خداوند جو ملائڪ جِلجال مان بوڪيم ۾ آيو ۽ خداوند انهيءَ ملائڪ جي وسيلي بني اسرائيل کي چيو تہ ”مون اوهان کي مصر مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ آندو آهي، جنهن جي ڏيڻ جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. مون چيو هو تہ ’اوهان سان ٻڌل پنهنجو عهد ڪڏهن بہ نہ ٽوڙيندس.
تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ هنن کي اوهان جي ملڪ مان هڪالي نہ ڪڍندس، بلڪ اهي اوهان جي پاسن ۾ ڪنڊا ۽ هنن جا معبود اوهان جي لاءِ ڦندو ٿيندا.“
بني اسرائيل يشوع جي پوري حياتيءَ ۾ ۽ کانئس پوءِ وارن انهن اڳواڻن جي حياتيءَ ۾ بہ خداوند جي عبادت ڪندا آيا، جن اهي وڏا ڪم ڏٺا هئا جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ ڪيا.
هنن خداوند ، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن سندن ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو هو. هو پنهنجي آسپاس وارين ٻين قومن جي معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن انهن کي سجدو ڪري خداوند کي ڪاوڙايو.
تنهن تي خداوند جو غضب بني اسرائيل تي ڀڙڪيو ۽ هن کين ڦورن جي حوالي ڪري ڇڏيو جن کين ڦري لٽي ڇڏيو. هن انهن کي سندن آسپاس وارن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگھيا.
پوءِ جڏهن بہ بني اسرائيل جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا هئا تڏهن خداوند جو هٿ سندن خلاف رهندو هو. سو هو ڪيترن ئي مشڪلاتن ۾ پئجي ويا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي قسم موجب انهن جي خلاف ٿيو.
پر بني اسرائيل پنهنجن رهبرن ڏانهن بہ ڌيان ڪونہ ڏنو. هو خداوند سان بيوفائي ڪري غير معبودن جي پٺيان لڳي کين پوڄڻ لڳا. جنهن رستي تي انهن جا ابا ڏاڏا خداوند جي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندي هلندا هئا، تنهن کان هو جلدي ڦري ويا ۽ انهن وانگر نہ هليا.
جڏهن خداوند هنن جي لاءِ ڪو رهبر مقرر ڪندو هو تڏهن هو انهيءَ رهبر سان هوندو هو ۽ جيستائين رهبر جيئرو هوندو هو تيستائين خداوند بني اسرائيل کي سندن دشمنن جي هٿن کان بچائيندو رهندو هو. خداوند کي مٿن رحم ايندو هو، ڇو تہ هو ظلم ۽ تڪليف هيٺ دانهون ڪندا هئا.
پر جڏهن اهو رهبر مري ويندو هو تڏهن هو وري ڦري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ برائي ڪندا هئا. هو غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ کين سجدو ڪندا هئا. هو پنهنجن برن ڪمن ۽ هوڏ واري رستي کان باز نہ ايندا هئا.
آءٌ انهن جي ذريعي بني اسرائيل کي آزمائيندس ۽ ڏسندس تہ جهڙيءَ طرح سندن ابا ڏاڏا مون خداوند جي راهہ تي هلندا هئا تهڙيءَ طرح هي بہ انهيءَ تي هلن ٿا يا نہ.“