|
| 1 |
|
| ۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. |
|
| 2 |
|
| ۽ ديندار ماڻهن استيفنس کي وڃي دفن ڪيو، ۽ انهي لاءِ ڏاڍو ماتم ڪيائون. |
|
| 3 |
|
| پر شائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو، ۽ گهر گهر ۾ گهڙي مردن ۽ زالن کي گهلي قيد ڪرائيندو هو. |
|
| 4 |
|
| تنهنڪري جيڪي هاڻي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي هر ڪنهن هنڌ ڪلام جي خوشخبري ڏيندا رهيا. |
|
| 5 |
|
| ۽ فلپس سامريہ جي شهر ۾ ويو ۽ اتي مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو. |
|
| 6 |
|
| ۽ جيڪي معجزا فلپس ڪندو هو، سي جڏهن ماڻهن ڏٺا ۽ ٻُڌا، تڏهن سڀيئي گڏجي سندس ڳالهيون دل سان ٻُڌڻ لڳا؛ |
|
| 7 |
|
| جو ڪيترائي ماڻهو جن ۾ ناپاڪ روح هئا، سي انهن مان واڪا ڪندا نڪري پئي ويا؛ ۽ ڪيترائي جن کي اڌ رنگ هو ۽ جيڪي منڊا هئا، سي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي ويا. |
|
| 8 |
|
| سو انهي شهر ۾ ڏاڍي خوشي ٿي ويئي. |
|
| 9 |
|
| پر انهي شهر ۾ شمعون نالي هڪڙو ماڻهو هو، جو هن کان اڳي جادوگريءَ ڪري سامريہ جي ماڻهن کي عجب ۾ وجهندو هو، ۽ چوندو هو تہ آئون بہ ڪو وڏو ماڻهو آهيان: |
|
| 10 |
|
| ۽ ننڍڙا توڙي وڏا سڀيئي کيس مڃيندا هئا، تہ هي ماڻهو خدا جي اُها قدرت آهي، جنهن کي عظيم ڪري سڏبو آهي. |
|
| 11 |
|
| ۽ هو کيس مڃيندا هئا جو هن گهڻيءَ مدت کان پنهنجي جادوءَ جي ڪري کين حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. |
|
| 12 |
|
| پر فلپس، جنهن خدا جي بادشاهت ۽ يسوع مسيح جي نالي جي منادي پي ڪئي، تنهن جي ڳالهين تي جڏهن ايمان آين، تڏهن هو مرد توڙي زالون بپتسما وٺڻ لڳا. |
|
| 13 |
|
| ۽ خود شمعون کي بہ ايمان آيو؛ ۽ بپتسما وٺي فلپس سان گڏ رهڻ لڳو؛ ۽ نشان ۽ وڏا وڏا معجزا ٿيندا ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو. |
|
| 14 |
|
| هاڻي جيڪي رسول يروشلم ۾ هئا، تن کي جڏهن خبر پيئي، تہ سامرين خدا جو ڪلام مڃيو آهي، تڏهن پطرس ۽ يوحنا کي انهن ڏانهن موڪليائون. |
|
| 15 |
|
| سي جڏهن اتي اچي پهتا، تڏهن سندن لاءِ دعا گهُريائون تہ کين پاڪ روح ملي؛ |
|
| 16 |
|
| ڇو جو اڃا اهو منجهانئن ڪنهن تي بہ نازل ڪين ٿيو هو، پر فقط خداوند يسوع جي نالي تي بپتسما ملي هُين. |
|
| 17 |
|
| پوءِ هنن مٿن هٿ رکيا ۽ کين پاڪ روح مليو. |
|
| 18 |
|
| هاڻي جڏهن شمعون ڏٺو تہ رسولن جي هٿن رکڻ ڪري پاڪ روح ٿو ملي، تڏهن کين پيسا آڇيائين، |
|
| 19 |
|
| ۽ چيائين تہ مون کي بہ اها اختياري ڏيو تہ جنهن تي هٿ رکان، تنهن کي پاڪ روح ملي. |
|
| 20 |
|
| پر پطرس چيس تہ شل تنهنجا پيسا تو سوڌو چٽ ٿين، جو ڀانئين ٿو تہ خدا جي بخشش پيسن سان ملي پوندي. |
|
| 21 |
|
| هن ڳالهہ ۾ تنهنجو نڪو حصو آهي نڪو ورثو: ڇالاءِ جو تنهنجي دل خدا جي اڳيان سچي نہ آهي. |
|
| 22 |
|
| تنهنڪري پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ کان توبهہ ڪر ۽ خداوند کان دعا گهُر تہ شايد تنهنجي دل جي اهڙي خيال جي معافي مليئي. |
|
| 23 |
|
