Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| جيڪڏهن آئون ماڻهن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهايان پر محبت نہ هجيم، تہ آئون وڄندڙ پتل ۽ ڇڻڪندڙ جهانجهہ آهيان. |
| 2 |
| ۽ جي مون کي نبوت مليل هجي، ۽ سڀيئي راز ۽ سڀ علم ڄاڻندو هجان، ۽ جي منهنجو ايمان اهڙو ڪامل هجي جو جبلن کي هٽائي پاسي ڪري ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ آئون ڪي ڪين آهيان. |
| 3 |
| ۽ جي آئون پنهنجو سڀوئي مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنهنجو بدن سڙڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ انهي مان مون کي ڪو فائدو ڪونهي. |
| 4 |
| محبت صابر ۽ مهربان آهي؛ محبت ريس نٿي ڪري، محبت پاڻ کي نٿي پڏائي، محبت ٻٽاڪ نٿي هڻي؛ |
| 5 |
| محبت اڍنگي هلت نٿي هلي، پنهنجو فائدو نٿي ڳولي، ڪاوڙجي نٿي، بدگماني نٿي ڪري؛ |
| 6 |
| بدڪاريءَ ۾ خوش نٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿي رهي. |
| 7 |
| محبت سڀ ڪجهہ سهي ٿي، سڀ ڪنهن ڳالهہ تي اعتبار ٿي ڪري، سڀني ڳالهين ۾ اُميد رکي ٿي، سڀني ڳالهين جي برداشت ڪري ٿي. |
| 8 |
| محبت کي زوال ڪونهي؛ پر جي نبوتون هونديون تہ اهي بند ٿي وينديون؛ جي زبانون هونديون تہ اُهي بس ٿي وينديون؛ جي علم هوندو تہ اُهو ميٽجي ويندو. |
| 9 |
| ڇالاءِ جو اسان جو علم ناقص آهي ۽ اسان جي نبوت ڪامل ناهي؛ |
| 10 |
| پر جڏهن ڪامليت ايندي، تڏهن گهٽتائي نڪري ويندي. |
| 11 |
| جڏهن آئون ٻار هوس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هوس، ٻارن وانگر سمجهندو هوس ٻارن وانگر خيال ڪندو هئس، پر جڏهن آئون بالغ ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم. |
| 12 |
| ڇالاءِ جو هاڻي اسين آرسيءَ ۾ جهڪيءَ طرح ٿا ڏسون، پوءِ منهن مقابل ڏسنداسين. هاڻي آئون ٿورو ٿورو ٿو سڃاڻان، پوءِ آئون اهڙيءَ طرح سڃاڻيندس، جهڙي طرح آئون پاڻ سڃاتو ويو آهيان. |
| 13 |
| هاڻي ايمان، اُميد ۽ محبت اهي ٽيئي دائمي آهن، پر انهن سڀني ۾ محبت وڏي آهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/1corinthians/013.mp3
16
13