|
| 1 |
|
| ۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ فلستين اسرائيل سان وڙهڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر گڏ ڪيا. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ توکي ۽ تنهنجن ماڻهن کي ضرور مون سان گڏجي لشڪر ۾ هلڻو پوندو. |
|
| 2 |
|
| ۽ دائود اڪيس کي چيو تہ پوءِ توکي معلوم ٿيندو تہ تنهنجو ٻانهو ڇا ڪندو. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ انهي ڪري آءٌ توکي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو سنڀاليندڙ ڪندس. |
|
| 3 |
|
| هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو. |
|
| 4 |
|
| ۽ فلستي گڏ ٿيا ۽ شونيم ۾ تنبو هنيائون: ۽ سائول سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ اُنهن جلبوعہ ۾ تنبو هنيا. |
|
| 5 |
|
| ۽ جڏهن سائول فلستين جو لشڪر ڏٺو تڏهن ڊنو، ۽ سندس دل تمام گهڻو ڏڪڻ لڳي. |
|
| 6 |
|
| ۽ جڏهن سائول خداوند کي سوال ڪيو تڏهن خداوند هن کي ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اوريم سان، نہ نبين جي وسيلي. |
|
| 7 |
|
| تڏهن سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ مون کي ڪا اهڙي ڀوپڻ ڳولي ڏيو، تہ آءٌ وٽس وڃي سوال ڪريان. ۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڏس، عين دور ۾ هڪڙي ڀوپڻ آهي. |
|
| 8 |
|
| پوءِ سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا ڍڪيا، ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهي زال وٽ آيو: ۽ چيائينس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون جنات جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي، ۽ جنهن جو نالو آءٌ وٺان تنهن کي مون وٽ مٿي آڻ. |
|
| 9 |
|
| تڏهن انهي زال چيس تہ ڏس، توکي خبر آهي تہ سائول ڇا ڪيو آهي جو ڀوپن ۽ جادوگرن کي هن ملڪ مان وڍي ڪڍي ڇڏيو آهي: تڏهن ڇو منهنجي مارڻ لاءِ تون هيءَ ڦاهي ٿو وجهين؟ |
|
| 10 |
|
| ۽ سائول خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ انهي ڪم جي ڪري توکي ڪابہ سزا نہ ملندي. |
|
| 11 |
|
| تڏهن انهي زال چيو تہ ڪنهن کي تو وٽ مٿي آڻيان؟ ۽ هن چيو تہ سموئيل کي مون وٽ آڻ. |
|
| 12 |
|
| ۽ جڏهن انهي زال سموئيل کي ڏٺو تڏهن وڏي آواز سان رڙ ڪيائين: ۽ انهي زال سائول کي چيو تہ تو مون سان ڇو ٺڳي ڪئي آهي؟ ڇالاءِ جو تون سائول آهين. |
|
| 13 |
|
| ۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: پر ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿي ڏسين؟ تڏهن زال سائول کي چيو تہ آءٌ هڪڙي معبود کي زمين مان نڪري ايندو ٿي ڏسان. |
|
| 14 |
|
| ۽ هن چيس تہ اُهو ڪهڙي شڪل جو آهي؟ زال چيو تہ هڪڙو ٻڍو ماڻهو چڙهندو ٿو اچي؛ ۽ ان کي هڪڙو چوغو پيل آهي. ۽ سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي، تڏهن هن پنهنجو منهن جهڪائي زمين تي رکيو، ۽ تعظيم ڏنائينس. |
|
| 15 |
|
| ۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي، جو مون کي مٿي آندو اٿيئي؟ ۽ سائول ورندي ڏني تہ آءٌ ڏاڍو تنگ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو فلستي مون سان جنگ ٿا ڪن، ۽ خدا مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ مون کي ڪابہ ورندي نٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي، ۽ نہ خوابن جي رستي: تنهنڪري مون توکي سڏيو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ڇا ڪريان. |
|
| 16 |
|
| ۽ سموئيل چيو تہ تڏهن ڇالاءِ تون مون کان پڇين ٿو، جڏهن ڄاڻين ٿو تہ خداوند توکي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجو دشمن ٿيو آهي؟ |
|
| 17 |
|
| ۽ خداوند پنهنجي طرفان ائين ئي ڪيو آهي جيئن هن منهنجي معرفت چيو: ۽ خداوند تنهنجي هٿان بادشاهي کسي تنهنجي پاڙيسريءَ کي، يعني دائود کي ڏئي ڇڏي آهي. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، ۽ عماليقين سان هن جي سخت ڪاوڙ موافق تو هلت نہ ڪئي، تنهنڪري خداوند اڄ تو سان ائين ئي ڪيو آهي. |
|
| 19 |
|
| تنهن کان سواءِ، خداوند توکي ۽ اسرائيل کي فلستين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو: ۽ سڀاڻي تون ۽ تنهنجا پٽ مون سان هوندا: خداوند اسرائيل جو لشڪر بہ فلستين جي هٿن ۾ ڏيندو. |
|
| 20 |
|
| تڏهن سائول هڪدم زمين تي ڊگهو ٿي ڪري پيو، ۽ سموئيل جي ڳالهين کان ڏاڍو ڊنو: ۽ منجهس ڪابہ طاقت ڪانہ رهي؛ ڇالاءِ جو هن سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ماني اصل نہ کاڌي. |
|
| 21 |
|
| پوءِ اُها زال سائول وٽ آئي، ۽ هن کي ڏاڍو پريشان ڏسي چيائينس تہ ڏس، تنهنجي ٻانهيءَ تنهنجي ڳالهہ مڃي آهي، ۽ مون پنهنجو ساهہ تريءَ تي رکي جيڪي تو مون کي چيو سو مون مڃيو آهي. |
|
| 22 |
|
| تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ تون بہ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ مڃ، ۽ موڪل ڏي تہ مانيءَ جو هڪڙو گرهہ تنهنجي اڳيان رکان؛ ۽ ڪجهہ کاءُ، تہ واٽ جي لاءِ توکي ڪا طاقت ملي. |
|
| 23 |
|
| پر هن انڪار ڪري چيو تہ آءٌ ڪين کائيندس. پر هن جي نوڪرن انهي زال سان گڏجي کيس گهڻو زور ڪيو؛ تڏهن هن انهن جي ڳالهہ مڃي ۽ هو زمين تان اُٿي کٽ تي ويٺو. |
|
| 24 |
|
| ۽ انهي زال وٽ هڪڙو ٿلهو گابو گهر ۾ موجود هو؛ جنهن کي هن جهٽ ۾ ڪُهي وڌو؛ ۽ اٽو ڳوهي انهي مان بي خميري مانيون پچايائين: |
|
| 25 |
|
| پوءِ اُهي هن کڻي آڻي سائول ۽ سندس نوڪرن جي اڳيان رکيون؛ ۽ هنن کاڌو. پوءِ هو اُٿيا، ۽ اُنهي رات پنهنجو رستو وٺي هليا ويا. |
|
|
|
|