Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جا يريحو جي سامهون آهي، ۽ خداوند هن کي جلعاد جو سڄو ملڪ دان تائين، |
| 2 |
| ۽ نفتاليءَ جو سڄو ملڪ، ۽ افرائيم ۽ منسيءَ جو سڄو ملڪ، ۽ يهوداهہ جو سڄو ملڪ، پٺين سمنڊ تائين؛ |
| 3 |
| ۽ ڏکڻ جو ملڪ، ۽ کجين جي وڻن واري شهر يريحو جي ماٿريءَ وارو ميدان ضغر تائين ڏيکاريو. |
| 4 |
| ۽ خداوند هن کي چيو، تہ هي اهو ملڪ آهي، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان، قسم کڻي چيو هو تہ اهو تنهنجي اولاد کي ڏيندس: اهو مون توکي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون لنگهي انهي تائين نہ ويندين. |
| 5 |
| سو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، خداوند جي حڪم موجب، موآب جي ملڪ ۾ وفات ڪئي. |
| 6 |
| ۽ هو موآب جي ماٿريءَ ۾ بيت فغور جي سامهون دفن ڪيو ويو: پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي انهي جي قبر جي خبر ڪانهي. |
| 7 |
| جڏهن موسيٰ وفات ڪئي، تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ ورهيہ هئي: هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت گهٽي هئي. |
| 8 |
| ۽ بني اسرائيل موسيٰ جي لاءِ موآب جي ميدان ۾ ٽيهہ ڏينهن ماتم ڪيو: پوءِ موسيٰ جي لاءِ ماتم ڪرڻ ۽ روئڻ جا ڏينهن پورا ٿيا. |
| 9 |
| ۽ نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو؛ ڇالاءِ جو موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا: ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو تنهن موجب بني اسرائيل هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا. |
| 10 |
| انهي وقت کان وٺي اسرائيل ۾ موسيٰ جهڙو نبي پيدا ڪونہ ٿيو، جنهن سان خداوند روبرو ملاقات ڪئي؛ |
| 11 |
| ۽ جنهن کي خداوند مصر جي ملڪ ۾ فرعون ڏانهن، ۽ سندس نوڪرن ڏانهن، ۽ سندس ساري ملڪ ڏانهن، نشان ۽ معجزا ڏيکارڻ لاءِ موڪليو؛ |
| 12 |
| جيئن موسيٰ ساري اسرائيل جي اڳيان زوراور هٿ سان خوفناڪ ڪم ڪري ڏيکاريا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/deuteronomy/034.mp3
34
34