تڏهن جِلعاد جي اڳواڻن افتاح کي چيو تہ ”اسان انهيءَ لاءِ تو ڏانهن رخ ڪيو آهي تہ تون اسان سان گڏجي هل ۽ بني عمون سان وڙهڻ ۾ اسان جي اڳواڻي ڪر. پوءِ تون اسان جِلعاد جي سڀني رهاڪن جو سردار ٿيندين.“
تنهن تي افتاح جِلعاد جي اڳواڻن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون کي بني عمون سان وڙهڻ لاءِ موٽائي گھر وٺي ٿا هلو ۽ خداوند مون کي انهن تي سوڀ ڏئي، تہ ڇا پوءِ آءٌ واقعي اوهان جو سردار ٿيندس؟“
تنهن تي بني عمون جي بادشاهہ افتاح جي ايلچين کي جواب ڏنو تہ ”جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪري آيا هئا تڏهن انهن برساتي نهر ارنون کان وٺي برساتي نهر يبوق ۽ اردن درياءَ تائين منهنجي زمين قبضي ڪئي هئي. سو هاڻ اها صلح سانت ۾ مون کي موٽائي ڏيو.“
پر سيحون جو بني اسرائيل تي ايترو ڀروسو نہ ٿيو جو پنهنجي حد مان کين لنگھڻ ڏئي. اٽلندو هن پنهنجا سڀ ماڻهو گڏ ڪري يهص ۾ اچي تنبو کوڙيا ۽ بني اسرائيل تي حملو ڪري ڏنائين.
تڏهن خداوند ، بني اسرائيل جي خدا سيحون ۽ سندس سڄي لشڪر کي بني اسرائيل جي هٿن ۾ ڏنو ۽ کين انهن تي فتح حاصل ٿي. سو اموري، جيڪي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا، تن جي سڄي ملڪ تي بني اسرائيل قبضو ڪري ورتو.
سو اي بني عمون جا بادشاهہ! هاڻ جڏهن خداوند ، بني اسرائيل جي خدا امورين کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي لاءِ تڙي ڪڍيو آهي تہ پوءِ تون انهن جي ملڪ تي قبضو ڪري سگھندين ڇا؟
تنهنجو معبود ڪموس جيڪي تو کي ورثو ڪري ڏئي، تون اهو هٿ نہ ڪندين ڇا؟ ساڳيءَ طرح جن کي خداوند اسان جي خدا اسان جي لاءِ تڙي ڪڍيو آهي تن جي ملڪ تي اسان قبضو نہ ڪيون ڇا؟
تہ جڏهن آءٌ بني عمون وٽان صحيح سلامت موٽي ايندس تڏهن منهنجي گھر جي دروازي مان پهريون جيڪو بہ مون سان ملڻ لاءِ نڪري ايندو سو تو خداوند جو ٿيندو. آءٌ انهيءَ کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪندس.“
جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“
تڏهن هن وراڻيس تہ ”اي بابا! جيڪڏهن تو خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي تہ جيڪي تو پنهنجي زبان سان چيو آهي سو ڀلي مون سان ڪر، ڇو تہ خداوند تنهنجي دشمنن بني عمون کان تنهنجو وير ورتو آهي.“