|
| 1 |
|
| تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا. |
|
| 2 |
|
| هو پنهنجي مقرر ڪرڻ واري سان وفادار هو، جيئن ڪ موسيٰ بہ خدا جي گهر ۾ وفادار هو. |
|
| 3 |
|
| تنهن هوندي بہ يسوع هن کان ايتري قدر زيادہ جلال جي لائق ليکيو ويو، جيتري قدر ڪنهن گهر جو جوڙيندڙ انهي گهر کان زيادہ عزت وارو ليکبو آهي. |
|
| 4 |
|
| ڇوتہ سڀ ڪنهن گهر جو ڪونہ ڪو جوڙيندڙ آهي؛ پر جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون سو خدا آهي. |
|
| 5 |
|
| هاڻي موسيٰ تہ خدا جي گهراڻي ۾ خادم وانگر ايماندار ۽ وفادار رهيو؛ انهي لاءِ تہ جيڪي ڳالهيون پوءِ بيان ٿيڻيون هيون، تن جي شاهدي ڏئي؛ |
|
| 6 |
|
| پر مسيح فرزند طور هن جي گهر جو مختيار آهي؛ ۽ سندس گهر اسين آهيون؛ بشرطيڪ پنهنجي همت ۽ اُميد جو فخر توڙ تائين قائم رکندا اچون. |
|
| 7 |
|
| تنهنڪري جيئن پاڪ روح فرمائي ٿو، تہ ”جيڪڏهن اڄ اوهين هن جو آواز ٻُڌو، |
|
| 8 |
|
| تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن ڪاوڙائڻ مهل آزمائش جي ڏينهن رڻ پٽ ۾ هنن ڪيو، |
|
| 9 |
|
| جتي اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي آزمايو، ۽ چاليهہ ورهيہ منهنجا ڪم ڏٺائون. |
|
| 10 |
|
| تنهنڪري انهيءَ پيڙهيءَ سان آئون ناراض ٿيس، ۽ چيم تہ هو هميشہ پنهنجي دل ۾ گمراهہ ٿا ٿين: پر انهن منهنجين واٽن کي ڪين سڃاتو. |
|
| 11 |
|
| ۽ مون ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.“ |
|
| 12 |
|
| اي ڀائرو، سنڀال ڪجو تہ متان اوهان مان ڪنهن جي دل اهڙي خراب ۽ بي ايمان ٿئي جو زندہ خدا کان ڦري وڃي. |
|
| 13 |
|
| جيسين ڪ اڄوڪو ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين روز بروز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو؛ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ڪري سخت دل ٿي پوي: |
|
| 14 |
|
| ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛ |
|
| 15 |
|
| جو چيل آهي، تہ ”اڄ جيڪڏهن اوهين هن جو آواز ٻُڌو تہ پنهنجيون دليون سخت نہ ڪجو، جيئن ڪاوڙائڻ مهل ڪيوَ.“ |
|
| 16 |
|
| ڇالاءِ جو اهي ڪير هئا جن آواز ٻُڌڻ مهل کيس ڪاوڙايو؟ اُهي سڀيئي نہ هئا ڇا، جيڪي موسيٰ جي وسيلي مصر مان نڪتا هئا؟ |
|
| 17 |
|
| ۽ اهي ڪير هئا، جن سان هو، چاليهہ ورهيہ ناراض رهيو؟ ڇا اُهي نہ هئا، جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش برپٽ ۾ پيا رهيا؟ |
|
| 18 |
|
| ۽ اهي ڪير هئا، جن سان هن اهو قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا، سواءِ انهن جي، جن نافرماني ڪئي؟ |
|
| 19 |
|
| سو اسين ڏسون ٿا تہ هو ايمان نہ آڻڻ جي ڪري داخل نہ ٿي سگهيا. |
|
|
|
|