تڏهن يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ” خداوند ، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اڳئين زماني ۾، اوهان جا ابا ڏاڏا توڙي تارح، ابراهيم ۽ نحور جي پيءُ جي وقت تائين فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر رهندا هئا، جتي هو ٻين معبودن جي پوڄا ڪندا هئا.
پوءِ مون اوهان کي امورين جي ملڪ ۾ آندو جنهن جا ماڻهو اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر اوڀر پاسي رهندا هئا. اهي اوهان سان وڙهيا پر مون اوهان کي انهن تي سوڀ ڏني. مون انهن کي اوهان جي اڳيان برباد ڪري ڇڏيو ۽ اوهان انهن جي زمين پنهنجي قبضي ۾ آندي.
پوءِ اوهين اردن درياءُ پار ڪري يريحو شهر ۾ آيا. انهيءَ شهر جي ماڻهن کان علاوہ اموري، فرزي، ڪنعاني، حتي، جِرجاشي، حوي ۽ يبوسي قوم وارن پڻ اوهان سان جنگ ڪئي. پر مون اوهان کي انهن سڀني تي فتح ڏني.
هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“
اهو خداوند اسان جو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي غلاميءَ جي گھر يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ اسان جي سامهون وڏا وڏا معجزا ڪيائين. هن سڄي سفر دوران ۽ جن قومن مان ٿي لنگھياسين تن منجھہ اسان جي حفاظت ڪئي.
تڏهن يشوع ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين خداوند جي عبادت ڪري نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ خدا آهي. جيئن تہ هو غيرت وارو خدا آهي، سو هو اوهان جي حڪمعدولي ۽ اوهان جا گناهہ معاف نہ ڪندو.
جيستائين يشوع جيئرو هو تيستائين بني اسرائيل خداوند جي عبادت ڪندا رهيا. يشوع جي وفات کان پوءِ بہ هو ائين ئي ڪندا آيا جيستائين اهي اڳواڻ جيئرا هئا جن اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي اکين سان ڏٺو هو جيڪي خداوند بني اسرائيل لاءِ ڪيو هو.
يوسف جا هڏا جيڪي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا سي بہ هنن سڪم ۾ زمين جي انهيءَ ٽڪري ۾ دفن ڪيا، جيڪو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي اولاد کان چانديءَ جي هڪ سؤ سڪن ۾ خريد ڪيو هو. اها زمين يوسف جي اولاد کي ورثي طور ملي هئي.