× Language Europe Russian Belarusian Ukrainian Polish Serbian Bulgarian Slovakian Czech Romanian Moldovian Azerbaijan Armenian Georgian Albanian Avar Bashkir Tatar Chechen Slovenian Croatian Estonian Latvian Lithuanian Hungarian Finnish Norwegian Swedish Icelandic Greek Macedonian German Bavarian Dutch Danish Welsh Gaelic Irish French Basque Catalan Italian Galacian Romani Bosnian Kabardian North America English South America Spanish Portuguese Guarani Quechuan Aymara Central America Jamaican Nahuatl Kiche Qeqchi Haitian East Asia Chinese Japanese Korean Mongolian Uyghur Hmong Tibetian South East Asia Malaysian Burmese Chin Nepali Cebuano Tagalog Cambodian Thai Indonesian Sundanese Vietnamese Javanese Lao ابان Iu Mien ڪچن لاهو Aceh Balinese Bugis Pampanga Sasak Shan Waray South Asia Hindi Оdia Awadhi Mizo Kannada Malayalam Marathi Gujarati Tamil Telugu Punjabi Kurukh Assamese Maithili Bengali Urdu Sinhala ڊوگري هريانوي ميٽي ڪانڪاڻي Santali Sindhi ڪويا ٿڊو سنسڪرت ديوناگري Adilabad Gondi Ahirani Balochi Bundeli Chhattisgarhi Garhwali Kangri Kumaoni Mewari Munda Sadri Seraiki Shekhawati Sylheti Bagri Bhilali Bodo Braj Tulu Central Asia Kyrgyz Uzbek Tajik Turkmen Kazakhstan ڪراڪلپاڪ Middle East Turkish Hebrew Arabic Persian Kurdish Mazanderani Pashto Coptic Africa Afrikaans Xhosa Zulu Ndebele Sotho Amharic Wolaytta Nigerian Mossi Ika Dinka Kabyle Ewe Swahili Morocco Somalian Shona Madagascar Igbo Lingala Baoule Siswati Tsonga Tswana Gambian Yoruba ڪمبا Kinyarwanda Hausa Chewa Luo Makhuwa ڊيولا Fulfulde ڪلينجين Kikuyu Kikwango Kirundi ڪريو نائجيرين پڊگن Oromo شيلوبا شيوينڊا ٽوئي اُمبنڊو لگبارا لوگورو پولر گسي ماسائي ترڪانه موبا نور شيلڪ تماشق مڪونڊي Bemba Fon Hadiyya Ibibio Kimbundu Kimiiru Lango Liberian Kreyol Lomwe Mende Morisyen Ndau Nyankole Sena Sidamo Soga Songe Sukuma Tarifit Teso Tiv Zande Dagbani Edo Kituba Australia Continent New Zealand Papua New Guinea Old Languages Aramaic Latin Esperanto 1 1 1 Sindhi ١٩٦٢ پوِتر شاستر ٢٠٢٢مقدس ڪلام ٢٠٢٢Common ٢٠٠٩Sindhi ١٩٦٢1 1 1 2 سموئيل پيدائشخروجاوي سرشتوڳاڻاٽوشريعت جو دوريشوعقاضينروٿ1 سموئيل2 سموئيل1 بادشاهہ2 بادشاهہ1 تواريخ2 تواريخعزرانحمياہآسترايوبزبورمثلواعظراڳيسعياہيرمياہزاريونحزقي ايلداني ايلهوسيعيوايلعاموسعبدياہيوناہميڪاہناحومحبقوقصفنياہحجيءَذڪرياہملاڪيءَ--- --- ---متيمرقسلوقايوحنارسولن جا ڪمرومين1 ڪرنٿين2 ڪرنٿينگلتينافسينفلپينڪلسين1 ٿسلونيڪين2 ٿسلونيڪين1 تيمٿيس2 تيمٿيسطيطسفليمونعبرانينيعقوب1 پطرس2 پطرس1 يوحنا2 يوحنا3 يوحنايهوداهہمڪاشفو1 1 1 ١٨ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤1 1 1 : ١ ١٢٣٤٥٦٧٨٩١٠١١١٢١٣١٤١٥١٦١٧١٨١٩٢٠٢١٢٢٢٣٢٤٢٥٢٦٢٧٢٨٢٩٣٠٣١٣٢٣٣1 1 1 Sindhi Bible 1962 2 سموئيل ١٨ Save Notes ١ [1]۽ دائود انهن ماڻهن جو شمار ڪيو جي ساڻس هئا، ۽ هزارن جا، ۽ سوَن جا سردار انهن تي مقرر ڪيائين.٢ [2]۽ دائود ٽئين حصي جيترا ماڻهو، يوآب جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا، يوآب جي ڀاءُ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا جاتي اِتيءَ جي هٿ هيٺ اڳي موڪلي ڏنا. ۽ بادشاهہ ماڻهن کي چيو تہ آءٌ پاڻ بہ اوهان سان ضرور هلندس.