|
| 1 |
|
| پوءِ هو اُتان نڪري پنهنجي وطن آيو، ۽ سندس شاگرد پٺيانئس آيا. |
|
| 2 |
|
| ۽ جڏهن سبت جو ڏينهن آيو، تڏهن هو عبادتگاهہ ۾ تعليم ڏيڻ لڳو: ۽ گهڻا ماڻهو ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي اِهي ڳالهيون ڪٿان آيون؟ ۽ اها ڪهڙي دانائي آهي جا هن ماڻهوءَ کي ملي آهي، ۽ سندس هٿان ڪيڏا نہ معجزا ٿا ٿين؟ |
|
| 3 |
|
| هي اُهو واڍو نہ آهي ڇا، جو مريم جو پٽ، ۽ يعقوب، ۽ يوسيس، ۽ يهوداہ، ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ۽ هن جون ڀينرون هتي اسان وٽ ڪينهن ڇا؟ سو هنن کيس قبول نہ ڪيو. |
|
| 4 |
|
| ۽ يسوع هنن کي چيو تہ ڪنهن بہ نبيءَ جي پنهنجي وطن، ۽ پنهنجن مٽن مائٽن، ۽ پنهنجي گهر کانسواءِ ٻئي هنڌ بي عزتي ڪانہ ٿي ٿئي. |
|
| 5 |
|
| ۽ اُتي هو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگهيو، سواءِ انهي کان تہ ٿورن بيمارن کي هٿ لائي شفا ڏنائين. |
|
| 6 |
|
| ۽ هنن جي بي اعتقاديءَ تي ڏاڍو عجب لڳس. پوءِ هو چوڌاري ڳوٺن ۾ تعليم ڏيندو گهمندو رهيو. |
|
| 7 |
|
| ۽ هن انهن ٻارهن ڄڻن کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ انهن کي ٻہ ٻہ ڪري روانو ڪيائين؛ ۽ کين ڀوتن تي اختياري ڏنائين؛ |
|
| 8 |
|
| ۽ تاڪيد ڪري ڇڏيائين، تہ سفر ۾ لٺ کانسواءِ ٻيو ڪي بہ نہ کڻجو؛ نڪا ماني، نڪا جهولي، نڪو هڙ ۾ پئسو؛ |
|
| 9 |
|
| پر رڳو چاکڙيون پائجو: ۽ ٻہ ڪوٽ نہ پائجو. |
|
| 10 |
|
| ۽ چيائين تہ جتي ڪنهن گهر ۾ وڃو، تہ جيسين وري اُتان نڪرو تيسين اُتي ئي ٽڪيا پيا هجو. |
|
| 11 |
|
| ۽ جنهن هنڌ جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، ۽ اوهان جي نہ ٻُڌن، تن وٽان رواني ٿيڻ مهل اوهين پنهنجن پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو، تہ ڀلي مٿن شاهدي ٿئي. |
|
| 12 |
|
| پوءِ اُهي روانا ٿيا، ۽ منادي ڪرڻ لڳا تہ توبهہ ڪريو. |
|
| 13 |
|
| ۽ ڪيترا ڀوت ڪڍيائون، ۽ گهڻن ئي بيمارن کي تيل مکي چڱو ڀلو ڪيائون. |
|
| 14 |
|
| ۽ هيروديس بادشاهہ اهي ڳالهيون ٻڌيون، ڇالاءِ جو هن جو نالو مشهور ٿي ويو هو، ۽ چوڻ لڳو تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو مئلن مان جي اُٿيو آهي، تنهنڪري هن جي هٿان اِهي معجزا ٿا ٿين. |
|
| 15 |
|
| پوءِ ٻين چيو، تہ اهو ايلياہ آهي، ۽ ڪن چيو تہ ڪو نبي آهي، يعني نبين مان هڪڙي جهڙو آهي. |
|
| 16 |
|
| پر جڏهن هيروديس هي ٻڌو، تڏهن چيائين تہ يوحنا، جنهن جي مون سسي لهرائي هئي، سو ئي جي اُٿيو آهي. |
|
| 17 |
|
| ڇالاءِ تہ هيروديس پاڻ ماڻهو موڪلي يوحنا کي جهلايو هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر قيدخاني ۾ وڌو هئائينس، جو هن سان پرڻجي ويٺو هو. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو يوحنا هيروديس کي چيو هو تہ توکي پنهنجي ڀاءُ جي زال کي رکڻ روا نہ آهي. |
|
| 19 |
|
| ۽ هيرودياس جي ساڻس دشمني هئي، ۽ کيس مارائي ڇڏڻ جي مرضي هيس، مگر وس نٿي پڳس؛ |
