|
| 1 |
|
| هوڏانهن فلستين جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. اتي بني اسرائيل جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجھہ ڀڄي نڪتا. |
|
| 2 |
|
| فلستين سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پئي کين سوڙهو ڪيو، نيٺ سائول جي پٽن يونتن، ابينداب ۽ ملڪيشوع کي ماري وڌائون. |
|
| 3 |
|
| ويڙهہ سائول کي وڪوڙي ويئي، تيرانداز وڃي کيس پهتا ۽ کيس سخت زخمي ڪري وڌائون. |
|
| 4 |
|
| تڏهن سائول پنهنجي هٿياربردار کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي ماري ڇڏ، انهيءَ لاءِ تہ متان اڻطهريل اچي مون کي قتل ڪن ۽ مون کي بيعزت ڪن.“ پر هن جي هٿياربردار ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو ڊنو ٿي. تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي تلوار کنئي ۽ انهيءَ تي ئي ڪري پيو. |
|
| 5 |
|
| جڏهن سائول جي هٿياربردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي تلوار تي ڪري پيو ۽ ساڻس گڏ مري ويو. |
|
| 6 |
|
| اهڙيءَ طرح سائول، سندس ٽي پٽ، سندس هٿياربردار ۽ سندس سڀيئي ماڻهو ساڳئي ئي ڏينهن گڏ مئا. |
|
| 7 |
|
| بني اسرائيل جا جيڪي ماڻهو يزرعيل ماٿريءَ جي ٻئي طرف ۽ جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر طرف رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو بہ پنهنجا شهر ڇڏي ڀڄي ويا. پوءِ فلستي اچي انهن تي قبضو ڪري رهڻ لڳا. |
|
| 8 |
|
| ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن کي لٽڻ لاءِ آيا، تہ هنن جِلبوعہ جبل تي سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش ڏٺا. |
|
| 9 |
|
| تڏهن هنن سائول جي سسي وڍي ڌار ڪئي ۽ سندس بدن تان زرهہ بہ لاٿائونس. پوءِ هنن پنهنجي ملڪ فلستيا ڏانهن قاصدن کي موڪليو، تہ جيئن اهي سندن بتخانن ۾ ۽ ماڻهن کي اها خوشخبري ٻڌائين. |
|
| 10 |
|
| هنن اها زرهہ عستارات ديويءَ جي مندر ۾ رکي ۽ سائول جو لاش بيتشان شهر جي ديوار سان سوگھو ٻڌي ڇڏيائون. |
|
| 11 |
|
| جڏهن جِلعاد علائقي جي يبيس شهر جي رهاڪن ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڪهڙي حالت ڪئي آهي، |
|
| 12 |
|
| تڏهن انهن جا سمورا بهادر ماڻهو اٿيا ۽ راتو رات پنڌ ڪري بيتشان شهر ۾ وڃي پهتا، جتان چوريءَ سائول ۽ سندس پٽن جا لاش ديوار تان لاٿائون ۽ يبيس شهر ۾ موٽي اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون. |
|
| 13 |
|
| پوءِ انهن جون هڏيون کڻي يبيس شهر ۾ هڪڙي لئي جي وڻ هيٺ دفن ڪري ڇڏيائون ۽ ستن ڏينهن تائين ڪجھہ بہ نہ کاڌائون. |
|
|
|
|