٣ [3]پر ماڻهن چيو تہ تون اسان سان نہ هلندين: ڇالاءِ جو جي اسين ڀڄي وياسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا؛ يا جي اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا: پر تون اسان جهڙن ڏهن هزارن جو مٽ آهين: تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ تون شهر ۾ رهي اتان اسان ڏي مدد موڪلڻ لاءِ تيار رهج.٤ [4]تڏهن بادشاهہ انهن کي چيو تہ جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن آءٌ ڪندس. پوءِ بادشاهہ دروازي جي پاسي ۾ بيهي رهيو، ۽ سڀ ماڻهو سؤ سؤ ٿي ۽ هزار هزار ٿي لنگهندا ويا.٥ [5]۽ بادشاهہ يوآب، ۽ ابيشيءَ، ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ سان، يعني ابي سلوم سان مروت جي هلت ڪجو. ۽ ابي سلوم جي نسبت ۾ جڏهن بادشاهہ سڀني سردارن کي فهمائش ڏني، تڏهن سڀني ماڻهن ٻڌو.٦ [6]پوءِ ماڻهو اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ نڪري ميدان تي ويا: ۽ افرائيم جي ٻيلي ۾ جنگ لڳي.٧ [7]۽ اتي اسرائيل جي ماڻهن دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي، ۽ انهيءَ ڏينهن تي اتي وڏو ڪوس ٿي گذريو، جو ويهہ هزار ماڻهو مئا.٨ [8]ڇالاءِ جو سڄي ملڪ تي جنگ پکڙجي ويئي: ۽ انهيءَ ڏينهن ترار کان وڌيڪ ٻيلو ماڻهو ڳهي ويو.٩ [9]۽ اتفاق سان ابي سلوم دائود جي ماڻهن جي منهن پئجي ويو. ۽ ابي سلوم پنهنجي خچر تي چڙهيل هو، ۽ هڪڙي وڏي شاهہ بلوط جي وڻ جي ڏارن هيٺ وڃي نڪتو، ۽ سندس مٿو شاهہ بلوط ۾ ڦاسي پيو، ۽ هو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ لٽڪي رهيو؛ ۽ خچر جيڪو سندس هيٺان هو، سو اڳتي هليو ويو.١٠ [10]۽ هڪڙي ماڻهوءَ ڏسي ورتس، ۽ انهيءَ وڃي يوآب کي ٻڌايو ۽ چيائينس تہ ڏس مون ابي سلوم کي هڪڙي شاهہ بلوط ۾ لٽڪندو ڏٺو آهي.١١ [11]۽ يوآب انهيءَ خبر ڏيڻ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ جڏهن تو انهيءَ کي ڏٺو تڏهن ڇو نہ هن کي ڌڪ هڻي ماري زمين تي ڪيرائي وڌءِ؟ ۽ آءٌ جيڪر توکي ڏهہ چانديءَ جا سڪا، ۽ هڪڙو ڪمربند ڏيان ها.١٢ [12]۽ انهيءَ ماڻهو يوآب کي چيو تہ مون کي کڻي هزار چانديءَ جا سڪا هٿ ۾ ملن ها تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ هلايان ها: ڇالاءِ جو اسان جي ٻڌندي بادشاهہ توکي، ۽ ابيشيءَ کي، ۽ اِتيءَ کي، تاڪيد ڪري چيو هو تہ خبردار رهجو متان انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي ڪوبہ هٿ لائي.١٣ [13]نہ تہ جيڪڏهن آءٌ هن جي جان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪا بي ايمانيءَ جي هلت ڪريان ها، (۽ ڪابہ ڳالهہ بادشاهہ کان لڪل نہ ٿي رهي) تہ جيڪر تون پاڻ پري ٿي بيهين ها.١٤ [14]تڏهن يوآب چيو تہ انهيءَ طرح آءٌ تو وٽ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان. ۽ هن ٽي تير هٿ ۾ کڻي ابي سلوم جي دل مان لنگهائي وڌا، جڏهن اڃا هو جيئرو جاڳندو شاهہ بلوط جي وچ ۾ هو.١٥ [15]۽ ڏهہ جوان ماڻهو، جي يوآب جا زرهہ بردار هئا، سي ابي سلوم کي چوڌاري ڦري آيا، ۽ کيس ماري وڌائون.١٦ [16]پوءِ يوآب قرناءِ وڄائي ۽ ماڻهو جي اسرائيل جي پٺيان ويا هئا، سي موٽي آيا: ڇالاءِ جو يوآب ماڻهن کي روڪي ڇڏيو.١٧ [17]۽ هنن ابي سلوم کي کنيو ۽ ٻيلي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ کڏ ۾ اُڇلائي وڌائونس، ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون: ۽ سڀ اسرائيلي ڀڄي پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي ويا.١٨ [18]هاڻي ابي سلوم پنهنجي جيئري هڪڙو ٿنڀ، جو بادشاهہ جي واديءَ ۾ آهي، پنهنجي لاءِ کڙو ڪيو هو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ مون کي ڪو پٽ ڪونهي جو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي: ۽ انهيءَ ٿنڀ تي هن پنهنجو نالو رکيو: ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ابي سلوم جي يادگار سڏبو آهي.