تڏهن فلستين پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ نجومين کي گھرائي کانئن پڇيو تہ ” خداوند جي عهد واري صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهيءَ کي سندس جاءِ تي ڪيئن پهچايون؟“
سو اوهين پنهنجي بيماريءَ وارين ڳوڙهين ۽ جيڪي ڪوئن اوهان جي فصل ۾ تباهي آندي آهي تن جا مجسما سون مان ٺاهجو. اهڙيءَ طرح اوهين بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪريو تہ من هو اوهان تان، اوهان جي معبودن تان ۽ اوهان جي ملڪ تان پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.
خداوند جي عهد واري صندوق کڻي آڻي انهيءَ گاڏيءَ تي رکو ۽ سون جون جيڪي شيون اوهين ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني طور خدا کي ڏيو ٿا سي هڪڙي پيتيءَ ۾ وجھي انهيءَ جي ڀرسان آڻي رکو. پوءِ انهيءَ کي روانو ڪري ڇڏيو تہ ڀلي وڃي.
فلستين سون مان ٺهيل جيڪي پنج ڳوڙهيون خداوند جي ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني طور موڪليون هيون، سي پنجن شهرن يعني اشدود، غزہ، اسقلون، جات ۽ عقرون جي لاءِ هڪڙي هڪڙي ڪري موڪلي هئائون.
هنن پنهنجي انهن ڪوٽ وارن شهرن جي تعداد جيترا سون مان ٺهيل ڪوئا پڻ موڪليا هئا. اهي سڀيئي شهر ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن سميت انهن پنجن ئي سردارن جي ملڪيت هئا. انهيءَ ڳالهہ جي شاهديءَ طور اهو وڏو پٿر جنهن تي خداوند جي عهد واري صندوق رکي ويئي هئي، سو اڄ ڏينهن تائين بيتشمس جي رهاڪو يشوع جي ٻنيءَ ۾ موجود آهي.