|
| 20 |
|
| ڇالاءِ جو هيروديس کي خبر هئي تہ يوحنا پاڪ ۽ راستباز ماڻهو آهي، تنهنڪري کانئس ڊڄندو هو، ۽ کيس صحيح سلامت رکندو هو؛ ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، تڏهن ڏاڍو مُنجهي پوندو هو، پر ٻُڌندو خوشيءَ سان هوس. |
|
| 21 |
|
| ۽ هڪڙي موقعي تي جڏهن هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن پنهنجن اميرن ۽ وڏن جنگي سردارن، ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي ماني ڪئي هئي، |
|
| 22 |
|
| تڏهن خود هيرودياس جي ڌيءَ اندر آئي، ۽ ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيائين؛ ۽ بادشاهہ اُنهيءَ ڇوڪريءَ کي چيو، تہ گهُر جيڪي گهُرڻو هجيئي تہ ڏيانءِ. |
|
| 23 |
|
| ۽ قسم کڻي چيائينس تہ اڌ بادشاهت تائين جيڪي بہ گهرندئين سو ڏيندوسانءِ. |
|
| 24 |
|
| تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي، ۽ پنهنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ڇا گهران؟ هن چيس تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي. |
|
| 25 |
|
| سو يڪدم هوءَ تڪڙي تڪڙي اندر بادشاهہ وٽ آئي، ۽ عرض ڪري چيائينس تہ منهنجي مرضي آهي، تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي هڪڙيءَ ٿالهيءَ ۾ وجهي هينئر جو هينئر مون کي ڏين. |
|
| 26 |
|
| تنهن تي بادشاهہ کي ڏاڍو ارمان ٿيو؛ پر پنهنجن قسمن جي ڪري، ۽ مهمانن جي خاطر، هن جو چوڻ موٽائي نہ سگهيو. |
|
| 27 |
|
| ۽ يڪدم بادشاهہ پهري وارن سپاهين مان هڪڙي کي روانو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائينس تہ وڃي هن جي سسي لاهي کڻي اچ: ۽ هن وڃي قيدخاني ۾ هن جي سسي لاٿي، |
|
| 28 |
|
| ۽ ٿالهيءَ ۾ رکي کڻي آيو، ۽ انهيءَ ڇوڪريءَ کي ڏنائين؛ ۽ ڇوڪريءَ اُها وٺي پنهنجي ماءُ کي ڏني. |
|
| 29 |
|
| ۽ جڏهن هن جي شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن آيا ۽ هن جو لاشو کڻي وڃي قبر ۾ رکيائون. |
|
| 30 |
|
| پوءِ رسول يسوع وٽ وري اچي گڏ ٿيا، ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون، ۽ جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن سڀ جو بيان ڪري ٻڌايائون. |
|
| 31 |
|
| ۽ هن چين تہ اوهين پاڻ خلاصا ڪنهن ويران هنڌ تي هلو، ۽ ٿورو آرام ڪريو، ڇالاءِ جو ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ لڳي پيئي هئي، ۽ هنن کي ماني کائڻ جيتري بہ فرصت ڪانہ ٿي ملي. |
|
| 32 |
|
| سو هو ٻيڙيءَ تي چڙهي خلاصا هڪڙي ويران هنڌ ڏانهن علحدگيءَ ۾ ويا. |
|
| 33 |
|
| پر ماڻهن هنن کي ويندو ڏٺو ۽ گهڻن سڃاڻي ورتن، ۽ اُهي سڀني شهرن مان نڪري گڏجي پيرين پنڌ اوڏانهن ڀڳا، ۽ هنن کان بہ اڳي وڃي اُتي سهڙيا. |
|
| 34 |
|
| پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو. |
|
| 35 |
|
