|
| 1 |
|
| اها ڳالهہ سچي آهي تہ جيڪو ماڻهو نگهبان (بشپ) جو عهدو ٿو چاهي تہ اهو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري. |
|
| 2 |
|
| تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛ |
|
| 3 |
|
| نہ نشي باز، نہ مارڪٽ ڪندڙ؛ نہ تڪراري، نہ پيسي جو لالچي، پر حليم هجي؛ |
|
| 4 |
|
| پنهنجي گهر جو پوريءَ طرح بندوبست رکڻ وارو ۽ پنهنجن ٻارن کي تمام سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي؛ |
|
| 5 |
|
| (پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خود پنهنجي گهر هلائڻ جي خبر نہ آهي، تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي ڪهڙي سنڀال ڪري سگهندو؟) |
|
| 6 |
|
| نومريد نہ هجي، متان مغروريءَ جي ڪري شيطان واريءَ سزا ۾ گرفتار ٿئي؛ |
|
| 7 |
|
| جيڪي ٻاهر آهن تن وٽ بہ نيڪ ناموس وارو هئڻ گهرجي؛ تہ متان ملامت ۾ يا شيطان جي ڦندي ۾ ڦاسي پوي. |
|
| 8 |
|
| انهي طرح جيڪي خادم (ڊيڪن) آهن، تن کي سنجيدو ٿيڻ گهرجي، اهي نہ ٻہ چاپڙا، نہ شرابي، نہ ناجائز نفعي جا لالچي هجن، |
|
| 9 |
|
| پر ايمان جي راز کي پاڪ دل ۾ سنڀالي رکڻ وارا هجن. |
|
| 10 |
|
| ۽ انهن جو بہ پهرين آزمودو وٺڻ گهرجي، پوءِ جي بي عيب ثابت ٿين، تہ ڀلي پنهنجي عهدي جو ڪم ڪن. |
|
| 11 |
|
| انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن. |
|
| 12 |
|
| خادم کي بہ هڪڙيءَ زال جو مڙس هئڻ گهرجي، ۽ هو ٻارن ۽ پنهنجي گهر جو چڱيءَ طرح انتظام ڪن. |
|
| 13 |
|
| ڇالاءِ جو جيڪي خادمن جي عهدي جو ڪم چڱيءَ طرح ٿا ڪن، سي پنهنجي لاءِ چڱو درجو، ۽ جو ايمان مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ وڏي همت حاصل ٿا ڪن. |
|
| 14 |
|
| اهي ڳالهيون آئون تو ڏانهن انهيءَ اُميد تي بہ لکان ٿو تہ جلد تو ڏانهن ايندس؛ |
|
| 15 |
|
| پر جي مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ڀلي خبر پويئي تہ خدا جو گهر، يعني زندہ خدا جي ڪليسيا، جا سچ جو ٿنڀ ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ڪهڙيءَ طرح هلت ڪرڻ کپي. |
|
| 16 |
|
| بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو. |
|
|
|
|