جن قومن جو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن کي جڏهن خداوند تنهنجو خدا تباهہ ڪري ڇڏيندو، ۽ تون انهن جو وارث ٿيندين، ۽ انهن جي شهر ۽ انهن جي گهرن ۾ رهندين،
انهي لاءِ تہ متان انهي خون جي وير وٺڻ وارو دل جي جوش کان انهي خونيءَ جي پٺيان پوي، ۽ پنڌ پري هئڻ جي ڪري رستي ۾ جهليس، ۽ ڌڪ هڻي ماري وجهيس؛ جيتوڻيڪ اهو شخص موت جي لائق نہ آهي، ڇو جو اڳي انهي سان ڪابہ دشمني ڪانہ هيس.
جيڪڏهن خداوند تنهنجو خدا تنهنجي سرحد وڌائي، جيئن ڪ هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ اهو سڄو ملڪ توکي ڏئي، جنهن جي ڏيڻ جو هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو؛
جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حد جا نشان، جيڪي پراڻي وقت کان تنهنجي ورثي جي حصي لاءِ لڳايل آهن، تن کي نہ هٽائج.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪا بڇڙائي ڪري يا ڪو گناهہ ڪري گنهگار ٿئي، تہ انهي جي برخلاف هڪڙي ماڻهوءَ جي شاهدي بس نہ آهي: ٻن يا ٽن شاهدن جي زبانيءَ تي ڳالهہ جو فيصلو ٿيڻ گهرجي.