|
| 1 |
|
| تنهنڪري جيڪڏهن مسيح ۾ ڪا تسلي آهي، جيڪڏهن ڪو محبت جو دلاسو آهي، جيڪڏهن روح جي ڪا شراڪت آهي، جيڪڏهن ڪا رحمدلي ۽ مهرباني آهي، |
|
| 2 |
|
| تہ اوهين منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪدل ٿي رهو، هڪجهڙي محبت رکو، همراهہ ۽ هم خيال ٿي گذاريو؛ |
|
| 3 |
|
| نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛ |
|
| 4 |
|
| اوهان مان ڪوبہ رڳو پنهنجيءَ حالت تي نظر نہ ڪري، پر ٻين جي تي بہ ڪري. |
|
| 5 |
|
| اهڙي ئي طبيعت رکو جهڙي مسيح يسوع جي هئي؛ |
|
| 6 |
|
| جيتوڻيڪ هو خدا جي صورت ۾ هو، تہ بہ خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي ڇڏڻ جو ڊپ نہ ڪيائين، |
|
| 7 |
|
| پر پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ خادم جي صورت اختيار ڪري اچي انسان ٿيو؛ |
|
| 8 |
|
| ۽ انسان جي شڪل ۾ ظاهر ٿي پاڻ کي پست ڪيائين، ۽ اهڙو فرمانبردار رهيو جو موت بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين. |
|
| 9 |
|
| انهي ڪري خدا بہ هن کي گهڻو سر بلند ڪيو، ۽ کيس اهو نالو ڏنائين جو سڀني نالن کان اعليٰ آهي؛ |
|
| 10 |
|
| انهي لاءِ تہ جيڪي آسمان ۾ آهن، يا جيڪي زمين تي آهن يا جيڪي زمين جي هيٺ آهن سي سڀيئي يسوع جي نالي تي گوڏا کوڙين، |
|
| 11 |
|
| ۽ سڀڪا زبان قبول ڪري تہ يسوع مسيح خداوند آهي، جنهنڪري خدا پيءُ جو جلال ظاهر ٿئي. |
|
| 12 |
|
| سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛ |
|
| 13 |
|
| ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري. |
|
| 14 |
|
| سڀ ڪم ڪُرڪڻ ۽ تڪرار ڪرڻ کانسواءِ ڪندا رهو، |
|
| 15 |
|
| تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛ |
|
| 16 |
|
| ۽ زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو، انهي لاءِ تہ مسيح جي ڏينهن مون کي فخر ڪرڻ جو سبب ملي، تہ منهنجي ڊوڙ ڊڪ يا منهنجي محنت اجائي نہ ٿي. |
|
| 17 |
|
| پر جيڪڏهن اوهان جي ايمان جي خدمت ۽ قربانيءَ تي مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي، تہ بہ آئون خوش ٿيندس، ۽ اوهان سڀني سان گڏجي خوشيون ڪندس؛ |
|
| 18 |
|
| ۽ اوهين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏجي خوشيون ڪريو. |
|
| 19 |
|
| مون کي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد آهي تہ تيمٿيس کي سگهو ئي اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ اوهان جو حال معلوم ڪري مون کي دلجاءِ ٿئي. |
|
| 20 |
|
| ڇالاءِ جو مون وٽ ڪو اهڙو هم خيال ماڻهو ڪونهي، جنهن کي سچ پچ اوهان جي حال جو فڪر هجي. |
|
| 21 |
|
| هن ڪري جو سڀني کي پنهنجين ڳالهين جو فڪر آهي، نہ يسوع مسيح جي ڳالهين جو. |
|
| 22 |
|
| پر اوهان کي ذاتي خبر آهي تہ جيئن ڪو پٽ پيءُ جي خدمت ڪري، تيئن هن مون سان گڏ انجيل ڦهلائڻ جي خدمت ڪئي آهي. |
|
| 23 |
|
| تنهنڪري اُميد اٿم تہ جڏهن آئون ڏسندس تہ منهنجو ڪهڙو فيصلو ٿو ٿئي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليندس. |
|
| 24 |
|
| پر مون کي خداوند ۾ يقين آهي تہ آئون پاڻ بہ جلد ايندس. |
|
| 25 |
|
| پر مون ضروري سمجهيو تہ اپفروديتس کي اوهان ڏانهن موڪليان، جو منهنجو ڀاءُ، ۽ هم خدمت، ۽ هم سپاهہ، ۽ اوهان جو قاصد، ۽ منهنجين گهُرجن پلڻ وارو خادم آهي. |
|
| 26 |
|
| هن کي اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ هئي، ۽ اوهان سندس بيماريءَ جي خبر ٻُڌي هئي، تنهنڪري هو ڏاڍو بي آرام ٿي رهيو. |
|
| 27 |
|
| سچ پچ هو بيمار هو ۽ مرڻ تي هو، پر خدا مٿس رحم ڪيو، ۽ نہ رڳو مٿس، پر مون تي بہ، تہ مون کي ڏک پٺيان ڏک نہ رسي. |
|
| 28 |
|
| تنهنڪري مون ڏاڍو سعيو ڪري کيس موڪليو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين بہ هن کي وري ڏسي خوش ٿيو، ۽ منهنجو ڏک بہ گهٽ ٿئي. |
|
| 29 |
|
| تنهنڪري خداوند ۾ گهڻي خوشيءَ سان هن جو استقبال ڪجو؛ ۽ اهڙن کي عزت ڏيندا رهجو: |
|
| 30 |
|
| ڇالاءِ جو هو مسيح جي ڪم جي ڪري مرڻ تي هو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انهي لاءِ تہ منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا گهٽتائي هئي، سا پوري ڪري. |
|
|
|
|