|
| 1 |
|
| مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت: |
|
| 2 |
|
| اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان اوهان کي شل فضل ۽ اطمينان حاصل ٿئي. |
|
| 3 |
|
| جنهن وقت مون کي اوهان جي يادگيري ٿي پوي، تنهن وقت آئون پنهنجي خدا جو شڪر ٿو ڪريان، |
|
| 4 |
|
| ۽ پنهنجي سڀ ڪنهن دعا ۾ هميشہ خوشيءَ سان اوهان سڀني جي لاءِ دعا گهُرندو ٿو رهان، |
|
| 5 |
|
| هن لاءِ جو شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انجيل جي ڦهلائڻ ۾ اوهين منهنجا شريڪ رهيا آهيو؛ |
|
| 6 |
|
| ۽ مون کي انهيءَ ڳالهہ جي خاطري آهي تہ جنهن اوهان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آهي، سو انهي کي يسوع مسيح جي ڏينهن تائين پورو ڪندو؛ |
|
| 7 |
|
| جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو. |
|
| 8 |
|
| ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي تہ آئون مسيح يسوع جي اُلفت ڪري اوهان سڀني جي لاءِ ڪيترو نہ پيو سِڪان. |
|
| 9 |
|
| ۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛ |
|
| 10 |
|
| تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو، |
|
| 11 |
|
| ۽ سچائي جي انهن ڦلن سان ڀريل رهو، جي يسوع مسيح جي ڪري آهن، تہ خدا جو جلال ۽ سندس تعريف ظاهر ٿئي. |
|
| 12 |
|
| هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ جيڪي مون تي ٿي گذريو آهي، تنهن مان ڪيئن نہ خوشخبريءَ جو واڌارو ٿيو آهي. |
|
| 13 |
|
| ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين ۽ ٻين سڀني کي معلوم ٿي ويو آهي تہ آئون مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان؛ |
|
| 14 |
|
| ۽ جيڪي خداوند ۾ ڀائر آهن، تن مان گهڻن منهنجي قيد ۾ هئڻ ڪري، دلير ۽ بي ڊپا ٿي خدا جي ڪلام ٻُڌائڻ ۾ وڌيڪ جرئت ڪئي آهي. |
|
| 15 |
|
| ڪي تہ حسد ۽ جهيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن؛ ۽ ڪي نيڪ نيتيءَ سان. |
|
| 16 |
|
| هڪڙا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن، جو ڄاڻن ٿا تہ آئون انجيل جو بچاءُ ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان؛ |
|
| 17 |
|
| پر ٻيا تفرقي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، نہ سچيءَ نيت سان، بلڪ انهي خيال سان تہ منهنجي قيد ۾ مون لاءِ مصيبت پيدا ڪن. |
|
| 18 |
|
| پوءِ ڇا ٿيو؟ رڳو هيترو تہ هر طرح مسيح جي پڌرائي ٿي ٿئي، ڪوڙ سان توڙي سچ سان، ۽ انهي ڪري آئون خوش ٿو ٿيان، هائو، ۽ خوش ٿيندس. |
|
| 19 |
|
| ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ اوهان جي دعا ۽ يسوع مسيح جي روح جي مدد سان، انهي مان نيٺ مون کي ڇوٽڪارو ملندو. |
|
| 20 |
|
| جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان: |
|
| 21 |
|
| ڇالاءِ جو منهنجي لاءِ جيئڻ آهي مسيح ۽ مرڻ آهي نفعو. |
|
| 22 |
|
| پر جي جسم ۾ جيئري رهڻ ڪري منهنجي محنت مان ڦل پيدا ٿو ٿئي، تہ مون کي خبر ناهي تہ ڇا پسند ڪريان. |
|
| 23 |
|
| پر آئون ٻنهي جي وچ ۾ ڦاٿل آهيان، جو منهنجي خواهش آهي تہ هتان رحلت ڪري وڃان ۽ وڃي مسيح سان گڏجان؛ ڇالاءِ جو اهو سڀ کان بهتر آهي: |
|
| 24 |
|
| تنهن هوندي بہ جسم ۾ رهڻ اوهان جي خاطر زيادہ ضروري آهي. |
|
| 25 |
|
| انهي جي مون کي پڪ آهي، تنهنڪري آئون ڄاڻان ٿو تہ آئون جيئرو رهندس، هائو، اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، انهي لاءِ تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ۽ خوشي پيدا ٿئي. |
|
| 26 |
|
| ۽ منهنجي اوهان وٽ وري اچڻ ڪري، منهنجي بابت اوهان جو فخر مسيح يسوع ۾ زيادہ ٿئي. |
|
| 27 |
|
| رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو. |
|
| 28 |
|
| ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ مخالفن کان نٿا ڊڄو: اها ڳالهہ هنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آهي، مگر اوهان جي نجات جي، ۽ اُها خدا جي پاران آهي، |
|
| 29 |
|
| ڇالاءِ جو مسيح جي خاطر اوهان ئي تي اهو فضل ٿيو آهي تہ نہ رڳو هن تي ايمان آڻيو، پر هن جي لاءِ ڏک بہ سهو. |
|
| 30 |
|
| اوهين بہ اهڙيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جهڙيءَ طرح اوهان مون کي ڪندو ڏٺو هو، ۽ هاڻي بہ ٻُڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان. |
|
|
|
|