| ڇو جو مون کي ڏسڻ ۾ ٿو اچي تہ تون ساڙ سان سڙيل ۽ بدڪاريءَ جي بندَ ۾ اچي پيو آهين. |
|
| 24 |
|
| تڏهن شمعون ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گهُرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان ڪيون آهن، تن مان ڪابہ مون تي نہ اچي. |
|
| 25 |
|
| هاڻي جڏهن هو شاهدي ڏيئي ۽ خدا جو ڪلام ٻُڌائي رهيا، تڏهن يروشلم ڏانهن موٽيا، ۽ سامرين جي گهڻن ئي ڳوٺن ۾ خوشخبري ٻُڌايائون. |
|
| 26 |
|
| پر خداوند جي ملائڪ فلپس کي چيو تہ اُٿي ڏکڻ جي پاسي اُنهي رستي ڏانهن وڃ جو يروشلم کان غزہ ڏانهن ٿو وڃي: اُهو رڻ پٽ منجهان آهي. |
|
| 27 |
|
| سو هو اُٿي روانو ٿيو: تہ ڏسو، حبش جو هڪڙو خوجو، جو حبشين جي راڻيءَ ڪنداڪيءَ جو هڪڙو وزير هو، ۽ سندس خزاني جو ناظر هو، ۽ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ آيو هو؛ |
|
| 28 |
|
| سو موٽي پئي ويو، ۽ پنهنجيءَ گاڏيءَ ۾ ويٺي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهيائين. |
|
| 29 |
|
| تہ روح فلپس کي چيو تہ ويجهو وڃي انهيءَ گاڏيءَ سان گڏج. |
|
| 30 |
|
| تڏهن فلپس وٽس ڊوڙي ويو، ۽ هن کي يسعياہ نبيءَ جو ڪتاب پڙهندو ٻُڌائين، ۽ چيائين تہ جيڪي تون پڙهين ٿو سو ڪي سمجهين بہ ٿو؟ |
|
| 31 |
|
| هن چيو تہ جيستائين ڪو مون کي نہ سمجهائي، تيستائين آئون ڪيئن سمجهان؟ پوءِ هن فلپس کي منٿ ڪئي تہ اچي مون سان گڏ ويهہ. |
|
| 32 |
|
| هاڻي اِنهي پاڪ ڪتاب جو هنڌ جو هن پئي پڙهيو، سو هيءُ هو، ”هو هڪڙيءَ رڍ وانگر آهي جنهن کي ڪُهڻ لاءِ وٺي ويا، ۽ جهڙيءَ طرح ڪو گهيٽو پنهنجي اُن ڪترڻ واري جي اڳيان گونگو ٿي بيهندو آهي، تهڙيءَ طرح هو بہ پنهنجو وات نٿو پَٽي؛ |
|
| 33 |
|
| ساڻس جُٺ ڪيائون، ۽ سندس انصاف ڪين ٿيو؛ سندس پيڙهيءَ جو احوال ڪير بيان ڪندو؟ ڇالاءِ جو سندس جان زمين تان کڄي ويئي.“ |
|
| 34 |
|
| ۽ اُنهي خوجي فلپس کي ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلائي ڪري ٻُڌاءِ تہ نبي جو هي ٿو چوي سو ڪنهن جي بابت؟ پنهنجي بابت، يا ڪنهن ٻئي جي بابت؟ |
|
| 35 |
|
| تڏهن فلپس پنهنجو وات کولي پاڪ ڪتاب کي اُنهي هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع جي خوشخبري ٻُڌائي. |
|
| 36 |
|
| ۽ جڏهن اڳتي هلندي هلندي هڪڙيءَ جاءِ تي اچي پهتا، جتي پاڻي هو، تڏهن خوجي چيو تہ اِجهو پاڻي موجود آهي؛ مون کي بپتسما وٺڻ کان ڪهڙي روڪ آهي؟ |
|
| 37 |
|
| (تڏهن فلپس چيس تہ جي تون پوريءَ دل سان ايمان ٿو آڻين تہ ڀلي بپتسما وٺ. ۽ هن چيو تہ آئون ايمان ٿو آڻيان تہ يسوع مسيح خدا جو فرزند آهي.) |
|
| 38 |
|
| سو هن گاڏيءَ بيهارڻ جو حڪم ڏنو ۽ فلپس توڙي خوجو ٻئي لهي پاڻيءَ ۾ گهڙيا، ۽ هن کيس بپتسما ڏني. |
|
| 39 |
|
| ۽ جڏهن هو پاڻيءَ مان نڪتا، تڏهن خداوند جو روح فلپس کي وٺي ويو؛ ۽ خوجي وري هن کي ڪين ڏٺو، ۽ هو خوش ٿي پنهنجو رستو وٺيو هليو ويو. |
|
| 40 |
|
| پر فلپس ازوٽس ۾ وڃي نڪتو، ۽ وچ مان لنگهندو سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻُڌائيندو ويو، تان جو قيصريہ ۾ اچي پهتو. |
|
|
|
|