|
| 1 |
|
| پر هفتي جي پهرئين ڏينهن ڍڪيءَ جو، جيڪي سرهاڻيون تيار ڪيون هئائون، سي کڻي قبر تي آيون. |
|
| 2 |
|
| ۽ اچي ڏسن تہ پهڻ ليٽيو قبر کان پاسي ٿيو پيو آهي. |
|
| 3 |
|
| ۽ جڏهن اندر گهڙيون، تہ ڏسن تہ خداوند يسوع جو لاش آهي ئي ڪونہ. |
|
| 4 |
|
| ۽ اڃا انهي ڪري هو وائڙيون ٿيون بيٺيون هيون، تہ ڏسو، ٻہ ماڻهو چمڪندڙ پوشاڪ ۾ وٽن اچي بيٺا. |
|
| 5 |
|
| تنهن تي هو ڊڄي ويون، ۽ جهٽ کڻي زمين تي سر جهڪايائون، تڏهن هنن چين تہ اوهين جيئري کي مُئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟ |
|
| 6 |
|
| هو هت ڪونهي، پر جي اُٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن اڃا هو گليل ۾ هو، تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين، |
|
| 7 |
|
| تہ ضروري آهي تہ ابن آدم کي گنهگارن جي حوالي ڪن، ۽ صليب تي چاڙهين، ۽ هو ٽئين ڏينهن وري جي اُٿي. |
|
| 8 |
|
| ۽ هنن کي سندس ڳالهيون ياد آيون، |
|
| 9 |
|
| ۽ انهن قبر تان موٽي اچي هنن يارهن ۽ ٻين سڀني سان سڄو ذڪر ڪيو. |
|
| 10 |
|
| اُهي مريم مگدليني ۽ يوعانا، ۽ يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون بہ جيڪي اُنهن سان هيون، تن رسولن سان اهي ڳالهيون ڪيون. |
|
| 11 |
|
| پر هنن اهي ڳالهيون آکاڻيءَ طور ڪري ڀانئيون، ۽ کين اُهي اعتبار ۾ ئي ڪين آيون. |
|
| 12 |
|
| پر پطرس اُٿي قبر ڏانهن ڊوڙيو، ۽ نِوڙي اندر نهاريائين تہ ڏسي تہ رڳا ڪفن جا ڪپڙا پيا آهن؛ ۽ جيڪي ٿيو هو، تنهن تي عجب کائيندو گهر موٽيو. |
|
| 13 |
|
| ڏسو، اُنهي ساڳئي ڏينهن منجهانئن ٻہ ڄڻا، امائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جو يروشلم کان پوڻا چار ڪوهہ پري هو، |
|
| 14 |
|
| ۽ اهي سڀ جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن بابت پاڻ ۾ ڳالهيون پئي ڪيائون. |
|
| 15 |
|
| ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون پئي ڪيائون ۽ سوال پئي پڇيائون، تہ يسوع پاڻ ويجهو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو. |
|
| 16 |
|
| پر هنن جون اکيون روڪجي ويون هيون، جيئن هن کي نہ سڃاڻن. |
|
| 17 |
|
| ۽ هن چين تہ اوهين پاڻ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ڪندا پيا وڃو؟ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا. |
|
| 18 |
|
| پوءِ اُنهن مان ڪليوپاس نالي هڪڙي شخص جواب ڏيئي چيس، تہ يروشلم ۾ تون ئي هڪڙو آهين ڇا، جنهن کي خبر ڪانهي تہ اڄ ڪلهہ اُتي ڪهڙيون ڳالهيون ٿي گذريون آهن؟ |
|
| 19 |
|
| ۽ هن چين تہ ڪهڙيون؟ تڏهن هنن چيس تہ يسوع ناصريءَ بابت، جو خدا توڙي ساري خلق اڳيان رهڻيءَ توڙي ڪهڻيءَ ۾ پهچ وارو نبي هو. |
|
| 20 |
|
| ۽ ڪهڙيءَ طرح سردار ڪاهنن ۽ اسان جي حاڪمن کڻي جهلايس، تہ موت جي سزا مليس، ۽ صليب تي چاڙهيائونس. |
|
| 21 |
|
| پر اسان کي اُميد هئي تہ هن جي ئي هٿان اسرائيل جو ڇوٽڪارو ٿيندو. انهن ڳالهين کي اڄ هي ٽيون ڏينهن ٿيو آهي. |
|
| 22 |
|
| ٻيو تہ انهي کانسواءِ اسان منجهان ڪي زالون جي اسر جو قبر تي ويون هيون، تن تہ اسان کي حيرانيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، |
|
| 23 |
|
| جو جڏهن انهن سندس لاش نہ لڌو، تڏهن اچي چوڻ لڳيون تہ اسان کي ملائڪن پڻ ڏيکاري ڏني آهي، جن چيو ٿي تہ هو جيئرو آهي. |
|
| 24 |
|
| ۽ ڪي اسانجن سنگتين مان بہ قبر تي ويا هئا، ۽ جيئن زالن چيو هو، تيئن وڃي ڏٺائون؛ پر هو خود ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو. |
|
| 25 |
|
| تڏهن هن اُنهن کي چيو تہ اي نادان، ۽ نبين جي چئي مڃڻ ۾ بي پرواهہ! |
|
| 26 |
|
