۽ هن جي مامن اُنهيءَ بابت اُهي سڀ ڳالهيون سڪم جي سڀني ماڻهن جي ڪنن تائين پهچايون: ۽ هنن جي دل ابيملڪ جي پيروي تي مائل ٿي؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جو ڀاءُ آهي.
پوءِ هو عفرہ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ويو، ۽ پنهنجن ڀائرن يروبعل جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺائين، جي ستر ڄڻا هئا: پر يروبعل جو سڀ کان ننڍو پٽ يوتام رهجي ويو؛ ڇالاءِ جو هن وڃي پاڻ کي لڪايو هو.
۽ جڏهن يوتام کي اها خبر ملي، تڏهن هو وڃي گرزيم جبل جي چوٽيءَ تي بيٺو، ۽ وڏي آواز سان سڏ ڪري هنن کي چوڻ لڳو تہ اي سڪم جا رهاڪو، منهنجي ڳالهہ ٻڌو، تہ خدا بہ اوهان جي ٻڌي.
پر زيتون جي وڻ انهن کي چيو تہ آءٌ پنهنجو سڻڀ ڇڏي ڏيان ڇا، جنهن سان منهنجي وسيلي ماڻهو خدا کي ۽ انسان کي تعظيم ٿا ڏين، ۽ وڃي ٻين وڻن تي هيڏي هوڏي لُڏان؟
تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن اوهان سپت ۽ سچائي جي هلت ڪئي آهي، جو ابيملڪ کي بادشاهہ ڪيو اٿوَ، ۽ جيڪڏهن يروبعل ۽ ان جي گهراڻي سان چڱو سلوڪ ڪيو آهي، ۽ انهيءَ جي هٿن جي ڪيل احسان موجب هليا آهيو؛
۽ اوهين اڄ منهنجي پيءُ جي گهراڻي جي برخلاف اُٿيا آهيو، ۽ انهيءَ جي پٽن کي هڪڙي پٿر تي ڪُٺو اٿوَ، جي ستر ڄڻا هئا، ۽ انهيءَ جي ٻانهيءَ جي پٽ ابيملڪ کي سڪم جي رهاڪن جو بادشاهہ ڪيو اٿوَ، رڳو انهي ڪري جو هو اوهان جو ڀاءُ آهي)؛
پر جي نہ تہ ڀلي ابيملڪ مان باهہ نڪري سڪم جي ماڻهن، ۽ ملو جي گهراڻي کي ساڙي ناس ڪري ڇڏي؛ ۽ ڀلي تہ سڪم جي ماڻهن ۽ ملو جي گهراڻي مان باهہ نڪري ابيملڪ کي کائي وڃي.
انهي لاءِ تہ يروبعل جي ستر پٽن سان جيڪو ظلم ٿيو هو، سو ظاهر ٿئي، ۽ انهن جو خون سندس ڀاءُ ابيملڪ تي رکيو وڃي، جنهن هنن کي ماريو، ۽ سڪم جي ماڻهن تي بہ، جن هن کي پنهنجي ڀائرن جي مارڻ ۾ مدد ڪئي هئي.
۽ جعل بن عبد چيو تہ ابيملڪ ڪير آهي، ۽ سڪم ڪير آهي جو اسين انهي جي خدمت ڪريون؟ اُهو يروبعل جو پٽ ناهي ڇا؟ ۽ زبول هن جو عملدار ناهي ڇا؟ اوهين سڪم جي پيءُ حصور جي ماڻهن جي خدمت ڪريو: پر اسين ڇو هن جي خدمت ڪريون؟
۽ جڏهن جعل هنن ماڻهن کي ڏٺو تڏهن زبول کي چيائين تہ ڏس، هو ماڻهو جبل جي چوٽين تان هيٺ لهي رهيا آهن. ۽ زبول هن کي چيو تہ تون جبلن جو پاڇو ٿو ڏسين، جي ڄڻ تہ ماڻهو آهن.
تڏهن زبول هن کي چيو تہ هاڻي تنهنجو وات ڪٿي آهي، جو تو ٿي چيو تہ ابيملڪ ڪير آهي جو اسين انهي جي خدمت ڪريون؟ هي اُهي ماڻهو ناهن ڇا جن جي تو حقارت ٿي ڪئي؟ هاڻي مهرباني ڪري نڪري وڃي انهن سان وڙهہ.
۽ ابيملڪ پنهنجين ٽولين سميت اڳتي ڪاهي ويو، ۽ شهر جي دروازي جي لنگهہ تي وڃي بيٺو: ۽ جيڪي ماڻهو ٻنيءَ ۾ هئا، تن سڀني تي ٻن ٽولين ڪاهہ ڪئي، ۽ انهن کي ماريائون.
پر شهر جي اندر هڪڙو مضبوط ٺلهہ هو، ۽ شهر جا سڀ ماڻهو، مرد توڙي زالون، اُٿي اوڏانهن ڀڳا، ۽ انهيءَ ۾ پاڻ کي بند ڪري ڇڏيائون، ۽ پوءِ ٺلهہ جي ڇت تي چڙهي ويا.