|
| 1 |
|
| هاڻي انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ قيصر اگستس اهو حڪم جاري ڪيو تہ سڄيءَ دنيا جي ماڻهن جا نالا لکجن. |
|
| 2 |
|
| هيءَ پهرين آدمشماري هئي، جا سوريہ جي حاڪم ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي. |
|
| 3 |
|
| تڏهن سڀڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ نالو لکائڻ ويو. |
|
| 4 |
|
| ۽ يوسف بہ گليل جي ناصرت نالي شهر مان، دائود جي يهوديہ واري شهر ۾ ويو، جنهن کي بيت الحم سڏيندا آهن، ڇالاءِ جو هو دائود جي گهراڻي ۽ نسل مان هو؛ |
|
| 5 |
|
| انهي لاءِ تہ پنهنجي مڱ مريم، جا حمل واري هئي، تنهن سان گڏ نالو لکائي. |
|
| 6 |
|
| ۽ هيئن ٿيو تہ اڃا هو اتي ئي هئا تہ مريم جا ڏينهن اچي ڀريا. |
|
| 7 |
|
| ۽ انهيءَ پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو، تنهن کي ٻاروتن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇوتہ اُنهن لاءِ سراءِ ۾ جاءِ ڪانہ هئي. |
|
| 8 |
|
| ۽ انهي ملڪ ۾ ڪي ريڍار هئا، ۽ جن رات جو پنهنجي ڌڻ جي سنڀال پئي ڪئي. |
|
| 9 |
|
| ۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ هنن وٽ اچي بيٺو، ۽ خداوند جو جلال انهن جي چوڌاري چمڪڻ لڳو: ۽ هو ڏاڍو ڊڄي ويا. |
|
| 10 |
|
| پر ملائڪ انهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو ڏسو، مون اوهان لاءِ وڏي خوشخبري آندي آهي، جا سڄيءَ اُمت لاءِ ٿيندي: |
|
| 11 |
|
| ڇوتہ اڄ دائود جي شهر ۾ اوهان لاءِ هڪڙو نجات ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جو مسيح خداوند آهي. |
|
| 12 |
|
| ۽ هن جي هيءَ نشاني اٿوَ، تہ اوهين هڪ ٻار کي ٻاروتن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا. |
|
| 13 |
|
| ۽ اوچتو ئي انهي ملائڪ سان گڏ آسماني لشڪر جو هڪڙو ڪٽڪ خدا جي واکاڻ ڪندو، ۽ هيئن چوندو ڏسڻ ۾ آيو، |
|
| 14 |
|
| تہ ”آسمان ۾ خدا جي وڏائي، ۽ زمين تي اُنهن ماڻهن منجهہ صلح، جن سان هو راضي آهي.“ |
|
| 15 |
|
| ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ملائڪ انهن وٽان آسمان ۾ هليا ويا، تڏهن ريڍار پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ هلو تہ بيت الحم ۾ هلون، ۽ هيءَ ڳالهہ جا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون. |
|
| 16 |
|
| ۽ هو تڪڙا تڪڙا آيا، ۽ اچي مريم ۽ يوسف ٻنهي کي، ۽ آهر ۾ پيل ٻار کي ڏٺائون. |
|
| 17 |
|
| ۽ جڏهن اهو ڏٺائون، تڏهن انهي ٻار بابت جيڪي ٻُڌو هئائون، سو پڌرو ڪرڻ لڳا. |
|
| 18 |
|
| ۽ جيڪي ڳالهيون ريڍارن ڪيون، سي ٻڌي سڀني کي تعجب وٺي ويو. |
|
| 19 |
|
| پر مريم اهي سڀ ڳالهيون دل ۾ سانڍي انهن تي خيال ڪندي رهي. |
|
| 20 |
|
| ۽ ريڍار سڀ ڪجهہ، جيئن کين چيو ويو هو، تيئن ڏسي خدا جي وڏائي ۽ واکاڻ ڪندا موٽي ويا. |
|
| 21 |
|
| ۽ انهن ڏينهن کانپوءِ جڏهن هن جي ختني ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن سندس نالو يسوع رکيائون، جو نالو هن جي پيٽ ۾ پوڻ کان اڳي ملائڪ رکيو هو. |
|
| 22 |
|
| ۽ جڏهن موسيٰ جي شريعت موجب سندن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن هن کي خداوند جي اڳيان حاضر ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ وٺي آيا، |
|
| 23 |
|
| (جيئن تہ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ سڀڪو پهريتو پٽ خداوند لاءِ پاڪ ڪري سڏبو)، |
|
| 24 |
|
| ۽ خداوند جي شريعت جي ڪلام موجب، جوڙو قمرين جو، يا ٻہ ٻچا ڪبوترن جا، قرباني چاڙهڻ آيا. |
|
| 25 |
|
| ۽ ڏسو، يروشلم ۾ شمعون نالي، هڪڙو شخص هو، جو راستباز ۽ ديندار ماڻهو هو، سو اسرائيل جي تسليءَ لاءِ اکيون پائي ويٺو هو، ۽ پاڪ روح مٿس هو. |
|