| ۽ جڏهن هاڻ ڏينهن گهڻو گذري ويو هو، تڏهن سندس شاگرد وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ هي هنڌ ويران آهي، ۽ ڏينهن بہ گهڻو گذري ويو آهي؛ |
|
| 36 |
|
| هنن کي موڪل ڏي تہ آس پاس وارن ڳوٺن ۽ گهرن ۾ وڃي پنهنجي لاءِ ڪي ڪجهہ ڳنهي کائين. |
|
| 37 |
|
| پر هن ورندي ڏيئي چين تہ اوهين کائڻ لاءِ ڏيونِ. تڏهن هنن چيس تہ ڇا اسين ٻن سون دينارن جون مانيون خريد ڪري هنن کي کارايون؟ |
|
| 38 |
|
| هن پڇين تہ اوهان وٽ ڪيتريون مانيون آهن؟ وڃي ڏسو. جڏهن ڏٺائون تڏهن اچي چيائون تہ پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون. |
|
| 39 |
|
| ۽ هن حڪم ڏيئي چين تہ سڀيئي ٽوليون ٽوليون ٿي سائي گاهہ تي ويهي وڃو. |
|
| 40 |
|
| سو هو هڪ هڪ سؤ ۽ پنجاهہ پنجاهہ جون قطارون ڪري ويهي ويا. |
|
| 41 |
|
| پوءِ هن اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کنيون، ۽ آسمان ڏانهن نهاري برڪت گهُريائين، ۽ مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏيندو ويو تہ هنن جي اڳيان رکن؛ ۽ ٻہ مڇيون بہ سڀني کي ورهائي ڏنائين. |
|
| 42 |
|
| ۽ اُنهن مڙني کائي ڍءُ ڪيو. |
|
| 43 |
|
| ۽ ٽڪر ٽيرا جيڪي بچيا تن مان ٻارهن کاريون ڀري کنيائون. |
|
| 44 |
|
| ۽ جن اُهي مانيون کاڌيون سي پنج هزار مرد هئا. |
|
| 45 |
|
| ۽ يڪدم هن پنهنجن شاگردن تي زور رکيو تہ اوهين ٻيڙيءَ تي چڙهي مون کان اڳي هن ڀر بيت صيدا ۾ هلو، جيسين آئون خلق کي روانو ڪريان. |
|
| 46 |
|
| پوءِ جڏهن هنن کان موڪلائي رهيو، تڏهن دعا گهرڻ لاءِ جبل تي ويو. |
|
| 47 |
|
| ۽ جڏهن سانجهي ٿي، تڏهن ٻيڙي سمنڊ جي وچ ۾ هئي، ۽ پاڻ اڪيلو سُڪيءَ تي هو. |
|
| 48 |
|
| ۽ جڏهن ڏٺائين تہ هو ٻيڙي ڪاهي ڪاهي هلاک ٿيا آهن، ڇالاءِ جو واءُ کين اڻائو هو، تڏهن رات جي چوٿين پهر ڌاري، هو پاڻ سمنڊ تي پنڌ ڪري وٽن آيو، ۽ جيڪر کانئن لنگهي وڃي ها: |
|
| 49 |
|
| پر هنن کيس سمنڊ تي پنڌ ڪندو ڏسي ڀانئيو تہ ڪو شر آهي؛ سو رڙيون ڪرڻ لڳا: |
|
| 50 |
|
| ڇالاءِ جو هو سڀيئي کيس ڏسي دهلجي ويا هئا، پر هن يڪدم ساڻن ڳالهايو، ۽ چيائين تہ دلجاءِ ڪريو، آئون آهيان، ڊڄو نہ. |
|
| 51 |
|
| پوءِ هو وٽن ٻيڙيءَ تي ويو، ۽ واءُ بس ٿي ويو: ۽ هو اندر ۾ ڏاڍا حيران ٿي ويا؛ |
|
| 52 |
|
| ڇالاءِ جو هنن مانين واري ڳالهہ نہ سمجهي هئي، پر سندن دل سخت ٿي ويئي هئي. |
|
| 53 |
|
| ۽ جڏهن هو پار لنگهيا، تڏهن گنيسرت جي علائقي ۾ اچي لٿا، ۽ ڪناري تي اچي پڳهہ هنيائون. |
|
| 54 |
|
| ۽ جڏهن هو ٻيڙيءَ تان لٿا، تڏهن ماڻهن يڪدم سڃاڻي ورتس. |
|
| 55 |
|
| ۽ انهي ساري علائقي ۾ چوڌاري ڊوڙي ويا، ۽ جتي ٿي ٻڌائون تہ هو آيو آهي، اُتي بيمارن کي کٽولن تي کڻي ٿي آيا. |
|
| 56 |
|
| ۽ ڳوٺن، ۽ شهرن، ۽ ٻهراڙيءَ ۾، جتي ڪٿي هو ويو ٿي، اُتي بيمارن کي بازارن ۾ آڻي ٿي رکيائون، ۽ منٿ ڪري ٿي چيائونس تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتس، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا. |
|
|
|
|