ لاتو؟ |
|
| 32 |
|
| هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، تہ ڏسان تہ ڪنهن اهو ڪم ڪيو آهي. |
|
| 33 |
|
| پر زال کي خبر هئي تہ ساڻس ڇا ٿيو آهي، سا ڊڄندي ۽ ڏڪندي اچي پيرين پيس، ۽ سموري ڳالهہ ڪري ٻڌايائينس. |
|
| 34 |
|
| تنهن تي هن چيس تہ ڌيءَ، تنهنجي ايمان توکي ڇُٽايو آهي، سلامت هلي وڃ ۽ انهي آزار کان ڇُٽيئن. |
|
| 35 |
|
| اڃا هن ڳالهايو ئي پئي، تہ عبادتخاني جي سردار جي گهر مان ڪن ماڻهن اچي چيو تہ تنهنجي نياڻي مري ويئي: |
|
| 36 |
|
| هاڻي اُستاد کي وڌيڪ تڪليف ڇو ٿو ڏين؟ پر يسوع انهي چوڻ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏئي عبادتخاني جي سردار کي چيو تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک. |
|
| 37 |
|
| ۽ هن پطرس، ۽ يعقوب، ۽ يعقوب جي ڀاءُ يوحنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پنهنجي پٺيان اچڻ نہ ڏنو. |
|
| 38 |
|
| ۽ هو عبادتخاني جي سردار جي گهر آيا، تہ ڇا ڏسي تہ گوڙ لڳو پيو آهي، ۽ ڏاڍو پيا روئن پِٽين. |
|
| 39 |
|
| پوءِ جڏهن اندر آيو تڏهن چيائين تہ اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو، ۽ ڇو پيا روئو؟ ڇوڪري مئي ڪانهي، پر سُتي پيئي آهي. |
|
| 40 |
|
| تنهن تي هو مٿس کِلڻ لڳا. پر هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ رڳو ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجن ساٿين کي پاڻ سان ڪري، اندر گهڙي انهي هنڌ ويو، جتي اُها ڇوڪري پيئي هئي. |
|
| 41 |
|
| ۽ ڇوڪريءَ کي هٿ کان وٺي چوڻ لڳو، تہ ”تليتا قُومي؛“ جنهن جو ترجمو آهي، اي نينگر، آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ. |
|
| 42 |
|
| ۽ يڪدم ڇوڪري اُٿي کڙي ٿي ۽ هلڻ لڳي؛ ڇالاءِ جو هوءَ ٻارهن ورهين جي هئي، ۽ هنن کي حد کان وڌيڪ حيراني لڳي ويئي. |
|
| 43 |
|
| پوءِ هن انهن کي سخت تاڪيد ڪئي تہ هن ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي: ۽ چيائين تہ ڪجهہ کائڻ لاءِ ڏيوس. |
|
|
|
|