هاڻي بنيمين جو هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس، بن ابي ايل، بن صرور، بن بڪورت، بن افيخ هو، ۽ اهو هڪڙي بنيمينيءَ جو پٽ هو، ۽ زور وارو ۽ همت ڀريو ماڻهو هو.
۽ هو افرائيم جي ڪوهستان مان ۽ سليسہ جي زمين مان لنگهندو گهمندو ويو، پر گڏهہ نہ لڌائين: پر هو سعليم جي زمين مان لنگهيا، تہ بہ اُتي گڏهہ نہ ملين: پوءِ هو بنيمينين جي زمين مان لنگهيو، تہ بہ گڏهہ نہ لڌن.
شهر ۾ اچڻ شرط، ۽ سندس مٿانهين هنڌ کائڻ لاءِ وڃڻ کان اڳي، اوهين هن کي ڏسندا، ڇالاءِ جو ماڻهو تيسين نہ کائيندا جيسين ڪ هو ايندو، جو هو قربانيءَ تي برڪت ڏيندو آهي؛ ۽ پوءِ جن کي حڪم ملندو آهي سي کائيندا آهن. تنهنڪري هاڻي اوهين مٿي چڙهو؛ ڇالاءِ جو هن وقت اوهان کي هو ملندو.
سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي.
۽ سائول ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ بنيمين جو ناهيان ڇا، جو اسرائيل جي فرقن مان تمام ننڍو آهي؟ ۽ منهنجو قبيلو بنيمين جي فرقي جي قبيلن مان سڀ کان ننڍو نہ آهي ڇا؟ تڏهن ڇالاءِ تون مون سان انهي طرح ٿو ڳالهائين؟
۽ سموئيل سائول ۽ سندس نوڪر کي وٺي مهمانن واري جاءِ ۾ آيو، ۽ جن ماڻهن کي سڏيو ويو هو، ۽ جي اٽڪل ٽيهہ ڄڻا هئا، تن مان انهن کي تمام مٿانهين جاءِ تي ويهاريائين.
جيئن هو لهندا شهر جي پڇاڙيءَ تائين آيا، تيئن سموئيل سائول کي چيو، تہ پنهنجي نوڪر کي چئُہ تہ اسان جي اڳيان لنگهي اڳتي وڃي (۽ هو لنگهي اڳتي ويو)، پر تون هن هنڌ بيهي رهہ تہ آءٌ توکي خدا جو ڪلام ٻڌايان.