|
| 1 |
|
| پوءِ ٽئين ڏينهن گليل جي قانا شهر ۾ ڪا شادي هئي، ۽ يسوع جي ماءُ اُتي هئي: |
|
| 2 |
|
| ۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي. |
|
| 3 |
|
| ۽ جڏهن انگوري رس کُٽي پيئي، تڏهن يسوع جي ماءُ کيس چيو، تہ هنن وٽ تہ مئي آهي ئي ڪانہ. |
|
| 4 |
|
| يسوع هن کي چيو تہ مائي، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گهڙي اڃا ڪانہ آئي آهي. |
|
| 5 |
|
| هن جي ماءُ نوڪرن کي چيو، تہ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو. |
|
| 6 |
|
| اتي يهودين جي طهارت جي رسم موجب پٿر جا ڇهہ مَٽ، (هرهڪ اٽڪل ٻہ يا ٽي مڻو) رکيل هئا. |
|
| 7 |
|
| يسوع هنن کي چيو تہ هي مَٽ پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ هنن اهي ڀري ٽمٽار ڪيا. |
|
| 8 |
|
| پوءِ کين چيائين تہ هاڻي ڪڍي مير مجلس وٽ کڻي وڃو، ۽ هو کڻي ويا. |
|
| 9 |
|
| ۽ اُهو پاڻي جو هاڻي مئي ٿي پيو هو، سو جڏهن مير مجلس چکيو، ۽ خبر ڪانہ هيس تہ ڪٿان آيو آهي، (پر نوڪرن جن پاڻي ڪڍيو هو، تن کي خبر هئي) تڏهن هن گهوٽ کي سڏي چيو تہ |
|
| 10 |
|
| سڀڪو ماڻهو پهريائين اُچي مئي ڪڍندو آهي، ۽ جڏهن ماڻهو خوب پي رهندا آهن، تڏهن سادي ڪڍندو آهي: پر تو اُچي مئي هيستائين رکي ڇڏي هئي. |
|
| 11 |
|
| هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو. |
|
| 12 |
|
| تنهن کانپوءِ هو ڪفرناحوم ۾ ويو، پاڻ ۽ سندس ماءُ، ۽ ڀائر، ۽ سندس شاگرد: ۽ هو اُتي گهڻا ڏهاڙا نہ رهيا. |
|
| 13 |
|
| پوءِ يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي، ۽ يسوع يروشلم ڏانهن ويو. |
|
| 14 |
|
| ۽ هن هيڪل ۾ ڍڳن ۽ رڍن ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن ۽ صرافن کي ويٺل ڏٺو: |
|
| 15 |
|
| تنهن تي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي، رڍن توڙي ڍڳن، مڙني کي هيڪل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ صرافن جا پيسا اُڇلائي سندن صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين؛ |
|
| 16 |
|
| ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ اهي هتان کڻي وڃو؛ منهنجي پيءُ جي گهر کي بازار نہ بنايو. |
|
| 17 |
|
| اتي سندس شاگردن کي ياد آيو، تہ لکيل آهي تہ تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويندي. |
|
| 18 |
|
| تڏهن يهودين جواب ڏيئي چيس، تہ تون جو هي ڪم ٿو ڪرين، تنهن لاءِ اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين؟ |
|
| 19 |
|
| يسوع جواب ڏيئي چين تہ هن هيڪل کي ڊاهيو، تہ آئون ٽن ڏينهن ۾ اُهو کڙو ڪري بيهاريندس. |
|
| 20 |
|
| تڏهن يهودين چيو تہ هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ ورهيہ لڳا آهن، ۽ تون اُهو ٽن ڏينهن ۾ کڙو ڪري بيهاريندين ڇا؟ |
|
| 21 |
|
| پر هن تہ پنهنجي بدن جي هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي. |
|
| 22 |
|
| پوءِ جڏهن هو مُئلن مان جي اُٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن اها ڳالهہ ڪئي هئي: ۽ هنن کي پاڪ لکيت، ۽ يسوع جي ڪلام تي ايمان آيو. |
|
| 23 |
|
| هاڻي جڏهن هو عيد فسح جي وقت يروشلم ۾ هو، تڏهن معجزا جي ڏيکاريائين پئي، سي ڏسي گهڻن سندس نالي تي ايمان آندو. |
|
| 24 |
|
| پر يسوع پنهنجي نسبت هنن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِ تہ هن سڀني کي سُڃاتو ٿي، |
|
| 25 |
|
| ۽ هن کي ضرورت ڪانہ هئي تہ انسان بابت ڪوبہ شاهدي ڀري؛ ڪيئن جو هن ڄاتو ٿي تہ انسان ۾ ڇا ڇا آهي. |
|
|
|
|