|
| 1 |
|
| اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان ناواقف رهو، تہ اسان جي ابن ڏاڏن تي ڪڪر جي ڇانوَ هئي، ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگهي ويا، |
|
| 2 |
|
| ۽ سڀني انهي ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ موسيٰ جي بپتسما ورتي، |
|
| 3 |
|
| ۽ سڀني اها ساڳي روحاني خوراڪ کاڌي، |
|
| 4 |
|
| ۽ سڀني اُهو ساڳيو روحاني پاڻي پيتو. ڇالاءِ جو جيڪو روحاني ٽڪر سندن پٺيان پي آيو، تنهن مان هو پاڻي پيئندا هئا، ۽ اهو ٽڪر مسيح هو. |
|
| 5 |
|
| انهي هوندي بہ اُنهن مان گهڻن سان خدا راضي نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اهي رڻ پٽ ۾ مارجي ڪيرايا ويا. |
|
| 6 |
|
| هاڻي اهي ڳالهيون اسان جي لاءِ مثال هيون، انهي لاءِ تہ اسين خراب شين جي خواهش نہ ڪريون، جيئن هنن ٿي ڪئي. |
|
| 7 |
|
| نڪي اوهين بُت پرست ٿيو، جهڙا هنن مان ڪي ٿيا هئا، جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ ويٺا ۽ نچڻ ٽپڻ اُٿيا.“ |
|
| 8 |
|
| نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ڪئي، ۽ پوءِ هڪڙي ئي ڏينهن ٽيويهہ هزار مارجي ويا. |
|
| 9 |
|
| نڪي اسان کي خداوند جي آزمائش وٺڻ کپي، جيئن هنن مان ڪن ورتي، ۽ پوءِ نانگن ڏنگي چٽ ڪين. |
|
| 10 |
|
| نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين. |
|
| 11 |
|
| هاڻي اهي ڳالهيون اُنهن سان ٿيون تہ هو عبرت وٺن، ۽ اسين جي آخرين زماني ۾ آهيون تن جي نصيحت لاءِ اهي لکيون ويون. |
|
| 12 |
|
| تنهنڪري جيڪو پاڻ کي قائم ٿو سمجهي، سو سنڀال ڪري تہ متان ڪِري پوي. |
|
| 13 |
|
| اوهان تي ڪا اهڙي آزمائش ڪانہ اچي پيئي آهي جا انسان سهي نہ سگهي: پر خدا سچو آهي، ۽ جيترو اوهين سهي ٿا سگهو تنهن کان وڌيڪ آزمائش ۾ اوهان کي پوڻ ڪين ڏيندو، پر آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو، تہ اُها اوهين برداشت ڪري سگهو. |
|
| 14 |
|
| تنهنڪري، اي عزيزو، بُت پرستيءَ کان ڀڄو. |
|
| 15 |
|
| آئون اوهان سان سمجهو ماڻهو ڄاڻي ٿو ڳالهايان، ۽ جيڪي چوان ٿو تنهن جي جاچ ڪريو. |
|
| 16 |
|
| جنهن برڪت جي پيالي تي اسين برڪت ٿا گهُرون، سو مسيح جي رت جي شراڪت ناهي ڇا؟ جيڪا ماني اسين ڀڃون ٿا، سا مسيح جي بدن جي شراڪت ناهي ڇا؟ |
|
| 17 |
|
| جيئن هڪڙي ماني آهي، تيئن اسين جي گهڻا آهيون سي هڪڙو بدن آهيون، ڇالاءِ جو اسين سڀيئي هڪڙيءَ ئي مانيءَ ۾ ڀائيوار ٿا ٿيون. |
|
| 18 |
|
| جيڪي جسماني طور اسرائيلي آهن تن ڏانهن نهاريو، قربانين کائڻ وارا قربانگاهہ جا ڀائيوار نہ آهن ڇا؟ |
|
| 19 |
|
| تڏهن آئون ڇا ٿو چوان؟ ائين ٿو چوان ڇا تہ بُتن جي قرباني بہ ڪا شيءِ آهي، يا بُت بہ ڪا شيءِ آهي؟ |
|
| 20 |
|
| نہ، بلڪ آئون چوان ٿو تہ جيڪي شيون غير قومون قرباني ٿيون ڪن، سي خدا جي لاءِ قربانيون نہ ٿيون ڪن، پر ڀوتن جي لاءِ ٿيون ڪن. ۽ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين ڀوتن جا ڀائيوار ٿيو. |
|
| 21 |
|
| اوهين خداوند جو پيالو ۽ ڀوتن جو پيالو ٻئي پي نٿا سگهو. اوهين خداوند جي ميز ۽ ڀوتن جي ميز ٻنهي جا ڀائيوار ٿي نٿا سگهو. |
|
| 22 |
|
| اسين خداوند کي غيرت ڏياريون ٿا ڇا؟ ۽ اسين هن کان زور وارا آهيون ڇا؟ |
|
| 23 |
|
| سڀ شيون روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون روا آهن، پر سڀني شين مان سڌارو نٿو ٿئي. |
|
| 24 |
|
| ڪوبہ ماڻهو پنهنجو فائدو نہ ڳولي، پر ٻئي جو ڳولي. |
|
| 25 |
|
| جيڪي ڪاسائين جي دڪانن تي وڪامي ٿو، سو کائو، ۽ پنهنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. |
|
| 26 |
|
| ڇالاءِ جو ”زمين ۽ انهي جي ڀرپوري خداوند جي آهي.“ |
|
| 27 |
|
| جن ايمان نہ آندو آهي تن مان جيڪڏهن ڪو اوهان کي دعوت ڏئي، ۽ اوهين وڃڻ لاءِ راضي هجو، تہ جيڪي اوهان جي اڳيان رکيو وڃي سو کائو، ۽ ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو. |
|
| 28 |
|
| پر جي ڪو ماڻهو اوهان کي چوي تہ هيءَ شيءِ قرباني ٿيل آهي، تہ انهيءَ چتائڻ واري جي خاطر، ۽ ضمير خاطر نہ کائو. |
|
| 29 |
|
| ضمير مان منهنجو مطلب تنهنجي ضمير جو نہ، پر هن ٻئي جي ضمير جو آهي؛ ڀلا منهنجي آزادي ڇو ٻئي جي شڪ ڪرڻ سان آزمائڻ ۾ اچي؟ |
|
| 30 |
|
| جيڪڏهن آئون شڪر ڪري ٿو کان، تہ جنهن ڳالهہ جي لاءِ شڪر ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري ڇو منهنجي بدنامي ٿئي؟ |
|
| 31 |
|
| تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو يا جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ خدا جي جلال جي واسطي ڪريو. |
|
| 32 |
|
| يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو: |
|
| 33 |
|
| جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ. |
|
|
|
|