موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي آهن اهي قاعدا قانون جن تي اوهين پنهنجي سڄي عمر انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جيڪو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي.
اتي اوهين ضرور انهن سڀني جاين کي برباد ڪري ڇڏجو، جتي جتي اهي قومون جن جي اوهين جاءِ وٺندا، سي اوچن جبلن ۽ ٽڪرين تي ۽ هر هڪ سائي وڻ جي هيٺ پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون.
اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.
پر اوهين پنهنجي اناج، مئي يا زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا، پنهنجيون باسون، پنهنجي خوشيءَ جون قربانيون يا پنهنجي پيداوار جا نذرانا ، پنهنجن شهرن جي اندر کائي نہ ٿا سگھو.
اُتي اوهين پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين جو گوشت ۽ رت، خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي پيش ڪجو. اوهان جي ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين جو رت پڻ خداوند اوهان جي خدا جي قربانگاهہ تي پئٽيو ويندو، باقي انهن جو گوشت اوهين ڀلي کائجو.
هي سڀ ڳالهيون جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ چڱو ۽ درست آهي، سو ڪرڻ ڪري اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي.“
”جن قومن جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تن قومن کي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سامهون تباهہ ڪري ڇڏيندو ۽ اوهين سندن ملڪ تي قبضو ڪري ان ۾ رهڻ لڳندا.
خبردار! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو، جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي معبودن لاءِ هر اهو ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن کان خدا کي نفرت آهي. ايتري قدر جو انهن پنهنجي معبودن جي نالي تي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ساڙيو آهي.