| ڇا مسيح کي ضرور ڪين هو تہ هي ڏک سهي، ۽ پوءِ پنهنجي جلال ۾ گهڙي؟ |
|
| 27 |
|
| پوءِ موسيٰ ۽ ٻين نبين کان وٺي سندس بابت جيڪي ڳالهيون مڙني پاڪ لکيتن ۾ هيون، سي انهن کي کولي ٻُڌائڻ لڳو. |
|
| 28 |
|
| ۽ جنهن ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، تنهن کي اچي اوڏو پيا، ۽ هن اهڙو رخ رکيو جو ڄڻ اڳتي وڃڻو اٿس. |
|
| 29 |
|
| تڏهن هنن زور ڪيس تہ اسان وٽ ٽڪي پؤ، ڇالاءِ جو سانجهي ٿيڻ تي آهي، ۽ ڏينهن لڙي ويو هو. تڏهن هو ساڻن ٽڪڻ لاءِ اندر ويو. |
|
| 30 |
|
| ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سان گڏ کائڻ ويٺو، تڏهن ماني کڻي اُن تي برڪت گهُريائين، ۽ پوءِ اُها ڀڃي هنن کي ڏنائين. |
|
| 31 |
|
| تڏهن هنن جون اکيون کُلي پيون، ۽ سڃاتائونس؛ تہ ايتري ۾ هو نظر کان غائب ٿي وين. |
|
| 32 |
|
| تنهن تي هو پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ جنهن مهل رستي تي اسان سان ڳالهيون پئي ڪيائين، ۽ پاڪ لکيتن جا راز اسان کي پي سمجهايائين، تنهن مهل اسان جي دل اندر ۾ ڪين پئي اُڇلون کاڌيون؟ |
|
| 33 |
|
| ۽ اوڏيءَ مهل هو اُٿي کڙا ٿيا، ۽ يروشلم ڏانهن موٽي آيا، ۽ اچي ڏسن تہ اهي يارهن ۽ سندس ساٿي سڀ پاڻ ۾ مڙيا ويٺا آهن، |
|
| 34 |
|
| ۽ پيا چون تہ خداوند سچ پچ جي اُٿيو آهي، ۽ شمعون کي پاڻ ڏيکاريو اٿس. |
|
| 35 |
|
| تنهن تي رستي تي جيڪي ٿي گذريو هو، ۽ ڪيئن هنن مانيءَ ڀڃڻ مهل سڃاتس، سو هنن سربستو بيان ڪري ٻڌاين. |
|
| 36 |
|
| ۽ اڃا هنن اهي ڳالهيون پئي ڪيون، تہ يسوع خود اچي وچ ۾ بيٺن، ۽ چيائين تہ السلام عليڪم. |
|
| 37 |
|
| پر هو دهلجي ويا، ۽ ڊپ وٺي وين؛ ۽ ڀانيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون. |
|
| 38 |
|
| هن چين تہ ڇو مُنجهي پيا آهيو، ۽ اوهان جي دل ۾ ڇو پيا دليل جاڳن؟ |
|
| 39 |
|
| منهنجا هٿ ۽ پير ڏسو، تہ آئون اُهوئي آهيان؛ هٿ لائي ڏسوم؛ ڇالاءِ تہ جهڙا هڏا ۽ گوشت مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آهن. |
|
| 40 |
|
| ۽ ائين چئي هنن کي پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريائين. |
|
| 41 |
|
| ۽ اڃا هنن کي خوشيءَ وچان اعتبار ئي نٿي آيو، ۽ حيرت ۾ هئا، تہ هن چين تہ اوهان وٽ هتي ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟ |
|
| 42 |
|
| تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو ڏنس، |
|
| 43 |
|
| ۽ اُهو وٺي سندن اڳيان ويهي کاڌائين. |
|
| 44 |
|
| پوءِ چيائين تہ جڏهن اڃا آئون اوهان سان هوس، تڏهن اهي ڳالهيون مون اوهان سان ڪيون هيون، تہ منهنجي بابت جيڪي موسيٰ جي توريت، ۽ نبين جي ڪتابن، ۽ زبور ۾ لکيل آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو. |
|
| 45 |
|
| پوءِ هنن جو ذهن کوليائين، تہ پاڪ لکيتن جي سمجهہ پوينِ. |
|
| 46 |
|
| ۽ چوڻ لڳن تہ هيئن لکيل آهي تہ مسيح ڏک سهي، ۽ ٽئين ڏينهن مُئلن مان جي اُٿي، |
|
| 47 |
|
| ۽ يروشلم کان وٺي سڀني قومن ۾ سندس نالي توبهہ ۽ گناهن جي معافيءَ جي منادي ڪئي وڃي. |
|
| 48 |
|
| اوهين انهن ڳالهين جا شاهد آهيو. |
|
| 49 |
|
| ۽ ڏسو، تہ جنهن جو منهنجي پيءُ انجام ڪيو آهي، سو اوهان تي نازل ڪندس؛ پر جيسين ڪ اوهان کي مٿان طاقت نہ ملي، تيسين شهر ۾ رهجو. |
|
| 50 |
|
| ۽ هو کين ٻاهر بيت عنياہ جي سامهون وٺي آيو ۽ هٿ کڻي کين برڪت ڏنائين. |
|
| 51 |
|
| ۽ هيئن ٿيو، جو برڪت ڏيندي هنن کان جدا ٿي آسمان ۾ کڄي ويو. |
|
| 52 |
|
| ۽ هنن کيس سجدو ڪيو، ۽ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان يروشلم ۾ موٽي آيا. |
|
| 53 |
|
| ۽ هر دم هيڪل ۾ وڃي خدا جي تعريف ڪندا رهيا. |
|
|
|
|