|
| 1 |
|
| آچر جي ڏينهن صبح جو سوير اڃا اوندهہ ئي هئي تہ مريم مگدليني قبر تي آئي. ڇا ڏسي تہ قبر جي منهن تان پٿر پري هٽيو پيو آهي. |
|
| 2 |
|
| سو هوءَ ڊوڙندي شمعون پطرس ۽ انهيءَ ٻئي شاگرد وٽ آئي، جنهن سان عيسيٰ جو پيار هو ۽ کين چيائين تہ ”اهي خداوند کي قبر مان کڻي ويا آهن ۽ خبر نہ آهي تہ کيس الائجي ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“ |
|
| 3 |
|
| تنهن تي پطرس ۽ اهو ٻيو شاگرد قبر ڏانهن روانا ٿيا. |
|
| 4 |
|
| اهي ٻئي گڏ ڊوڙڻ لڳا، پر اهو ٻيو شاگرد پطرس کان اڳي تڪڙو نڪري ويو ۽ پطرس کان پهريائين قبر تي پهتو. |
|
| 5 |
|
| هو قبر ۾ اندر گھڙي نہ ويو، پر ليئو پائي قبر ۾ نهاري ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. |
|
| 6 |
|
| هن کان پوءِ شمعون پطرس بہ پهتو ۽ هو سڌو قبر ۾ گھڙي ويو جتي ڪفن پيل ڏٺائين. |
|
| 7 |
|
| ان کان علاوہ هن اهو رومال بہ اتي پيل ڏٺو، جيڪو عيسيٰ جي مٿي تي ويڙهيل هو. پر اهو ٻئي هنڌ جدا ويڙهيو پيو هو. |
|
| 8 |
|
| تنهن کان پوءِ اهو ٻيو شاگرد ، جيڪو پطرس کان اڳي قبر تي پهتو هو، سو بہ قبر ۾ گھڙي ويو. هن سڀ ڪجھہ ڏٺو ۽ يقين ڪيائين، |
|
| 9 |
|
| جيتوڻيڪ اڃا تائين شاگرد پاڪ ڪلام جي اها لکت نہ سمجھي سگھيا هئا تہ مسيح مئلن مان ضرور جيئرو ٿي اٿندو. |
|
| 10 |
|
| پوءِ اهي ٻئي شاگرد موٽي پنهنجي گھر هليا ويا. |
|
| 11 |
|
| پر مريم قبر جي ٻاهران بيٺي روئندي رهي. روئندي روئندي هن نِوڙي قبر ۾ نهاريو |
|
| 12 |
|
| ۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ اڇي پوشاڪ سان انهيءَ جاءِ تي ويٺا آهن جتي عيسيٰ جو لاش رکيل هو. هڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو هو. |
|
| 13 |
|
| انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن ۽ خبر ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“ |
|
| 14 |
|
| هن ائين چئي اڃا پٺيان نهاريو تہ عيسيٰ کي اتي بيٺل ڏٺائين، پر سڃاتائين ڪين تہ هو ڪو عيسيٰ آهي. |
|
| 15 |
|
| عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ” سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“ |
|
| 16 |
|
| عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا استاد!“ |
|
| 17 |
|
| عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“ |
|
| 18 |
|
| پوءِ مريم مگدلينيءَ اچي شاگردن کي اها ڳالهہ ٻڌائي تہ ”مون خداوند کي ڏٺو آهي.“ هن کين اهي ڳالهيون بہ ٻڌايون جيڪي خداوند عيسيٰ ساڻس ڪيون هيون. |
|
| 19 |
|
| انهيءَ ساڳئي آچر جي ڏينهن شام جو جڏهن شاگرد يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان در دروازا بند ڪيو ويٺا هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ |
|
| 20 |
|
| ائين چوڻ کان پوءِ هن شاگردن کي پنهنجا هٿ ۽ پاسو ڏيکاريو. تنهن تي عيسيٰ کي سڃاڻيندي ئي شاگرد خوشيءَ ۾ ڀرجي ويا. |
|
| 21 |
|
| تڏهن عيسيٰ وري چين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي. جيئن پيءُ مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“ |
|
| 22 |
|
| پوءِ هنن تي ڦوڪ ڏيندي کين چيائين تہ ”وٺو هي پاڪ روح. |
|
| 23 |
|
| جيڪڏهن اوهين ماڻهن جا گناهہ معاف ڪري ڇڏيندا تہ کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن اوهين انهن کي معاف نہ ڪندا تہ کين معاف نہ ڪيو ويندو.“ |
|
| 24 |
|
| توما انهن ٻارهن شاگردن مان هڪڙو هو جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، سو عيسيٰ جي اچڻ مهل شاگردن سان گڏ نہ هو. |
|
| 25 |
|
| اهو جڏهن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“ |
|
| 26 |
|
| هفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ |
|
| 27 |
|
| پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بياعتبار نہ ٿيءُ پر اعتبار ڪر.“ |
|
| 28 |
|
| تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“ |
|
| 29 |
|
| عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا رکن.“ |
|
| 30 |
|
| شاگردن جي روبرو عيسيٰ ٻيا بہ ڪيترائي معجزا ڪيا، جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيا نہ ويا آهن. |
|
| 31 |
|
| پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي. |
|
|
: |
| ١ | | ٢ | | ٣ | | ٤ | | ٥ | | ٦ | | ٧ | | ٨ | | ٩ | | ١٠ | | ١١ | | ١٢ | | ١٣ | | ١٤ | | ١٥ | | ١٦ | | ١٧ | | ١٨ | | ١٩ | | ٢٠ | | ٢١ | | ٢٢ | | ٢٣ | | ٢٤ | | ٢٥ | | ٢٦ | | ٢٧ | | ٢٨ | | ٢٩ | | ٣٠ | | ٣١ | 1
1
1 |
|
|---|
|
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/john/020.mp3
21
20