Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| تنهنڪري، پهرين آئون هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ سڀني ماڻهن لاءِ عرض، دعا، سفارش ۽ شڪر گذاريون ڪرڻ گهرجن؛ |
| 2 |
| بادشاهن ۽ سڀني حاڪمن لاءِ بہ، تہ اسين نهايت دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ اطمينان جي حياتي گذاريون. |
| 3 |
| اها ڳالهہ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ چڱي ۽ پسنديدہ آهي؛ |
| 4 |
| جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ. |
| 5 |
| ڇالاءِ جو خدا هڪڙو آهي، ۽ خدا ۽ ماڻهن جو درمياني بہ هڪڙو ئي آهي، يعني مسيح يسوع، جو انسان آهي. |
| 6 |
| جنهن پاڻ کي سڀني جي لاءِ قربان ڪري ڏيئي ڇڏيو، تہ مناسب وقتن تي اها شاهدي ڏني وڃي. |
| 7 |
| آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان. |
| 8 |
| تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ ماڻهو هر ڪنهن هنڌ، ڪاوڙ ۽ تڪرار کانسواءِ، پاڪ هٿ کڻي دعا ڪن. |
| 9 |
| ساڳيءَ طرح، زالون بہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي حجاب ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين؛ نہ ڳتيل وارن ۽ سون يا موتين يا قيمتي پوشاڪ سان؛ |
| 10 |
| پر چڱن ڪمن سان (جيئن ڪ انهن زالن کي مناسب آهي، جي پاڻ کي خدا پرست ٿيون چوائين.) |
| 11 |
| زال ذات کي گهرجي تہ ماٺ ڪري نهايت تابعداريءَ سان تعليم وٺي. |
| 12 |
| پر آئون ڪنهن بہ زال کي اجازت نٿو ڏيان تہ تعليم ڏئي، يا مڙس تي حڪم هلائي، پر خاموش رهي. |
| 13 |
| ڇالاءِ جو پهريائين آدم جُڙيو ۽ پوءِ حوا؛ |
| 14 |
| ۽ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر سندس زال ٺڳجي گناهہ ۾ گرفتار ٿي. |
| 15 |
| پر ٻار ڄڻڻ ڪري زال بچي ويندي، بشرطيڪ ايمان ۽ محبت ۽ پاڪيزگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ قائم رهي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/1timothy/002.mp3
6
2