١٩ [19]تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض چيو تہ هاڻي مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي بادشاهہ کي خبر ڏيان تہ ڪيئن خداوند سندس دشمنن کان وير ورتو آهي.٢٠ [20]۽ يوآب هن کي چيو تہ اڄ تون اها خبر نہ کڻي وڃ، پر ڪنهن ٻئي ڏينهن اها کڻي وڃجانءِ، اڄ هن ڪري خبر نہ کڻي وڃ جو بادشاهہ جو پٽ مري ويو آهي.٢١ [21]تڏهن يوآب ڪوشيءَ کي چيو تہ جيڪي تو ڏٺو آهي سو وڃي بادشاهہ کي ٻڌاءِ. ۽ ڪوشي يوآب کي سجدو ڪري اُٿي ڀڳو.٢٢ [22]تڏهن صدوق جي پٽ اخيمعض وري بہ يوآب کي چيو تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي تہ بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ بہ انهيءَ ڪوشيءَ جي پٺيان ڊوڙي وڃان. ۽ يوآب چيو تہ اي منهنجا پٽ جڏهن تون ڏسين ٿو، تہ انهيءَ خبر ڏيڻ لاءِ توکي ڪوبہ انعام نہ ملندو تڏهن ڇو ٿو وڃين؟٢٣ [23]پر هن چيو تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي تہ بہ آءٌ ويندس. ۽ هن چيس تہ ڊوڙي وڃ. تڏهن اخيمعض ميدان وارو رستو ڏئي اُٿي ڀڳو ۽ انهيءَ ڪوشيءَ کان اڳي نڪري ويو.٢٤ [24]هاڻي دائود ٻن درن جي وچ ۾ ويٺو هو: ۽ پهري وارو دروازي جي ڇت تي چڙهي ڀت تائين ويو، ۽ اکيون مٿي کڻي نهاري ڏسي تہ هڪڙو ماڻهو اڪيلو ڊوڙي پيو اچي.٢٥ [25]۽ پهري واري رڙ ڪري بادشاهہ کي ٻڌايو، ۽ بادشاهہ چيو تہ جي اهو اڪيلو آهي تہ سندس وات ۾ خبر آهي، ۽ هو تکو ڊوڙندو آيو ۽ اچي ويجهو پيو.٢٦ [26]۽ پهري واري ٻئي ماڻهو کي بہ ڊوڙندو ايندو ڏٺو: ۽ پهري واري دربان کي سڏي چيو تہ ڏس ٻيو ماڻهو بہ اڪيلو ڊوڙندو اچي. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو بہ خبر ٿو آڻي.٢٧ [27]۽ پهري واري چيو تہ منهنجي خيال ۾ جيڪو اڳي ڊوڙندو اچي سو صدوق جي پٽ اخيمعض جهڙو ٿو ڊوڙي، ۽ بادشاهہ چيو تہ اهو چڱو ماڻهو آهي، ۽ چڱي خبر ٿو آڻي.٢٨ [28]۽ اخيمعض وڏي سڏ بادشاهہ کي چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. ۽ هن منهن زمين تي رکي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند تنهنجو خدا برڪت وارو هجي، جو جن ماڻهن منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کنيو تن کي هن اسان جي حوالي ڪيو آهي.٢٩ [29]تڏهن بادشاهہ چيو تہ اُهو جوان ماڻهو ابي سلوم تہ سلامت آهي؟ ۽ اخيمعض ورندي ڏني تہ جڏهن يوآب بادشاهہ جي ٻانهي کي، يعني مون تنهنجي ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا جو هو.٣٠ [30]۽ بادشاهہ چيو تہ پاسي ٿي هيڏي بيهي رهہ. ۽ هو ماٺ ڪري پاسي تي بيهي رهيو.٣١ [31]۽ ڏس، اُهو ڪوشي آيو؛ ۽ ڪوشيءَ چيو تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي لاءِ خبر: ڇالاءِ جو خداوند اڄوڪي ڏينهن تنهنجو وير سڀني ماڻهن کان ورتو آهي جن تنهنجي برخلاف ڪمر ٻڌي هئي.٣٢ [32]۽ بادشاهہ ڪوشيءَ کي چيو تہ جوان ماڻهو ابي سلوم سان تہ خير آهي؟ ۽ ڪوشيءَ ورندي ڏني تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جا دشمن، ۽ جي توکي ايذاءُ رسائڻ لاءِ تنهنجي برخلاف کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهي جوان ماڻهو جو ٿيو آهي.٣٣ [33]تڏهن بادشاهہ ڏاڍو بي آرام ٿيو، ۽ دروازي جي مٿان جا جاءِ هئي تنهن ۾ وڃي روئڻ لڳو: ۽ ويندي هيئن چوندو ويو تہ اي منهنجا پٽ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ ابي سلوم، شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!Sindhi Bible 1962 Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962 Sindhi Bible 1962 2 سموئيل ١٨ 00:00:00 00:00:00 0.5x 2.0x https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/2samuel/018.mp3 24 18