|
| 1 |
|
| هاڻي سڀ محصولي ٺيڪيدار ۽ گنهگار هن جون ڳالهيون ٻُڌڻ لاءِ وٽس پئي آيا. |
|
| 2 |
|
| ۽ فريسي توڙي فقيهہ سُر پُر ڪري چوڻ لڳا، تہ هيءُ ماڻهو گنهگارن کي پاڻ وٽ اچڻ ۽ گڏ کائڻ ٿو ڏئي. |
|
| 3 |
|
| تنهن تي هي مثال ڏيئي چيائين تہ |
|
| 4 |
|
| اوهان مان اُهو ڪير آهي، جنهن کي هڪ سؤ رڍون هجن، ۽ اُنهن مان هڪڙي گم ٿي وڃيس، تہ نوانوي جهنگ ۾ ڇڏي اُنهيءَ وڃايل جي پٺيان نہ رُلي، جيسين ڪ اُها لڀيس؟ |
|
| 5 |
|
| پوءِ جڏهن لڀيس ٿي، تڏهن خوشيءَ وچان کنيو ڪلهن تي چاڙهيس، |
|
| 6 |
|
| ۽ گهر اچڻ سان پنهنجا دوست ۽ پاڙيسري سڏي ٿو چوين تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ جو رڍ جا گم ٿي ويئي هيم سا لڌي آهي. |
|
| 7 |
|
| آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح نوانوي سچار ماڻهو، جن کي توبهہ درڪار نہ آهي، تنهن کان هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ آسمان ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي. |
|
| 8 |
|
| يا اُها ڪهڙي زال آهي، جنهن کي ڏهہ روپيا هجن، ۽ جي هڪڙو وڃيس هليو، تہ ڏيئو ٻاري ۽ گهر ٻُهاري، اُنهي کي چڱيءَ طرح نہ ڳولي، جيسين ڪ لڀيس؟ |
|
| 9 |
|
| ۽ جڏهن لڀيس ٿو، تڏهن پنهنجين ساهيڙين ۽ پاڙي وارين کي ڪوٺي ٿي چوي، تہ مون سان گڏجي خوشي ڪريو، ڇالاءِ تہ رپيو جو گم ٿي ويو هوم سو لڌو اٿم. |
|
| 10 |
|
| ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي. |
|
| 11 |
|
| ۽ هن هي بہ چيو، تہ هڪڙي شخص کي ٻہ پٽ هئا: |
|
| 12 |
|
| جن مان ننڍو پيءُ کي چوڻ لڳو، تہ اي بابا، ملڪيت جو حصو جو منهنجو ٿو ٿئي، سو مون کي ڏي. ۽ هن ملڪيت ورهائي ڏنين. |
|
| 13 |
|
| ۽ اڃا گهڻا ڏينهن گذريا ئي ڪين، تہ ننڍو پٽ سڀ ڪجهہ ميڙي چونڊي ڏورانهين ملڪ جي مسافريءَ تي نڪتو، ۽ اُتي بدچالي ڪري پنهنجي ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين. |
|
| 14 |
|
| ۽ جڏهن سڀ کائي کپائي چڪو، تڏهن اُنهي ملڪ ۾ ڏاڍو ڏڪار اچي پيو؛ ۽ هو محتاج ٿيڻ لڳو. |
|
| 15 |
|
| سو وڃي انهي ملڪ جي هڪڙي ماڻهوءَ کي لڳو، جنهن پنهنجين ٻنين ۾ سوئرن چارڻ لاءِ موڪليس. |
|
| 16 |
|
| ۽ جيڪي ڇَلون سوئرن پئي چَريون، سي هوند خوشيءَ سان کائي پيٽ ڀري ها، پر ڪنهن بہ ڪين ٿي ڏنس. |
|
| 17 |
|
| پر جڏهن هن پاڻ سنڀاليو، تڏهن چيائين تہ منهنجي پيءُ جي گهر ۾ ڪيترن نوڪرن کي ججهي ماني پيئي ملي، ۽ آئون هتي بک پيو مران! |
|
| 18 |
|
| آئون اُٿي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس، ۽ چوندوسانس تہ اي بابا، مون آسمان جو ۽ تنهنجو گناهہ ڪيو آهي: |
|
| 19 |
|
| هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو تنهنجو پٽ چوايان، مون کي پنهنجن نوڪرن مان هڪڙو ڪري بيهار. |
|
| 20 |
|
| ۽ هو اُٿي پيءُ وٽ آيو، پر اڃا پري ئي هو تہ پڻس ڏٺس، ۽ مٿس ڪهل اچي ويس، ۽ ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چُميائينس. |
|
| 21 |
|
| تڏهن پٽس چيس، تہ اي بابا، مون آسمان جو ۽ تنهنجو گناهہ ڪيو آهي: هاڻ انهيءَ لائق نہ آهيان جو تنهنجو پٽ چوايان. |
|
| 22 |
|
| پر پڻس نوڪرن کي چيو، تہ جلدي اُچي ۾ اُچو وڳو کڻي آڻي پهرايوس؛ ۽ هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جُتي پارايوس: |
|
| 23 |
|
| ۽ متارو وهڙو آڻي ڪُهو ۽ اچو تہ کائون پيئون ۽ خوشي ڪريون، |
|
| 24 |
|
| ڇالاءِ جو هيءُ منهنجو پٽ، جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي. ۽ اُهي خوشيون ڪرڻ لڳا. |
|
| 25 |
|
| هاڻي سندس وڏو پٽ جو ٻنيءَ تي هو، سو جڏهن اُتان موٽيو، ۽ گهر جي ويجهو آيو، تڏهن ڳائڻ وڄائڻ ۽ نچڻ جو پڙلاءُ ڪَن تي پيس. |
|
| 26 |
|
| تڏهن هڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائين تہ هي ڇا پيو ٿئي؟ |
|
| 27 |
|
| هن چيس تہ تنهنجو ڀاءُ آيو آهي، ۽ تنهنجي پيءُ متارو وهڙو ڪُٺو آهي، ڇالاءِ جو هو صحيح سلامت وٽس آيو آهي. |
|
| 28 |
|
| پر هو اچي ڪاوڙيو، ۽ اندر ئي نہ وڃي. تنهن تي پڻس ٻاهر آيو، ۽ اچي سمجهايائينس. |
|
| 29 |
|
| پر هن جواب ڏيئي پيءُ کي چيو، تہ ڏس، هيترا سال آئون تنهنجي خدمت ۾ رهيو آهيان، ۽ ڪڏهن تنهنجي چئي کان ٻاهر نہ ويو آهيان: تہ بہ تو مون کي هڪڙو ڇيلو بہ نہ ڏنو، تہ آئون پنهنجن سنگتين سان وڃي خوشي ڪريان: |
|
| 30 |
|
| پر جڏهن هي تنهنجو پٽ آيو آهي، جنهن تنهنجي ملڪيت ڪڃرين ۾ برباد ڪري ڇڏي آهي، تڏهن اُنهي لاءِ متارو وهڙو ڪُٺو اٿيئي. |
|
| 31 |
|
| تنهن تي هن چيس، تہ پٽ، تون تہ هميشہ مون ساڻ آهين، ۽ جيڪي منهنجو آهي، سو سڀوئي تنهنجو آهي. |
|
| 32 |
|
| پر واجب هو تہ اسين شادماني ڪريون، ۽ خوشي ملهايون، ڇوتہ هيءُ تنهنجو ڀاءُ جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي. |
|
|
|
|