مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| بني يوسف کي مليل حصي جي سرحد يريحو شهر جي اردن نديءَ کان يريحو جي چشمن جي اوڀر کان شروع ٿي ۽ اتان کان بيابان منجھان لنگھندي بيتايل جي جابلو علائقي ۾ وڃي نڪتي. |
| 2 |
| اها بيتايل يعني لوز کان هلندي ارڪين قوم جي علائقي عطارات ۾ آئي. |
| 3 |
| اتان اولهہ طرف ڏانهن يفليطين قوم جي علائقي ڏانهن لهندي وڃي هيٺئين بيتحورون تائين پهتي. وري اها اتان اڳتي هلي جزر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. |
| 4 |
| اهڙيءَ طرح يوسف جي اولاد يعني منسيءَ ۽ افرائيم قبيلن کي پنهنجو اهو ورثو مليو. |
| 5 |
| افرائيم قبيلي جي سندن گھراڻن موجب علائقو هي هو: هنن جي سرحد اوڀر طرف عطارات ادار کان وٺي مٿئين بيتحورون تائين ويئي |
| 6 |
| ۽ اتان کان ڀونوچ سمنڊ تائين ويئي. اترئين پاسي مڪمتاہ کان اها اوڀر طرف تانتسيلا ڏانهن مڙي، انهيءَ جو پاسو ڏيئي اوڀر طرف ينوحاہ تائين ويئي. |
| 7 |
| ينوحاہ کان هيٺ لهي عطارات ۽ نعراتہ ڏانهن وڃي يريحو شهر تائين پهتي ۽ پوءِ اتان نڪري اردن درياءَ تي وڃي ختم ٿي. |
| 8 |
| اها سرحد تفوح کان اولهہ ڏانهن قاناہ جي برساتي نهر تائين ويئي ۽ ڀونوچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. اهو آهي افرائيم قبيلي جو سندن گھراڻن موجب ورثو. |
| 9 |
| انهيءَ کان علاوہ ڪجھہ شهر ۽ ڳوٺ جيڪي منسي قبيلي جي حدن اندر هئا، سي پڻ افرائيم قبيلي کي ڏنا ويا. |
| 10 |
| پر انهن جزر ۾ رهندڙ ڪنعانين کي ڀڄائي نہ ڪڍيو، سو ڪنعاني اڄ ڏينهن تائين بني افرائيم ۾ رهندا اچن. البت هو ٻانها ٿي انهن جي بيگار جو ڪم ڪندا آهن. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/joshua/016.mp3
24
16