1
جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال سان شادي ڪري، تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو انهي ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهہ ڏسي، انهيءَ کي پسند نہ ڪري، تہ هو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس.
2
۽ جڏهن هو انهي جي گهر مان نڪري وڃي، تڏهن ڀلي وڃي ٻيو مڙس ڪري.
3
۽ جي هي ٻيو مڙس بہ انهيءَ مان بيزار ٿي پوي، تہ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جي هي ٻيو مڙس، جنهن هن سان شادي ڪئي هئي، سو مري وڃي؛
4
تہ سندس پهريون مڙس، جنهن ڪڍي ڇڏيو هوس، سو هن جي ناپاڪ ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪم خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ گناهہ ٿيڻ نہ ڏج.
5
جڏهن ڪو ماڻهو ڪا نئين زال پرڻجي، تڏهن هو لشڪر ۾ شامل ٿي جنگ تي نہ وڃي، ۽ نہ انهي کي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏجي: هو هڪڙي سال تائين ڀلي تہ گهر ۾ آزاد رهي، ۽ جيڪا زال پرڻيو آهي تنهن کي خوش رکي.
6
ڪوبہ ماڻهو جنڊ، يا جنڊ جو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي: ڇالاءِ جو هو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو آسرو گروي ٿو رکي.
7
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجن بني اسرائيلي ڀائرن مان ڪنهن کي چورائي، پاڻ وٽ غلامي ڪرائي، يا وڪڻي ڇڏيس، تہ اهو چور ضرور ماريو وڃي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
8
تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو.
9
جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن رستي ۾ خداوند تنهنجي خدا جيڪي مريم سان ڪيو سو ياد رکو.
10
جڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪي قرض ڏين، تڏهن انهي جي ڪا شيءِ گروي رکڻ لاءِ سندس گهر ۾ نہ گهڙج.
11
تون ٻاهر بيهي رهج، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي تو قرض ڏنو آهي سو پاڻيهي اها شيءِ ٻاهر آڻي گرويءَ طور توکي ڏئي.
12
۽ جيڪڏهن هو غريب ماڻهو هجي، تہ تون انهي جي گرويءَ واري شيءِ پاڻ وٽ رکي سمهي نہ رهج:
13
پر جڏهن سج لهي تڏهن تون ضرور اها شيءِ هن کي موٽائي ڏج، تہ هو پنهنجو ڪپڙو ڍڪي سمهي، ۽ توکي دعا ڪري: ۽ خداوند تنهنجي خدا جي اڳيان اها تنهنجي لاءِ راستبازي ليکي ويندي.
14
تون پنهنجي غريب ۽ محتاج پورهيت تي ظلم نہ ڪج، پوءِ اهو تنهنجن ڀائرن منجهان هجي، يا انهن ڌارين مان جي تنهنجي ملڪ ۾ تنهنجن شهرن ۾ رهندا هجن.
15
جنهن ڏينهن هو ڪمائي، انهي ڏينهن سج لهڻ کان اڳ ۾ تون هن کي مزوري ڏج؛ ڇالاءِ جو هو غريب آهي، ۽ هن جي دل انهي ۾ لڳل آهي: متان هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.
16
پٽ جي بدلي پيءُ ماريو نہ وڃي، نڪي پيءُ جي بدلي پٽ ماريو وڃي: هرڪو ماڻهو پنهنجي ئي گناهہ جي لاءِ ماريو وڃي.
17
تون ڪنهن مسافر يا يتيم سان ناحق نہ ڪج، نڪي ڪنهن بيوہ زال جا ڪپڙا گروي رکج:
18
پر تون ياد رکج تہ تون مصر ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا توکي اُتان ڇڏايو: تنهنڪري آءٌ توکي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.
19
جڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جو فصل لڻين، ۽ ٻنيءَ ۾ هڪڙو سنگ وساري ڇڏين، تڏهن اهو کڻڻ لاءِ وري نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي: انهي لاءِ تہ جنهن ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.
20
جڏهن تون پنهنجي زيتون جي وڻ کي ڌوڻين، تڏهن ساڳين ٽارين تي ٻيو ڀيرو نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي.
21
جڏهن تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جي ڊاک گڏ ڪرين، تڏهن جيڪا رهجي وڃي سا ٻيو ڀيرو گڏ نہ ڪج: اها مسافر، ۽ يتيم ۽ بيوہ زال لاءِ پيئي رهي.
22
۽ تون ياد رکج تہ تون مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين: تنهنڪري آءٌ توکي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.
Sindhi Bible 1962
Sindhi Bible Pakistan Bible Society, 1954,1962