| 26 |
|
| ۽ پاڪ روح ڄاڻايو هوس تہ جيسين خداوند جي مسيح کي نہ ڏسندين، تيسين ڪين مرندين. |
|
| 27 |
|
| هو روح جي هدايت تي هيڪل ۾ آيو، ۽ جڏهن اُنهيءَ ٻار يسوع کي سندس ماءُ پيءُ اندر وٺي آيا، تہ شريعت جي رسم موجب عمل ڪريون، |
|
| 28 |
|
| تڏهن هن کيس هنج ۾ کڻي خدا جي تعريف ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ |
|
| 29 |
|
| ”اي مالڪ هاڻي تون پنهنجي ٻانهي کي پنهنجي قول پٽاندر سلامتيءَ سان موڪل ٿو ڏين: |
|
| 30 |
|
| ڇو جو منهنجين اکين تنهنجي نجات ڏٺي آهي، |
|
| 31 |
|
| جا تو سڀني قومن جي اڳيان تيار ڪئي آهي، |
|
| 32 |
|
| تہ هو غير قومن کي روشني ڏيڻ لاءِ نور، ۽ تنهنجي اُمت اسرائيل جي وڏائي ٿئي.“ |
|
| 33 |
|
| تڏهن جيڪي ڳالهيون هن بابت چيون ويون هيون، سي ٻُڌي هن جا ماءُ پيءُ ڏاڍو عجب کائڻ لڳا. |
|
| 34 |
|
| ۽ شمعون کين برڪت ڏني، ۽ سندس ماءُ مريم کي چيائين تہ ڏس، هي ٻار اسرائيل ۾ گهڻن جي ڪِرڻ ۽ وري اُٿڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ هڪڙي نشان لاءِ آهي، جنهن جي مخالفت ٿيندي: |
|
| 35 |
|
| (بلڪ تنهنجي جان منجهان ترار لنگهي ويندي،) تہ گهڻن جي دلين جا خيال پڌرا ٿي پون. |
|
| 36 |
|
| ۽ حنا نالي هڪڙي نبياڻيءَ، فنوئيل جي ڌيءَ، آشير جي قبيلي مان هئي، جا عمر رسيدہ هئي، ۽ پنهنجي ڪنوارپڻي کان پوءِ ست ورهيہ مڙس سان رهي هئي؛ |
|
| 37 |
|
| ۽ چوراسي ورهين کان بيوهہ هئي، ۽ ڪڏهن بہ هيڪل مان پير ٻاهر نہ ڪڍندي هئي، پر رات ڏينهن روزا رکي، ۽ دعائون گهُري، عبادت پيئي ڪندي هئي: |
|
| 38 |
|
| سا بہ اوڏيءَ مهل آئي ۽ خدا جو شڪر ڪيائين، ۽ جيڪي يروشلم جي ڇوٽڪاري لاءِ اکيون پائي ويٺا هئا، تن سڀني سان هن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳي. |
|
| 39 |
|
| ۽ جڏهن هو خداوند جي شريعت موجب سڀ ڪجهہ پورو ڪري رهيا، تڏهن گليل ملڪ ۾ پنهنجي شهر ناصرت ڏانهن موٽي ويا. |
|
| 40 |
|
| ۽ اُهو ٻار اُسرندو ويو، ۽ زور وٺندو ۽ سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو، ۽ خدا جو فضل مٿس هو. |
|
| 41 |
|
| ۽ سندس ماءُ ۽ پيءُ هر سال فسح جي عيد تي يروشلم ۾ ويندا هئا. |
|
| 42 |
|
| ۽ جڏهن هو ٻارهن ورهين جو ٿيو، تڏهن اُهي عيد جي رسم موجب اوڏانهن ويا. |
|
| 43 |
|
| ۽ جڏهن اُهي ڏينهن پورا ڪري موٽيا ٿي، تڏهن يسوع ڇوڪر يروشلم ۾ رهجي ويو؛ ۽ سندس مائٽن کي خبر ڪانہ پيئي، |
|
| 44 |
|
| پر هنن ائين ڀانئيو تہ قافلي سان آهي. تنهنڪري هڪڙي ڏينهن جي منزل ڪري ويا؛ ۽ پوءِ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ واقفڪارن ۾ کيس ڳولڻ لڳا: |
|
| 45 |
|
| ۽ جڏهن نہ لڌن، تڏهن کيس ڳولڻ لاءِ موٽي يروشلم ڏانهن ويا. |
|
| 46 |
|
| ۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هنن هيڪل ۾ ڳولي اچي لڌس، جتي هو عالمن جي وچ ۾ ويٺو هو، ۽ سندن ڳالهيون بہ پئي ٻڌائين ۽ کانئن سوال بہ پئي پڇيائين: |
|
| 47 |
|
| ۽ جن جن سندس ڳالهيون ٿي ٻُڌيون، تن کي سندس سمجهہ ۽ جوابن تي عجب ٿي لڳو. |
|
| 48 |
|
| ۽ جڏهن هنن کيس ڏٺو، تڏهن عجب وٺي وين، ۽ ماڻس چيس، تہ پٽ، تو اسان سان هيئن ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجي پيءُ ۽ مون ڏاڍي ڏک ۾ توکي پئي ڳوليو آهي. |
|
| 49 |
|
| تنهن تي هن چين تہ مون کي ڇو ٿي ڳوليوَ؟ اوهان ائين نٿي ڄاتو تہ اهو ضروري آهي تہ آئون پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ هجان؟ |
|
| 50 |
|
| پر اها ڳالهہ جا کين چيائين سا هنن کي سمجهہ ۾ نہ آئي. |
|
| 51 |
|
| پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون. |
|
| 52 |
|
| ۽ يسوع سياڻپ ۽ قد، ۽ خدا ۽ انسان جي مقبوليت ۾ وڌندو ويو. |
|
|
|
|